مگسي
سينيئر رڪن
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
ستي ساھ جاڳي ، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين سان سوين قافلا ، رهگزر ۾،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سک جون باراتون،
جڏهن موٽ کائون،سوين ساز آهيون،
سوين چنڊ چاهيون ، ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄوجڳمڳايون،
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون ، پرين،
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.
ستي ساھ جاڳي ، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين سان سوين قافلا ، رهگزر ۾،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سک جون باراتون،
جڏهن موٽ کائون،سوين ساز آهيون،
سوين چنڊ چاهيون ، ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄوجڳمڳايون،
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون ، پرين،
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.