مست
سينيئر رڪن
ڪاڪو آچار سائين پنهنجي ٻنيءَ جي معائيني لاءِ نڪتو۔۔۔
اڳئين ڳوٺ وٽان لنگهيو ته ڏسي۔۔۔ ماڻهن جو ميڙ لڳو پيو آهي هڪ ٻٻر جي وڻ هيٺان۔۔
ڪاڪو آچار وڏيون ٻرانگهون ڀري، وڃين خلق وٽ پهتو۔۔۔ ڪاڪو آچار ڏاڍي تجسس سان پڇڻ لڳو۔۔۔ ڏيو خبر بابا خير ته آهي ڀلا۔۔۔ ايڏو ميڙ ڪري بيٺا آهيو۔۔۔
هڪ ماڻهو چيس ڪاڪا خير ڪاٿي۔۔۔ هو مٿي ته ڏس، هو مٿي ڇوڪرو ٻٻر جي وڻ تي چڙهي ويو آهي لهي ڪونه ٿو سگهي، تون ئي ڀلا ڪا صلاح ڏي۔
ڪاڪو آچار اچرج ۾ اچي ويو، اي ڀلا هي ڇوڪرو چڙهيو ڪيئن مٿي؟؟
ڪاڪا هي ٻڪرين لاءِ پلڙا لاهڻ لاءِ مٿي چڙهي ويو۔۔۔۔
ڪاڪي صورت حال جو معائنو ڪيو، چڱو، هاڻي هيئن ڪريو ته هڪ رسو کڻي اچو۔
حڪم جي تعميل ٿي،
ڪاڪي چيو انهيِءَ جو هڪڙو ڇيڙو ڇوڪري کي اڇلائي ڏيو۔۔۔
وري به ڪاڪي جي حڪم جي تعميل ڪئي وئي،
ڪاڪي آچار ڇوڪري کي چيو، ڇورا هاڻي ٻڌ انهيءَ رسي کي چيلهه سان،
ڇوڪري چيلهه سان رسي کي ٻڌيو، ڪاڪي چيو، هاڻي ڇڪيو رسي کي،
ماڻهن جو رسي کي ڇڪڻ، ڇوڪرو اچي پٽ تي ڪري پيو۔۔۔
ماڻهن ڏٺو هن جو ته ساهه ئي پرواز ٿي ويو۔۔۔ سڀ ڪاڪي آچار کي ڦري آيا۔۔ ڪاڪا هي ڇا۔۔۔؟ همراهه ته موڪلائي ويو۔۔۔
ڪاڪي آچار چيو ته....
...
..
ابا۔۔۔ هن ڇوڪري جا ته ڏينهن پورا هئا نه ته اسان ته ايئن سوين ماڻهو کونهن مان ڪڍيا۔۔۔۔
hall charihatt-parekhil sahisindhsalamatsaathsal