لڳي شرط...

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    هڪ سپاهي شرط لڳائڻ ۽ حيرت انگيز طور هميشه کٽي وڃڻ ۾ ماهر طور مشهور هو۔۔ ان ڪري ماڻهون ان سان شرط لڳائيندي گهٻرائيندا هئا۔۔ هڪ دفعي ان جي پوسٽنگ ڪنهن ٻي ونگ ۾ ٿي وئي۔۔۔ نئين ونگ ڪمانڊر کي پراڻي ونگ ڪمانڊر ٽيليفون ڪري ٻڌايو ته هن سپاهي کان بچي ۽ ڪا شرط نه لڳائي۔۔۔۔
    نئين ونگ ڪمانڊر کي تجسس ٿيو ته هن سپاهي کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۔۔۔ اچڻ تي نئين ڪمانڊر کائنس پڇيو۔۔ ”ٻڌو اٿم ته تون شرط لڳائي هر دفعا کٽي وڃڻ جو ماهر آهين۔۔۔ “
    سپاهي جواب ڏنو ته ۔۔”سائين بس تقدير جي مهرباني هوندي آهي نه ته اهڙي ڳالهه ناهي۔۔۔ جيئن مان هن مهل شرط ٿو لڳايان ته توهان جي چيلهه تي تر آهي۔۔۔ “
    ونگ ڪمانڊر چيو۔۔۔ ”تون غلط ٿو چوين منهنجي چيلهه تي ڪوبه تر ڪونهي۔۔ “
    سپاهي چيو۔۔۔ ”لڳي 500 روپين جي شرط۔۔۔ سر توهان شرٽ لاهيو مان ڏيکاريندس ۔۔ جيڪڏهن توهان جي چيلهه تي تر نه هوندو ته مان هن ئي وقت توهان کي 500 روپيا ڏيندس۔۔۔“
    ونگ ڪمانڊر کي جيئن ته پڪ هئي ته سندس چيلهه تي ڪوبه تر موجود نه آهي ان ڪري ان شرٽ لاهي کيس ڏاڍي فخريا انداز سان ڏيکاريو۔۔۔
    سپاهي کيسي مان 500 روپيا ڪڍي آفيسر جي ميز تي رکيا ۽ چيائين۔۔۔”سر ڏٺوَ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته مان هر وقت شرط کٽندو هجان۔۔۔“
    سپاهي جي وڃڻ کان پوءِ نئين ڪمانڊر وڏي رعب سان پراڻي ڪمانڊر کي فون ڪئي ۽ ان کي سموري ڳالهه ٻڌائي۔۔ ان جي ڳالهه ٻڌي پراڻي ونگ ڪمانڊر چيو۔۔۔ ”يار مارائي ڇڏيئي۔۔ “
    نئين ڪمانڊر پڇيو ۔۔۔”ڇو۔۔۔“
    تنهن تي پراڻي ڪمانڊر چيو۔۔۔ ”ڇو ته سپاهي مون سان 1000 روپين جي شرط لڳائي هئي ته ويندي ئي نئين ڪمانڊر جي شرٽ لهارائي ڇڏيندس۔۔۔۔“
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه واه سپاهي تهنجي ذهانت خير اهو فوجي ڪيترو به زهين ڇو نه هجي پر چوندا آهين ته فوجي هوندا اڌ مغضي آهين سو ڪڏنهن ڪو پيو کٽي ڪڏنهن ڪو پيو کٽي شرطون ههههههههههههههههه
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هههههههههههههه هل ڙي شرطي ٻچا تنهجي شرط!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔ يار ڪا پنهنجي وارتا ته ڪونه پيو ٻڌائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    پنهنجي آتم ڪٿا ته ڪانهي!
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    نه ادا ذيشآن ايترو سياڻو ڪٿي آهي جو اهڙآ ڪم ڪري ۔۔۔ هو پاڻ آفيسر سامهون گنجي ۾ ويندو آهي هههههههههههههههههههههههههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو