هڪ ڏينهن ڪاڪي آچار جي زال ڪپڙا ڌوئڻ ۾ مصروف هئي. وٽس هڪ صابڻ جي ٽڪي هئي جنهن سان هو ڪاڪي جا گدلا ۽ ميرا ڪپڙا صاف ڪرڻ چاهيندي هئي. اڱڻ ۾ دڪي تي ويٺل ڪانءُ جي نظر صابڻ جي ٽڪي تي پئجي وئي، هو جهٽ پٽ اُڏامندو آيو ۽ صابڻ جي ٽڪي کڻي ويو، ڪاڪي جي زال وسندي رڙيون ڪندي رهي پر ڪانءُ ته پنهنجو ڪم ڪري هليو ويو هو.ڪاڪو آچار، جيڪو ڀرسان کٽ تي ويهي ڪري حقو ڇڪي رهيو هو،وسندي کي چيائين، ”ڀاڳڀري! خير آ جي ڪانوو صابڻ کڻي ويو ته ڪا ڳالهه ڪانهي شودو ڪانءُ اسانکان به وڌيڪ ڪارو آهي. هن کي اسان کان وڌيڪ صابڻ جي ضرورت آهي.هههههههههههههههه هل ڙي ڪاڪا تهنجي سوچ کي سلام آ