هڪ مڇر جنهن کي اڃان ڏاڙهي مُڇون ڪونه هيون پهريون ڀيرو دهشتگردي ڪرڻ لاءِ گهران نڪتو ۽ ڪيتريون کي کٽون فتح ڪندي جڏهن واپس مڇر هائوس پهتو ته شهپري مڇر پڇيو، ”ڏي حال احوال! ڪيئن گذري؟ چيائين، ”ادا ڪجهه نه پڇ، اڄ رات تمام مزو آيو. مونکي ڏسي ايتريون حسين عورتون هنڌ ۾ تاڙيون وڄائينديون رهيون.“