امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح ۽ نيشنلزم ۽ ڪميونزم بابت افڪار افسوس جو مقام اهو آهي ته نيشنلزم يا قوميت کي ڪفر قرار ڏيڻ وارا قرآن جي منشاء تي توجه نٿا ڏين . هن ئي ڪري جهڙي نموني ٻين الاقواميت يا انٽر نيشنلزم فطرت جي مطابق آهي ، اهڙي نموني نيشنلزم يا قوميت به عين فطرت آهي ، هڪ کي ڪفر قرار ڏيڻ ۽ ٻئي کي ايمان چوڻ اهو ڪٿي جو انصاف آهي ، حالانڪه اهڙو نيشنلزم جيڪو ”دين جي انڪار“ تي مبني ( ڄڙيل) نه هجي ، اهو اسلام جي خلاف نه آهي ۽ اهڙو نيشنلزم جيڪو ”خدا يا ايمان“ جي ” نفي “ تي مبني (ڄڙيل) هجي ، اهو ” ڪفر“ آهي . جيڪر سرمايه داري ۽ اسلام گڏ ٿي سگهن ٿا ۽ اڄ تائين مسلمان (اڳواڻ ۽ حڪمران) هن کي گڏ کڻي اچن پيا ، ته پوءِ اهڙي نموني نيشنلزم ۽ اسلام به گڏ ٿي سگهن ٿا ۽ سوشلزم ۽ اسلام به گڏ ٿي سگهن ٿا ، جيسيتائين ان جي ته (اوناهي) ۾ انڪار خدا يا دهريت ۽ ايمان جي نفي موجود نه هجي، مسلم ( حڪمران) جهڙي نموني ملوڪيت ۽ سرمايه داري ۽ ڊڪٽيٽرشپ جهڙن لعنتن کي اپنائي رکيو آهي ۽ ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ئي نٿا ٿين ، ان هوندي جو اهڙن نظامن جون خرابيون ، تباهيون ۽ مفسداتن کي به چڱي ريت ڄاڻن ٿا ۽ بصورت موت يا هلاڪت جي ان کي ڇڏڻ لاءِ آماده نٿا ٿين . شاه ولي الله رح فرمائن ٿا: ”ڪالمخنث يعلم ان الخنوثة اسواء حالات الانسان ولاڪن لايستطيع الافراغ عنها“. ترجمو: جئين مخنث ( هيجڙو) چڱي ريت ڄاڻندو آهي ته هيڄڙائپ انسانن لاءِ نهايت بدترين حالت آهي، پر اهو ان کي ڇڏي نٿو سگهي “. ( حجة الله البالغه ص 34 _ باب اختلاف الناس في البرزخ) پهريان به مسلمان (حڪمران) جي حالت اها رهي ۽ اڄ به اهائي آهي . اشتراڪيت (ڪميونزم) اصل ۾ غير فطري ۽ نامڪمل نظام آهي جيڪا پنهنجي عبوري ۽ تجرباتي دور ۾ ئي ناڪامي ڏانهن موٽ کاڌي ، ان جو آئيندو به ڪو روشن نه آهي ، بلڪه اونڌائون آهي ، اهڙي نموني قوميت ۽ وطنيت جيڪا ايمان سان گڏ هجي اها اسلام ۾ جائز آهي ، ملوڪيت ۽ ڊڪٽيٽرشپ کي به مسلمان (حڪمرانن) گڏ ڪيو ، ته نيشنلزم ۽ وطنيت ڪيئن ٿي ڪفر بڻجي سگهي ، فلسفو لاڳو ڪرڻ ۽ وڏا وڏا مضمون لکڻ مستشرقينن جي عبارتن کي يقيني علم سمجهڻ وارا جڏهن علماءِ حق ۽ اهل علم مان جيڪر ڪا ڳالھ ڪن ته ان کي ڪفر ۽ ضلالت سان تعبير ڪن ٿا سو ڪٿان جو انصاف آهي ......... اشتراڪيت (ڪميونزم) هڪ نامڪمل تحريڪ آهي. هن دور ۾ اها هڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي ، مولانا عبيدالله سنڌي رح هن تحريڪ کي نامڪمل سمجهندا هئا ، مولانا عبيدالله سنڌي رح ويجهي انسان محض معاشي حيوان نه آهي . اشتراڪيت ( ڪميونزم) جي خارجي زندگي جي تنظيم ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي ، پر انسان جي معنوي زندگي به آهي ، بي شڪ اسلام ۽ اشتراڪيت ( ڪميونزم ) بين الاقوامي تحريڪون آهن ، ٻنهن جو پيغام هر انسان لاءِ آهن ۽ ٻئي انقلابي آهن ، پر ٻنهن ۾ فرق اهو آهي ته اشتراڪيت (ڪميونزم) رڳو معاشي زندگي تي ڀاڙي ٿو . اسلام معاشي زندگي جو انڪار نٿو ڪري پر اهو زندگي کي محض معاشي دائري ۾ محدود نٿو سمجهي ،هن جي ويجهي زندگي دائمي هجڻ گهري ٿي۽ هن دنيا ۾ ئي ختم نه ٿي ٿئي ، اهو فرق به ڪو معمولي فرق نه آهي . ترتيب وتزئين: افتخار علي چوهاڻ افادات: مولانا عبدالحميد سواتي رح ڪتاب: مولانا عبيدالله سنڌي رح ڪي علوم وافڪار
ادا افتخار صاحب اسلام عليڪم۔ بيشڪ اسلام هر ان عمل کي بهتر چيو آهي جنهن سان انسانن جي بهتري ٿيندي هجئي۔اڳين نبين۽ رسول سڳورا ڪنهن خاص قوم يا جاگرافي لحاظ کان ڪنهن خاص خطي جي ماڻهون جي فلاح ؤ بهبود لاء مبعوث ڪيا ويا هئا،جڏهن ته اسان جو پيارو نبي (صلي الله عليه وسلم )جن سڄي دنيا جي لاء رحمت لله العلمين ڪري مبعوث ڪيا ويا هئا۔ انهڪري اسلام ۾ وطنيت جي ايڏي گهڻي پرچار نه ڪئي ويئي آهي۔ هڪ بهترين ۽ وڏي رمز سان ڀريل ٻن اعلئ بزرگن ؤ ڏاهن جو ليک هت ونڍ ڪرڻ تي اوهان جون مهربانيون۔ توهان جو هر مضمون الله پاڪ جي مهرباني سان تمام جامع ۽ معلومات سان ڀريل هوندو آهي ۽ اسان جي معلومات ۾ اضعافي جو سبب ٿيندا آهن ،توهانجون مهربانيون۔
اهڙي نموني قوميت ۽ وطنيت جيڪا ايمان سان گڏ هجي اها اسلام ۾ جائز آهي بلڪل سائين سائين سنڌي صاحب جو عمده فڪر۔۔