اڇو اڇي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2012۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڪارو ڪاري جي رسم جي خاتمي لاءِ حڪومت،ميڊيا،۽ اين جي اوز جو پهريون قدم ئي غلط آهي.سڀ کان پهريائين ته جنهن ڳاله يا رسم کي ختم ڪرڻو هجي ته ان جي تذڪري کي ئي ختم ڪيو وڃي.ڇا اهو ممڪن آهي ته قتل جھڙي ڀيانڪ جرم جو تذڪرو ئي نه ڪجي؟ نه اهو ممڪن ناهي پر ان جي خاتمي جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اهو ته ضروري آهي ته پهريون قدم صحيح سمت ۾ کنيو وڃي سو اهو آهي ته ڪنهن به قتل کي ڪنهن جي به طرفان پر خاص طورپرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا طرفان ڪارو ڪاري جو ڪارڻ ٻڌائي پيش نه ڪيو وڃي.ان جو سبب اهو آهي ته قاتل جي نيت خبر ناهي ڪهڙي هئي پر هن قتل جو هڪڙو جواز پيش ڪيو آهي،تنهنڪري بنا ڪنهن تحقيق جي ڪنهن به قتل کي ڪارو ڪاري جو نالو ڏيڻ حقيقت ۾ قاتل جي جواز کي قبول ڪرڻ جي برابر آهي. ڪو به شخص ٻئي ڪنهن کي پر خاص طورتي ڪنهن پنهجي کي حقيقت ۾ ڪارو يا ڪاري سمجھي ٿو ته ان کي کپي ته پهريائين ان کي اڇو يا اڇي ڪري پوءِ قتل ڪري ،ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ جي قتل ڪيا ويا ته هميشه لاءِ ڪارا ٿي ويندا.پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڇي يا اڇِي کي قتل ڪري سگھجي ٿو ان جو جواب يقينن نفي ۾ آهي.
    اسان جي شڪايت ڌارين سان آهي ته اهي اسان کي مارين ٿا سڀ کان پهريائين اهو ضروري آهي ته اسين پنهجو پاڻ کي مارڻ جي سلسلي کي ختم ڪريون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اوهان جو نقطه نظر آهي، هر ڪو الڳ زاوين سان سوچي ٿو، جنهن جو اسين احترام ڪريون ٿا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو