دهرتي جو غدار نه گهرجي

اياز احمد سومرو

سينيئر رڪن
هي بي غرت دلالي ڙي !
ڪرسي جو پوجاري آ
۽ ڏوهارين جو ساٿاري آ ،
هي سنڌ ورهائڻ چاهي ٿو
پنهنجا ماڳ کپائڻ چاهي ٿو،
هي مارئي به ملير به ڏيندو،
ماءُ مٺي جو کير به ڏيندو،
وارو ڪر ڙي وارو ڪر
کڻ دانگي هن جو منهن ڪارو ڪر!
اهڙو مونکي ٻار نه گهرجي ،
دهرتي جو غدار نه گهرجي
 
Back
Top