آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ اياز احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2012۔

  1. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    نظم
    آسي زميني

    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.
    ...

    منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ،
    مونکي هڪڙي ڳالهه ڏَسي وڃ،
    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ،

    هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو،
    هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو،
    ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو،
    پنهنجن تي نشان هڻي وڃ،
    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ،

    ليڙون لوئي، ڦاٽل چولو،
    انگ اگهاڙي ڪنهن جي ڄائي،
    غيرن آڏو جهول جهلي پيئي،
    پنهنجيءَ کي خيرات ڏيئي وڃ.
    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.

    نيراني ۽ پير اگهاڙي،
    نٽهڻ اُسَ ۾ هَر هلائي،
    ڪاري ڳڙ سان سُڪل ڀورا ،
    هڪڙو ويلو تون به چکي وڃ!
    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.

    آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو
    سائي ڪڇي ٿي، سائي لڇي ٿي،
    پوءِ ڇو ڪافر دهريو سڏجان،
    آسيءَ کان پنهنجي ڏات کسي وڃ!
    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو