حاڪمِ شهر اعلان ڪرايو ته سڀئي شادي شده مرد ٻن قطارن ۾ بيهن ۔۔۔ هڪ قطار ۾ اهي جيڪي پنهنجي زالن کان ڊڄندا آهن ۽ ٻي قطار ۾ اهي جيڪي پنهنجي زالن کان ڪونه ڊڄن۔۔۔زالن کان ڊڄندڙن جي قطار ڊگهي هئي۔۔ جڏهن ته زال کان نه ڊڄندڙن ۾ صرف هڪ ماڻهون بيٺل هو۔۔۔
حاڪم ان شخص وٽ آيو ۽ ان کي شاباش ڏنائين ۽ پڇائين ته ۔۔”توهان ڪيئن ٿا سمجهو ته توهان پنهنجي زال کان نه ٿا ڊڄو۔۔؟“
همراهه جواب ڏنو ۔۔۔ ”اها ته خبر ناهي ۔۔۔ پر زال چئي وئي هئي ته هن قطار ۾ بيهجان۔۔۔“