سنڌي ڪمپيوٽنگ جي تاريخ... عبدالماجد ڀرڳڙي..

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه وقت اڳ سنڌ سلامت جي ٽيم کي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن ملاقات جو شرف بخشيو هو۔۔۔ ان جو تفصيل پڻ سنڌ سلامت تي پيش ڪيو ويو هو۔۔۔ ان ملاقات ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن سنڌي ڪمپيوٽنگ جو مڪمل تفصيل ٻڌايو هو ته کين سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي بين الاقوامي معيار مطابق پيش ڪرڻ ۾ ڪيتريون تڪليفون ۽ مونجهارا ڏسڻا پيا هيا۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ سائين اهو مڪمل تفصيل هڪ دفعو ٻيهر لکت جي صورت ۾ پڻ پيش ڪيو۔۔۔ جو ڪجهه ماڻهون سنڌي ڪمپيوٽنگ جي تاريخ کي درست ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا هيا۔۔۔ ان سلسلي ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن مڪمل تفصيل سان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بنياد جو ذڪر لکيو۔۔۔
    دوستن جي معلومات ۾ اضافي ۽ ڳالهين کي درست طريقي سان سمجهڻ خاطر سائين عبدالماجد ڀرڳڙي طرفان لکيل بيان پيش ڪجي ٿو ۔۔۔ ياد رهي ته هي آرٽيڪل سنڌي ڪمپيوٽنگ جي فيس بوڪ پيج تي محترم عبدالعزيز منڱريو جن پڻ پوسٽ ڪيو آهي۔۔۔
    *************
    سخاوت علي صاحب هڪ ڪمينٽ ڏنو جنهن مان مون کي احساس ٿيو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽‌ ان جي تاريخ جي باري ۾ ڪجھ ذهنن ۾‌ڪي غلطفهميون آهن. تنهنڪري مناسب ڄاتم ته انهن جي ازالي لاءِ کيس ڪجھ لکي موڪليان. سندس ڪمينٽ يا تبصرو ۽‌ منهنجو جواب هيٺ لکيل آهن سي توهان ڏانهن به موڪليان ٿو جو ان موضوع سان توهان جي به دلچسپي رهي آهي. جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ ان معاملي ۾ دلچسپي رکندڙ ٻيا ڪي دوست به آهن ته مناسبت آهر انهن سان به هي شيئر ڪري سگھو ٿا.

    عبدالماجد ڀرڳڙي

    سائين منهنجا توهان لکيو آهي:
    سائين ايم بي صاحب جي لاءِ اسان کي عزت آهي سائين ايم بي صاحب ايپل ڪمپيوٽر تي عربي ونڊوز تي پهريون ڪم ڪيو ان کان بعد سائين اياز شاهه سڀ کان پهرين IBM ڪمپيوٽر تي سنڌي متعارف ڪرائي آهي. اها تاريخ آهي. جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي
    توهان بجا فرمايو آهي ته تاريخ ۾ درستگي جي ضرورت آهي. پر اڄ جيڪو معياري سنڌي جو استعمال ونڊوز، ميڪنٽوش، لنڪس ۽ اينڊرائڊ تي ٿي رهيو، انٽرنيٽ ۽‌ ويب تي سنڌي ويبسائيٽون ٺهيل آهن، سنڌي ۾ اي ميل ۽‌ سنيها پيا موڪلجن، سي شاه صاحب جي ڪم جي آڌار تي نه بلڪ جيڪو قدرت ڪم منهنجي هٿان سن ۲۰۰۰ ۾ ڪرايو تنهن جي نتيجي ۾ ممڪن بڻيا. توهان جي پوسٽ مان اهو غلط تاثر ٿو ملي ته اڄ جيڪو ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ٿي رهيو آهي، سو اياز شاه صاحب جي ڪيل ڪم جي ڪري آهي.
    مون ۱۹۸۷، ۱۹۸۸ ۾ ايپل جي مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي عربي آپريٽنگ سسٽم کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ پوري سسٽم ۾‌سنڌي جو استعمال ممڪن بڻيو. ۱۹۹۰ ۾ مان روزگار جي ڳولا ۾‌ آمريڪا هليو ويس جو انڪم ٽيڪس کاتي جي نوڪري ۾ مون جهڙي انسان جو گذارو نه پئي ٿيو. ميڪنٽوش ڪمپيوٽر مهانگا ٿي ويا، نون ماڊلز تي سپورٽ ڪانه هئي، مائڪروسافٽ ونڊوز ۹۵ ۾ عربي لاءِ بهتر سپورٽ هئي، اياز شاه صاحب مون واري ميڪنٽوش واري حل کي ونڊوز ۾ ورڊ ۾ استعمال لاءِ امپليمينٽ ڪيو جنهن کان پوءِ ونڊوز ۾ سنڌي جو استعمال ممڪن بڻيو. پر اهو صرف ورڊ تائين محدود هو ۽‌ جيئن ته ڪنهن بين الاقوامي معيار جي آڌار تي نه هو، تنهنڪري ان جو استعمال انٽرنيٽ ۽‌ ويب وغيره تي هرگز ممڪن ڪونه هو.
    اياز شاه صاحب ۱۹۹۹ ۾ مون سان رابطو ڪيو تڏهن مان، انڪم ٽيڪس کاتي ۾ پنهنجي موڪل ختم ٿيڻ تي چند مهينن لاءِ نوڪري جوائن ڪئي هئي جنهن کان پوءِ استعيفا ڏئي سن ۲۰۰۰ ۾ وري آمريڪا موٽي ويس. شاه صاحب مون کي چيو ته سائين هاڻي يونيڪوڊ اچي ويو آهي، تنهنڪري بجائي عربي ۾ جڳاڙ ڪري سنڌي استعمال ڪرڻ جي اسان کي معياري سنڌي فونٽ ٺاهي، باقاعدي طريقي سان ڪمپيوٽر تي سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائجي. مون کي ٻڌايائين ته هن يونيڪوڊ جي آڌار تي سنڌي فونٽ ٺاهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي آهي پر کيس ان ۾ ڪاميابي ٿي ڪانه سگھي آهي. مون کي چيائين ته سائين توهان واحد شخص آهيو جيڪي هن ڪم کي سمجھو ٿا ۽‌ ڪري سگھو ٿا سو توهان ان کي هٿ ۾ کڻو ۽‌ ڪيو. ايئن شاه صاحب مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي جي ڪمپيوٽر تي ترويج، هن ڀيري بين الاقوامي ڪمپيوٽر اسٽينڊرڊ يا معيار جي آڌار تي، جي لاءِ آماده ڪيو. پر جيئن شاه صاحب مون واري ايپل جي حل کي پي سي تي آندو هو، هن نئين ڪم جي پراڻي ڪم سان نه ڪا نسبت هئي ۽ نه ئي ان جي آڌار يا بنياد تي هو. هي بالڪل نئون ڪم هو جنهن ذريعي معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد پوڻو هو ته جيئن ان جو استعمال رڳو اخبارن ۽‌ رسالن وغيره جي ڪمپوزنگ تائين محدود نه رهي بلڪه ٻين ترقي يافته ٻولين جيان انٽرنيٽ، ويب ۽‌ ڪمپيوٽر جي هر طرح استعمال لاءِ مهيا ٿئي. شاه صاحب ايئن مون کي ان ڪم لاءِ آماده ڪيو ۽‌ اهي ڳالهيون مان سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ ٿيل سيمينار ۾ اياز شاه صاحب جي موجودگي ۾ به ڪيون.
    ۲۰۰۰ ۾ آمريڪا واپس وڃي مون يونيڪوڊ معيار ۽‌ اوپن ٽائپ ٽيڪنالاجي جي گهري اڀياس کان پوءِ پهريون معياري سنڌي فونٽ ترتيب ڏنو جنهن جي آڌار ۽ بنياد ته تقريبن اهي سڀ سنڌي فونٽ ٺهيا جيڪي اڄ سنڌي لاءِ استعمال ٿين پيا. پر صرف فونٽ ٺاهڻ سان اسان جو مسئلو حل ڪونه ٿيو. ونڊوز ۾ عربي فارسي کي سپورٽ هئي، ۽ انهن ۾ جڳاڙ ڪري سنڌي (جنهن ۾ اکرن جون شڪليون ۽‌ نقطا ڌار ڪري اهو ممڪن بڻايو ويو هو) سو ته ممڪن هو، پر معياري سنڌي جو استعمال ممڪن نه ڇو جو ٻولي جي حيثيت ۾ سنڌي جي ونڊوز ۾ استعمال جي سهوليت ڪانه هُئي. اها هڪڙي تمام وڏي رڪاوٽ هئي. پر قدرت جا ڪم به نرالا هوندا آهن. مون مائڪروسافٽ وارن سان رابطو ڪيو ته منهنجو سنڌي فونٽ ونڊوز ۾ صحيح استعمال نه پيو ٿئي، ٻڌايو ته مون ان جي ٺاهڻ ۾ ڪهڙي غلطي ڪئي آهي؟ ونڊوز ۾ مختلف ٻولين جي ترويج ڪرڻ‌ جي شعبي جي انچارج مون کي لکي موڪليو ته توهان فونٽ بالڪل صحيح ٺاهيو آهي پر دراصل ونڊوز ۾ اسان اڃا تائين سنڌي ۽‌ ٻين گھڻين ئي ٻولين لاءِ سپورٽ شامل ڪانه ڪئي آهي، جڏهن شامل ڪئي وئي ته پوءِ انهي فونٽ ۽‌ سنڌي جو استعمال ممڪن ٿيندو.
    آمريڪا ۾ منهنجي مستقل رهائش ۱۹۹۰ کان انهيءَ شهر ۾ هئي جتي مائڪروسافٽ جو هيڊڪوارٽر هو. ايئن مون لاءِ انهن سان روبرو ملاقات ممڪن ٿي ۽‌ جڏهن ان صاحب سنڌي واري معاملي ۾ منهنجي حد کان وڌيل دلچسپي ڏٺي، ۽‌ منهنجي تيستائين ٿيل ڪم مان واقف ٿيو، ته پوءِ هو انهيءَ ڳالھ لاءِ آماده ٿيو ته حالانڪ مائڪروسافٽ آفيشلي اڃا سنڌي کي ونڊوز ۾ سپورٽ ڪانه ٿي ڪري، پر پوءِ به هو ان ۾‌ذاتي دلچسپي وٺي، ونڊوز جي سسٽم ۾ مناسب تبديليون آڻيندو ته جيئن ان ۾ سنڌي جو استعمال ممڪن بڻجي.
    ايئن منهنجا سائين، مهينن جي ڪوشش بعد، انهن سان مستقل رابطي ۽ اي ميل ۽ روبرو ملاقاتن ذريعي ڪوششن بعد سن ۲۰۰۰ جي آخر ۽ ۲۰۰۱ جي شروعات ۾ معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد پيو، جيڪو ڪم قدرت هن احقر ۽ ناچيز هٿان ڪرايو. هاڻي سوال اٿيو ته ڪيبورڊ ڪيئن ٺاهجي، سنڌي لاءِ انسٽالر ڪيئن ٺاهجي، ونڊوز ۾ سنڌي لاءِ آندل تبديلين کي، جيستائين اهي باقاعده سسٽم جو حصو بڻجن (جيڪو ونڊوز ايڪس پي ۾ ممڪن بڻيو)، سسٽم ۾ ڪيئن شامل ڪجي؟ مائڪروسافٽ کان ان سلسلي ۾ سهائتا وٺندي مون اهي سڀ مرحلا طئي ڪيا ۽‌ ايئن سنڌي انسٽالر وجود ۾ آيو.
    مان جڏهن ۲۰۰۱ جي آخر ۾ آمريڪا مان پاڪستان آيس ته مون کي ان ڪم جي تڪميل ٿيڻ جي بيحد خوشي هُئي ۽‌ مون ايندي ئي اهي احوال شاه صاحب سان اوريا، پر ڏٺم ته شاه صاحب ۾ اهو جوش ۽‌ ولولو رهيو ئي ڪونه هو. حقيقت اها هئي ته مون ان معاملي کي قومي ڪم ڪري هٿ ۾ کنيو هو جڏهن ته مون کي احساس ٿيو ته شاه صاحب جي دلچسپي ۾ وڏو عنصر سندس ڪاروباري مصلحتون هيون. هو سنڌ ۾‌ ڇپندڙ سڀني اخبارن جي ڪمپوزنگ جو ڪم مڪمل طرح سنڀاليون ويٺو هو. مون جڏهن ٻڌايو مانس ته مان اهو سنڌي انسٽالر مفت ۾ ورهايان ٿو ته جيئن سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي، گھر گھر ۾ ٿئي، ته شاه صاحب پريشان ٿيندي مون کي چيو: ”سائين توهان ايئن ڪندو ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟“ شاه صاحب جي انهن لفظن مان مون کي سندس سوچ جو اندازو ٿيو. مون چيو مانس، ”شاه صاحب توهان قابل انسان آهيو ۽‌ توهان جي روزگار جو آڌار ان ڳالھ تي ڪونهي ته سنڌي لاءِ ان اهليت ۽ ٽيڪنالاجي کي محدود ڪيو وڃي. هن انٽرنيٽ واري دور ۾ ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آهي ته ان کي عام ڪري هر سنڌي تائين پهچائجي. توهان جهڙن قابل ڪمپيوٽر ماهرن جي ڊمانڊ ۽ گھرج هميشه مارڪيٽ ۾ رهندي بلڪ وڌندي.“ شاه صاحب منهنجي ڳالھ جي جواب ۾ خاموش رهيو پر کيس اها ڳالھ پسند ڪانه آئي. سندس خواهش هُئي ته جيئن هن پي سي تي جُڳاڙي سنڌي جي استعمال کي محدود رکيو هو، تيئن هن معياري سنڌي کي به اهڙي ريت محدود ڪجي ۽‌ ان جي مارڪيٽنگ ڪري ان کي وڪڻجي ۽ ان کي گڏجي مالي منفعت بخش ڪاروبار بڻائجي.
    سندس خيال شايد غلط نه هجي جو ان کان پوءِ اردو لاءِ پاڪستان ڊيٽا مئنيجمينٽ ۽‌ پشتو لاءِ ليوال صاحب اهڙا انسٽالر پيڪيج ڪري سون ڊالرن (اردو وارو ۳۵۰ ۽ پشتو وارو ۷۵۰) ۾ کپايا جيستائين ڪه اردو ۽ پشتو لوڪيل ونڊو ۾‌شامل نه ڪيا ويا. پر منهنجي سوچ مختلف هُئي (نه هجي ها ته انڪم ٽيڪس جي نوڪري ڇڏڻ جهڙا ”چريائپ“‌وارا ڪم ڇو ڪيان هان، سنڌي ڪمپيوٽنگ جهڙن مالي منافعي کان عاري ڪم ڪيئن منهنجي هٿان تڪميل رسن ها؟). مون کي احساس هو ته سنڌي ٻولي جو سرڪاري سطح تي ڪو والي وارث ڪونهي ۽‌ اها ان لحاظ کان نڌڻڪي آهي ۽‌ باقاعدي طور تي ان جو لوڪيل ونڊوز ۾ شامل ٿيڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا. ۽ ٿيو به ايئن. ٻارهن ورهيه ٿيڻ وارا آهن ۽‌ هاڻي وڃي ڪا اميد ٿي آهي ته ايندڙ ونڊوز ۸ ۾ سنڌي لوڪيل شامل هوندو ۽‌ اسان کي سنڌي استعمال ڪرڻ لاءِ ان کي انسٽالر ذريعي شامل ڪرڻو نه پوندو.
    بهرحال شاه صاحب نه صرف ان کان پوءِ ان ڪم کان پاسيرو ٿي ويو پر در پرده ان جي مخالفت شروع ڪيائين. جڏهن مون اخبار وارن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان اهو سنڌي جو جُڳاڙي استعمال ڇڏي معياري سنڌي استعمال ڪيو، جيڪا مفت ۾ مون مهيا پئي ڪئي، ته جيئن اخبارون انٽرنيٽ تي بجائي اميج يا تصوير جي، ٽيڪسٽ يا صورتخطي ۾ هجن جيئن ٻين ترقي يافته ٻولين جون آهن، ته جيئن انهن ۾ ڇپيل مواد جي انٽرنيٽ تي سرچ يا ڳولها ڪري سگھجي، ان مواد کي ڪاپي پيسٽ ڪري شيئر ڪجي ۽ عام ماڻهن ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي جي استعمال جي ڄاڻ، آگاهي ۽‌ شعور پيدا ٿئي، ته اتي منهنجي مهربان دوست اياز شاه ان ڳالھ جي سخت مخالفت ڪندي انهن اخبار جي مالڪن کي چيو ته ڀرڳڙي صاحب جو ٺاهيل سسٽم اعتبار جوڳو ڪونهي، اهو ونڊوز ۹۵ ۾ استعمال ٿي نه ٿي سگھي ۽‌ پوءِ وارا سسٽم، خصوصن ونڊوز ايڪس پي ”ڳورو“ آهي وغيره ۽ جي توهان اهو استعمال ڪندو ته پنهنجي ذميواري تي. جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو ته مان ذميوار نه هوندس وغيره. بدقسمتي سان اخبارن ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي جي استعمال تي شاه صاحب کي هڪ هٽي هُئي جنهن جي هٿان وڃڻ تي هو اجايو اچي پريشان ٿيو هو. معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو رائج ٿيڻ اڻٽر ۽‌ ناگزير امر هو ۽‌ وقت ثابت ڪيو ته ائين ئي ٿيو، پر شاه صاحب جي اجاين انديشن جي ڪري سنڌي جي اخبارن ۾‌ رائج ٿيڻ، ان جي مناسب تشهير ٿيڻ ۽ ان جي ڄاڻ عام ماڻهو تائين پهچڻ ۾ ورهين جي تاخير ٿي ورنه اهي اخبارون جيئن هاڻي انٽرنيٽ تي ٽيڪسٽ جي صورت ۾‌ ڇپجن ٿيون ڏه سال اڳ ڇپجڻ شروع ٿين ها.
    توهان جي ان سنيهي مان اهو غلط تاثر مليو پئي ته اڄ جيڪا سنڌي ڪمپيوٽر تي استعمال ٿي رهي آهي تنهن ۾ شاه صاحب جي ڪيل ڪم جي ڪا ڪنٽريبيوشن آهي، يا ان جي آڌار تي آهي سو بلڪل غلط آهي. شاه صاحب مون کي ان ڪم تي آماده ضرور ڪيو، پر جڏهن اهو منهنجي هٿان ٿيو، ته بدقسمتي سان هن صرف انڪري انهي جي ترويج ۽ عام ورهائڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ وڌي ته جيئن ڪمپيوٽر تي جيڪو به سنڌي استعمال ڪرڻ چاهي سو صرف کانئس سنڌي پيڪيج خريدڻ کانپوءِ ڪري سگھي.
    مون سنڌي انسٽالر شروع کان ئي مفت ورهائڻ لاءِ انٽرنيٽ تي رکيو ۽‌ نه صرف ايترو بلڪ جن به نوجوانن ۽‌ دوستن ان ڪم ۾ دلچسپي ڏيکاري انهن جي پنهنجي وت، وس ۽‌ وسائل آهر تربيت ۽‌ رهنمائي به ڪئي، کين سکياريو ته سنڌي ڪمپيوٽر تي ڪيئن استعمال ڪجي، سنڌ فونٽ ڪيئن ٺاهجن، سنڌي ويبسائٽون ڪيئن جوڙجن. اهي سڀ ڳالهيون اهي آهن جيڪي اياز شاه صاحب، پنهنجي ڪاروباري مفاد خاطر، ڪڏهن به ونڊڻ ۽ ورهائڻ ڪونه پئي چاهيون.
    اميد ته توهان جي ذهن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽‌ ان جي تاريخ سان وابسته جيڪي غلطفهميون آهن انهن جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿيو هوندو. منهنجو مقصد شاه صاحب کي گھٽ ڏيکارڻ نه آهي، صرف حقيقت بيان ڪرڻ آهي. وڌيڪ ڪا وضاحت گھرجي ته ان لاءِ حاضر آهيان.

    --
    Abdul-Majid Bhurgri
    www.bhurgri.com
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻوليء جو محسن آهي، جنهن جي ڪيل خدمتن عيوض اڄ اسان سنڌي ٻوليء ۾ انٽرنيٽ تي لکي ۽ پڙهي رهيا آهيون۔ اها به صحيح ڳالهه آهي ته اياز شاهه ڪمپيوٽر تي سنڌي جي شروعات ڪئي ۽ اها ڪمرشل بيسسز تي ڪئي هئي۔ ان جو سبب اهو آهي ته اياز شاهه جي ڪمائيء جو ذريعو اهو هو۔

    پر سائين ماجد ڀرڳڙيء جو ڪم ۽ سنڌي ٻوليء کي سڀ ڪجهه پنهنجي هڙان وڙان ڏئي به ڪمپيوٽر تي سنڌي کي عام ڪرڻ ۽ آسانيون پيدا ڪرڻ اهو ڪم ڪنهن قومي هيري کان گهٽ ناهي، تنهنڪري مان سائين ماجد ڀرڳڙي کي قومي هيرو تسليم ڪريان ٿو ۽ کيس سلام پيش ڪيان ٿو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    واقعي! منهنجي ذهن ۾ به ڪافي خدشا هئا، پر سائين ڀرڳڙي صاحب جن جي پنهنجي وضاحت کان پو معاملو ڪليئر ٿي ويو آهي، سلام ڀرڳڙي، سلام سمون۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    بهترين معلومات شيئر ڪرڻ جي مهرباني دوست..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو