هڪ ڏينهن هڪ بادشاهه وزير کي گهرايو۔۔ وزير آيو ته بادشاهه جي سامهون ٿالهي ۾ هڪ واڱڻ رکيل هو۔۔۔ وزير جي ايندي ئي بادشاهه واڱڻ جي چمڪدار ڪاري رنگ، ذائقي ۽ خوشبو جي تعريفون ڪرڻ لڳو۔۔۔ وزير شد و مد سان ها ۾ ها ملائيندو رهيو۔۔۔ ٻئي ڏينهن بادشاهه وري ساڳئي وزير کي گهرايو۔۔۔ وزير آيو ته بادشاهه جي سامهون ٿالهي ۾ وري به هڪ واڱڻ رکيل هو۔۔۔ پر هن دفعي وزير جي ايندي ئي بادشاهه واڱڻ جون برايون ٻڌائڻ شروع ڪيون۔۔ وزير ساڳي ئي نموني ها ۾ ها ملائيندو رهيو۔۔۔
بادشاهه کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ گرجندي چيائين ۔۔”ڪيڏو نه احمق ۽ بي عقل آهين ۔۔۔! ڪالهه مون واڱڻ جون تعريفون ڪيون ته به تو واه واه پئي ڪئي ۽ اڄ برايون پيو ڪريان تڏهن به تون واه واه پيو ڪرين۔۔۔“
وزير مسڪين صورت بڻائي هٿ ٻڌندي چيو۔۔
”حضور مان توهان جو نوڪر آهيان۔۔۔ واڱڻ جو ناهيان۔۔۔“