• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا توهان کي يقين ايندو..... ؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دنيا ٽيليويزن جي هڪ مشهور پروگرام حسبِ حال ۾ 8 آڪٽوبر تي هڪ وڊيو ڏيکاري وئي... پروگرام جي هڪ جهلڪ حاضر آهي....

http://www.youtube.com/watch?v=rLL0tLwNhGM

هتي هڪ فلم ڏيکاري پئي وڃي جتي هڪ ننڍڙي ٻار کي خوبصورت اداڪاري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي... پروگرام جي ميزبان مطابق اهو ننڍڙو ٻار فلم ۾ اڳتي وڌي وحيد مراد بڻجندو آهي ۽ هن جي زندگي ۾ تنهن دور جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪاره شميم آرا داخل ٿيندي آهي .... جڏهن ته حقيقي زندگي ۾ اهو ننڍڙو ٻار وڏو ٿي پاڪستان جو صدر ٿئي ٿو.... ۽ هن جي زندگي ۾ دنيائي اسلام جي پهرين وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو هن جي همسفر ٿئي ٿي.....

ڇا توهان هن وڊيو سان اتفاق ڪريو ٿا... ؟
پنهنجي راين کي تفصيل سان آگاه ڪندا....
 
ادا يقين ته نه ٿو ٿئي پر سائين ڇا ٿو چئي سگهجي، اڄوڪي دنيا ۾ وڏا اداڪار ويٺا آهن، روئڻ ڌوئڻ جا هوشيار آهن۔۔۔ ها ها ها ها
 
ادا يقين ته نه ٿو ٿئي پر سائين ڇا ٿو چئي سگهجي، اڄوڪي دنيا ۾ وڏا اداڪار ويٺا آهن، روئڻ ڌوئڻ جا هوشيار آهن۔۔۔ ها ها ها ها
ڄامشورائي ۽ ادا رشيد سمون ، ڪنهن ڏاهي مُنهنجي خيال ۾ شيڪسپيئر چيو آهي ته دنيا سموري هڪ اسٽيج آهي ، ۽ اسان جهڙا پهرين ، ٻي ۽ ٽي درجي وارا سڀ ماڻهو اداڪار آهيون۔ پوءِ چاهي اهو وقت جو ٻار اداڪار هُجي يا چاهي هن مُلڪ جو صدر هُجي ، ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، آمريڪا جو هڪ اداڪار به صدر ٿي چُڪو آهي۔ جيڪڏهن اسان جي مُلڪ جو اهو ننڍڙو اداڪار موجوده پاڪستان جو صدر آهي ته ڇا ٿي پيو۔ هوئن به اها تاريخي حقيقت آهي ته موجوده صدر جي والد بزرگوار جون ڪراچي شهر ۾ ڪنهن دور ۾ ڪافي سينمائون هُيون۔ هينئر اُهي سينمائون آهن يا ٽُٽي پلازه ٿي چُڪيون آهن اها خبر شهر ڪراچي وارن کي هوندي۔
 
Back
Top