بادل جو ’اتفاق‘(ڪتاب)مٺل جسڪاڻي جنهن مهل مون ”بادل“ (مير محمد نهڙي) جو شعري مجموعو ”اتفاق“ پڙهيو پئي، ان مهل مون کي سندس شاعري مان ڇا ڇا، ڪيئن لڳو، اهو پڙهندڙن تائين پهچائڻ کان اڳ ”بادل“ سان معذرت، جنهن کي منهنجي سوچ سان ”اتفاق“ نه، اختلاف يقيني طور ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاعري ڪرڻ وقت ”بادل“ جي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه هئي، جڏهن ته شاعري پڙهڻ مهل منهنجي عقل، فهم ۽ ڪيفيت ۾ تمام گهڻو به، ته بنهه اڻ لکو به، پر فرق ضرور هوندو. ان ڪري منهنجي هنن ويچارن تي اختلاف نه رڳو ”بادل“ کي، پر ”بادل“ جي پڙهندڙن کي به ٿيڻ کپي، ڇو ته هر ڪنهن جي سوچڻ جو پنهنجو انداز هجي ٿو، جنهن تي ڪيفيتون حاوي هونديون آهن ۽ ڪيفيتن جو دارومدار مطالعي، مشاهدي ۽ عملي زندگي مان پرائي سگهيل عقل تي هوندو آهي. مون کي ذاتي طور پاڻ سڃاڻڻ، پاڻ پرکڻ، پاڻ چڪاسڻ، پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائڻ وارو عمل گهڻو وڻي ٿو. ”بادل“ جي شاعري ۾ ان حوالي طور هونئن ته گهڻن غزلن ۾ مواد آهي، پر نموني طور سندس هن مجموعي جي ڪجهه غزلن ۾ آيل، ساڳئي موضوع جا ڪجهه بند اوهين به پڙهي وٺو. باهه، پاڻي ٻئي آهن مون ۾،سو اُجهامي، ٻَري رهيو آهيان.***هي عجب اتفاق آ ”بادل“،تو ۾ خود سان ملي رهيو آهيان.***آئون توکي ته ڇا ڏسي سگهندس،مون ته خود کي ئي نه ڏٺو آهي.پاڻ پرکڻ جي پارکو کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان وڙهڻو به پوي ٿو. مثال طور بادل جو هي جهيڙو: توکي مصروف ٿو لڳان آئون،منهنجي خود ساڻ جنگ جاري آ.يا وري لکي ٿو: روز ٿو پاڻ سان وڙهي ”بادل“،روز ئي پاڻ کي هُو ماري ٿو.بادل هيئن به لکيو آهي:پاڻ سان ظلم مون ڪيو آهي،پاڻ تي ئي ته پيو ٿو دانهيان مان.شڪايتون ۽ حڪايتون، هر ڪنهن جو، روز جو معمول آهي. بادل جي هن شڪايت سان ڪنهن جي واقفيت آهي يا نه: جنهن کي ڪرڻو هو تنهن به ڪونه ڪيو،هاڻ منهنجو خيال ڪير ڪري.پاڻ سڀني جو مشاهدو شاهدي ڏيندو ته ٻئي جي ڀُل تي ڀورا کلندا آهن. بادل سان ڇا گذريو، ان جو اندازو سندس هن مجموعي جي پهرئين غزل جي ٽئين بند پڙهڻ سان ٿئي ٿو: مون کان ٿوري جو دانائي وئي ٿي،کِليا پو ڪيترا نادان مون تي.ٻُڏتر جي اهڙي ڪيفيت ۾ ڪير ڇا ٿو سوچي ۽ ڪري سگهي؟ ”بادل“ پنهنجو يا خبر نه آهي ڪنهن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، پر واهه جو لکي ٿو: هي حقيقت آ، جيئڻ ۾ مزو رهيو ناهي،مگر پوءِ ڀي مرڻ لاءِ نٿي چوي هي دل!يا وري ساڳئي غزل جي هڪ ٻئي بند ۾ لکي ٿو: ڪري پئي ڪيترن سالن کان خودڪشيءَ جو خيال،رڳو ارادو، عمل ڪونه ٿي ڪري هي دل!پاڻ وٽ عام طور ڪهڙي صورتحال آهي ۽ ميڊيا ڪهڙي دعوى نه ڪئي آهي!؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي، اوهان پڙهو ته ”بادل“ پنهنجي هڪ غزل ۾ ڇا ٿو لکي؟ ٿا ڪن خودڪشيون ڪيترا خواب روز،مگر ڪا خبر ناهه اخبار ۾.”پٿر پرائو سور سڀ ڪنهن کي پنهنجو“ پراڻي چوڻي کي شاعري جي نئين گهاڙيٽي ۾ بادل هيئن لکيو آهي: جنهن تڏي تي رُئي پئي سو ٻيو،۽ سبب ڪو رُئڻ جو ٻيو آهي.پاڻ وٽ شاعري سان وڏا الميا ٿيندا رهيا آهن. مون جهڙا بيشمار شاعري جي ش کان اڻ واقف هوندي به پنا ڪارا ڪندا رهن ٿا. ڪيسٽي شاعري کان پوءِ هاڻي ٽي وي چئنلن ۽ ايف ايم گند ڪيو آهي. بادل جي هي ڳجهارت ڀڃڻ تمام سولي آهي، اوهان ڀڃو ته ٺيڪ، نه ته بادل پري نه آهي: شاعريءَ سان هِي شل الميو نا ٿئي،ڪو نه سمجهي مگر، لوڪ ۾ عام ٿئي.ان جي بر عڪس، هڪ ٻئي بند ۾ وري هيئن به اظهار ڪري ٿو: هانءُ ٿي ٻريو ”بادل“،شاعري سان ٺاريو آ.رڳو محبوب، معشوق وٽان ئي نه، ڪنهن ڪنهن ۾ ڪهڙي موٽ جو امڪان هوندو آهي، ان جو اندازو گهڻو ڪري سڀ پاءُ اٽي جو کائيندڙ لڳائيندا رهندا آهن. بادل جو غزل ته عشقيه آهي، پر آخري بند عشق کان پرڀرو، يا شايد گهڻو ويجهو آهي!؟ لکي ٿو: جيڪو ملندو جواب آ معلوم،پوءِ ”بادل“ سوال ڪير ڪري.خوش مزاجي، سٺي طبيعت، طنز ۽ مزاح جي پٺيان، ڪي حقيقتون لڪل هونديون آهن، شاعر جي ظاهر ۽ باطل ۾ به ڪجهه هجي ٿو. ”بادل“ پنهنجو سور لڪائي لوڪ کي کلائڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: درد جي انتها اِها آهي،هُو سڄي لوڪ کي کِلائي ٿو.اوهان مان ڪير ٻڌائيندو ته ”دشمن جي چتي چٽي دشمني ماريندي آهي يا يارن جا ڳجها رويا مارين ٿا!؟ ”بادل“ پنهنجو خيال هيئن اظهاريو آهي: دشمنن جي چٽي دشمني هئي مگر،دوستن جا رويا ته مبهم هئا.”بادل“ جي هن مجموعي مان اڃا به گهڻو ڪجهه مون نوٽ ڪيو آهي، پر هتي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ نه پيو ڏيان. البت ڪجهه نشاندهيون ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. مون کي ڪجهه غزل اهڙا محسوس ٿيا، جيڪي شايد ”بادل“ ڪنهن کي ڀيٽا ڏيندي لکيا هوندا، پر عجب اٿم، جيڪڏهن هن کي ڀيٽا طور اهي غزل لکيا آهن، ته ان شخصيت جو نالو ڇو نوٽ نه ڪرايو ويو! ڪجهه غزلن جا ڪي بند، ڪنهن تقريب ۾، سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندڙ لاءِ ڏاڍا ڪارائتا آهن، جيڪي به مون هتي نه ڏنا آهن. صورتخطي جون غلطيون، جيڪو پاڻ وٽ وڏو آزار آهي، ويندي وڏو پگهار کڻندڙ پروف ريڊر به کوڙ غلطيون ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي درسي ڪتابن ۾ به ڏٺيون ۽ سٺيون وينديون رهيون آهن، پر مون کي تعجب ٿيو ته هن مجموعي ۾ اهي غلطيون تمام گهٽ، ليکي ۾ نه اچڻ جيتريون ڪيئن رهجي ويون! مجموعي جي شروعات ۾ هڪ صفحي جيترو مواد، جيڪو زوري اينگهائي ٻن صفحن ۾ ڏنو ويو آهي، اهو آسي زميني ”سليٽ“ جون سٽون جي سري هيٺ لکيو آهي. ان کان سواءِ باقي صرف غزل آهن. نه شاعر پنهنجي پاران ڪجهه لکيو آهي، نه مهاڳ، نه پيش لفظ، نه ڪنهن ٻئي پاران ڪا راءِ، هن مجموعي ۾ شايع ٿيل آهي. مون کي هي روايت ان ڪري وڻي جو پاڻ وٽ ان عنوان سان هروڀرو ونگار ۾ لکڻ جو رواج گهڻو آهي. آخري ڳالهه، جيڪا شاعرن جي دلچسپي واري حساب سان شروع ۾ ڪرڻ کپندي هئي، اها هيءَ ته شاعراڻين حدبندين جي حساب سان، بحر وزن مطابق، علم عروض جي حوالي سان، مون کي اڻ پوري ڄاڻ آهي، ان ڪري ”بادل“ جي شاعري تي لکندي، اهو نقطو بحث ۾ نه آندو ويو آهي.