ادب ۽ تهذيبي قدر پروفيسر مسڪين احمد منصور/ محمد علي لغاري ادب ڇا آهي ۽ ان کي ڇو ۽ ڪيئن پڙهڻ گهرجي؟ هن مضمون ۾ انهن سوالن جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ادب ايترو ئي قديم آهي، جيترو انسان، ڇو ته ادب انسان جي خيالن، خوابن ۽ خواهشن جو اظهار آهي. ادب انسان کي حقيقي دنيا مان خيالي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ پوءِ وري واپس حقيقي دنيا ۾ وٺي اچي ٿو. ادب زندگي جو احاطو ڪري ٿو، ان ۾ ماضي جون يادون حال جا مسئلا ۽ مستقبل جا منصوبا نظر اچن ٿا. ادب ماضي، حال ۽ مستقبل جون تصويرون اسان جي سامهون کڻي اچي ٿو. ارسطو چيو آهي ته ”ادب ۾ لکندڙ جا پنهنجا ۽ ٻين جا تجربا شامل هوندا آهن، اهي تجربا ذهني تصوراتي ۽ جذباتي هوندا آهن، انهن تجربن جي فنڪارانه اظهار سان ئي ادب ۾ سچائي اچي ٿي.“ هومر، ورجل، ڊانتي، شيڪسپيئر، رومي، حافظ غالب، شاهه عبداللطيف، گوئٽي، ٽالسٽاءِ ۽ ٽيگور جهڙن لکندڙن جون تحريرون ان ئي طاقت ۽ تازگي سان گڏ زندهه آهن. جڏهن فٽز جيرالڊ؛ عمر خيام جي رباعين جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ چارلس ليب جڏهن سرٿامس مور جي تحريرن کي دنيا ۾ روشناس ڪرايو، ته ادبي حلقن ۾ هلچل مچي وئي. انساني فطرت جو اظهار ڪندڙ ۽ اعليٰ قدرن جو حامل ادب هميشه زندهه رهي ٿو. ڪنهن به ڪتاب جي زندهه رهڻ لاءِ ان جو سٺو هجڻ ضروري آهي. ادب ۾ تخيل اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. تخيل ۾ اها صلاحيت آهي جنهن سان نوان خيال وجود ۾ اچن ٿا. تخيل ۾ جيتري تازگي ۽ بلندي هوندي اوترو ئي سگهارو ادب تخليق ٿيندو. ڪنهن ڏاهي خوب چيو آهي ته ”اهو تخليل جو ئي ڪارنامو آهي، جو انسان سمنڊ جي گهرائين ۽ آسمان جي بلندين تائين پهچي ويو آهي.“ ادب انسان لاءِ ڪائنات جا دروازا کولي ڇڏيا. مثال طور انسان چنڊ تي ته 1969ع ۾ ويو، پر ايڇ جي ويلز جو ڪتاب The First Menin theMoon1910ع ۾ شايع ٿي چڪو هو. جڏهن اڃا خلائي دؤر شروع ئي نه ٿيو هو. سچائي، توانائي ۽ خوبصورتي ادب جي زندگي هوندي آهي، سچائي انسان جي اندر جو آواز هوندي آهي، جيڪا اسان کي چقمق جيان پاڻ ڏي ڇڪيندي آهي. هر ملڪ جو ادب پنهنجي تهذيبن قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو، خوبين ۽ خامين جي نشاندهي ڪري ٿو. پوري دنيا جي انسانن جا اڪثر مسئلا هڪجهڙا هوندا آهن، جيئن ظلم ۽ انصاف، سچ ۽ ڪوڙ، محبت ۽ نفرت هر هنڌ آهن. ڪٿان جو به ادب انسان جو انسان جي مٿان ظلم، انسان جو انسان جي هٿان استحصال پسند نه ٿو ڪري ۽ ان عمل جي خلاف مسلسل آواز بلند ڪندو رهي ٿو. هڪ سٺي ۽ بهتر دنيا جو خواب ادب جو مرڪزي نقطو آهي. ادب انسانن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جو ذريعو آهي ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ادب انسانن جي گڏيل ملڪيت ۽ ميراث آهي، ادب هڪ اهڙو گلدستو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گل پنهنجي رنگ ۽ پنهنجي خوشبو سان گڏ موجود آهي ۽ هر گل جي رنگ جي پنهنجي معنيٰ ۽ اهميت آهي. ازرا پائونڊ پنهنجي ڪتاب"ABL of Reading"۾ تمام وڏي ڳالهه چئي آهي، هو لکي ٿي: ”ادب انساني ذهن کي ترقي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ادب رڳو انسان کي خيالي دنيا ۾ نه، پر اڪثر ڪجهه ڪرڻ لاءِ همٿائي ٿو. ادب جي مطالعي سان خوشي ملي ٿي ۽ ان خوشيءَ جي ڪا هڪ تشريح گهڻي مشڪل آهي، هڪ اهڙي خوشي جيڪا گرمين ۾ هوا جي هڪ ٿڌي جهوٽي جيان يا وري ريگستان ۾ اونداهي رات ۾ تارن جي چمڪ کي ڏسي ٿئي ٿي. اها صرف دل کي خوش نٿي ڪري پر دماغ کي روشن به ڪري ٿي. پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ادب جو مطالعو هميشه سڪون ۽ خوشي ڏيندڙ نه هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ادب جو مطالعو ايترو Disturbing هوندو آهي، جيڪو انسان کي بيچين ۽ مضطرب ڪري ڇڏي ٿو. شيڪسپيئر جو ڊرامو"Hemelet"دوستو وسڪي جو پاپ ۽ پيڙاءَ يا وري جوسي سارميگو(Josi Sarmago)جو ناول‘Blindness’پڙهڻ سان اسان جي ذهن ۾ ڪئين سوال جنم وٺن ٿا. مثال طور انسان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، انسان اسان جو استحصال ڇو ٿو ڪري ۽ اسان هڪٻئي تي ظلم ڇو پيا ڪيون، اهڙن سوالن جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو انسان کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي طرح ادب هميشه اسان کي نئون شعور ڏي ٿو ته جيئن انسان آس پاس جي انسانن ۽ دنيا کي بهتر طور ڏسي سگهون. اهڙي طرح ادب اسان جو نقطهء نظر جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته اسان شين کي ائين ڏسون، جيئن اهي آهن. ادب جيئڻ سيکاري ٿو. اهو خيال ته ڪجهه ماڻهو ادب جو مطالعو زندگي جي ڪڙين حقيقتن کان فرار لاءِ ڪن ٿا، شايد ڪنهن حد تائين صحيح هجي پر اهو مڪمل سچ ناهي. بالغ ذهن ته ادب ۾ زندهه رهڻ جا طريقا تلاش ڪندا آهن، نه ڪي فرار جا رستا ڳوليندا آهن. ادب تخليقڪار جي دل جي پڪار هوندي آهي. ادب پنهنجي پاڻ ۾ دنيا جو ڏک درد سمائي محفوظ ڪري ٿو ۽ جڏهن اسان ان انمول خزاني کي ڏسي پڙهون ٿا ته اسان هڪ انوکي خوشي محسوس ڪريون ٿا ۽ اها خوشي صبح جي روشني وانگر تيز ۽ اکين کي ساڙيندڙ نه، پر چانڊوڪي رات وانگر ٿڌي ۽ پراسرار هوندي آهي. هاڻ اچون ٿا ان سوال طرف ته ادب جو مطالعو ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ادب جو مطالعو ڪرڻ جو هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو انداز هوندو آهي، ان لاءِ ڪو هڪ فارمولو مقرر ناهي ۽ نه ئي وري ڪري سگهجي ٿو. ڪو ڪرسي تي ويهي پڙهي ٿو، ته ڪوئي بستري تي ليٽي پڙهي ٿو. هڪ هندستاني اديب جي باري ۾ مون ٻڌو هو ته اهو گرمين ۾ پاڻي جي ٽب ۾ ويهي پڙهندو ۽ لکندو هو. جڏهن آئون ننڍو هئس ته اسڪول ويندي نسيم حجازي ۽ ڪرشن چندر جا ناول پڙهندو هئس. ۽ افساني پڙهڻ جو طريقو اهو آهي ته ان کي هڪ ئيSitting (ويهڪ) ۾ پڙهڻ گهرجي. ناول پڙهندي ان جي ڪردارن ۽ واقعن سان گڏ هلندي ناول نگار جي دنيا ۾ پهچي وڃڻ گهرجي، ڇو ته ان طريقي سان ناول نگار جي تخليق مان گهڻو لطف اندوز ۽ روشناس ٿي سگهجي ٿو. غزل بار بار پڙهڻ جي شيءِ آهي، پر سٺو ناول ۽ افسانو اهو آهي جنهن کي ٻيهر پڙهڻ لاءِ دل ڪري. ڊرامو پڙهندي ان جو حصو بڻجي وڃجي، هر منظر، ڪردارن ۽ مقالن کان توهان جيترو واقف هوندو، ڊرامي مان اوترو ئي گهڻو لطف اندوز ٿي سگهندو. سنجيده ڪتاب کي بستري تي ليٽي يا ٽيڪ ڏئي پڙهڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي. روسي مصنف‘Solzhenitsyn’پنهنجي ڪتاب جو مسودو ماسڪو يونيورسٽي جي ادب جي پروفيسر کي ڏنو. پروفيسر صاحب ٻڌائي ٿو، جڏهن هڪ رات مان بستري تي ليٽي ۽ ٽيڪ ڏئي ان ڪتاب کي پڙهڻ لڳس ته مون محسوس ڪيو ته ان ڪتاب کي ٽيڪ ڏئي پڙهڻ ان ڪتاب جي توهين ڪرڻ آهي ۽ پوءِ مون اسٽڊي ٽيبل جي سامهون ڪرسي تي ويهي ان ڪتاب جو مطالعو ڪيو. بعد ۾ ليکڪ کي انهي ڪتاب تي نوبل پرائز مليو. اهو مسئلو پڻ اهم آهي ته ڪتاب جو مفهوم ڪٿي هوندو آهي، تخليقڪار وٽ، پڙهندڙ وٽ يا وري ڪتاب جي Text ۾؟ اهي ٽيئي پنهنجي جڳهه تي اهم آهن، پر لکندڙ پنهنجي ڪتاب جي تشريح ڪرڻ لاءِ موجود ناهي هوندو. تخليقڪارن جي تخليق کي خود ئي سمجهڻو پوي ٿو. جيئن انساني ذهن ترقي جون منزلون طَي ڪري رهيو آهي تيئن ئي اڄ غالب، شيڪسپيئر، رومي کي گهڻو بهتر انداز سان سمجهي رهيو آهي. وقت سان گڏوگڏ ڪجهه ادبي ڪتابن جي معنيٰ به تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ ان جي اهميت وڌي وڃي ٿي، پر آخري فيصلو ڪتاب جو Text ئي ڪندو آهي. ڪجهه ادبي ڪتاب مشڪل هوندا آهن، انهن کي وري وري پڙهڻ جي ضرورت هوندي آهي، ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ الجهيل خيال سلجهي پوندا آهن ۽ لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون آهن، اهڙن ڪتابن کي پڙهڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي. آسان ڪتابن جي باري ۾ ڊي ايڇ لارينس چوي ٿو: ”لفظن جي صحيح چونڊ ۽ ان جي موزون ترتيب سان رڌم پيدا ٿئي ٿي ۽ ادب جو مطالعو ڪندڙ ان لطيف موسيقي کي تخليل جي ڪنن سان ٻڌي ٿو.“