جديد شاعريءَ جا اهڃاڻ(علي زاهد، اشرف پلي ۽ اسد مڱڻهار جي شاعري جي حوالي سان)امين چانڊيو جڳ مشهور اديب، ٻوليءَ ۽ ادب جي پارکو ڊرائيڊن چيو آهي ته؛ ”شاعري اندر جي فطرت جو متوازن ۽ شگفته عڪس هوندي آهي ۽ اها خوشي ڏيندي آهي.“ مون کي ڊرائيڊن جيئن، نئين نسل جي ڪيل ادبي، فطري قلمي پورهئي تي مسرت، خوشي ۽ اتساهه ملندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل کي ڇهندڙ قلمڪارن سان روح جو اعتراف به ڪندو آهيان. اعتراف ان ڪري ڪندو آهيان ته انهن لکندڙ ڀائرن ۾ نظرياتي اعتماد اڃا به پختو ٿي سگهي. گهٽ ۾ گهٽ اهڙين روح تي ڇانئجي ويندڙ تخليقن کي داد ڏيڻ کي اهو هڪ غير جانبدار پرک، پروڙ ڪندڙ شين کي نفسياتي طرح سمجهندڙ جو اخلاقي مدد ڪرڻ فرض بنجي ٿو. سنڌي شاعري جو هر دور سونهري ۽ روشن رهيو آهي. ٻين دورن کي ڇڏي ڪري جديد شاعري جا اصولي خوبصورت، خصوصيتن جا نالا شيخ اياز، استاد بخاري، تاج بلوچ کان ويندي اياز گل، حليم باغي، سعيد ميمڻ، اياز جاني، ايوب کوسو، فياض چنڊ، حسن درس تائين نئين علامتن حقيقي تخليقي قوتن سان پاڻ ملهائڻ جو ڀرپور دور تن کان متاثر ۽ اثر وٺندڙ نوجوان جو به پنهنجو هٿ عليحده ٽرينڊ، نرالو ڍنگ ۽ فڪر سان شناسائي جو ساهس موجود آهي. هن وقت خوشبو ۽ رنگن سان ادب تخليق ڪرڻ واري نئين ٽهي جو ته قافلو وڏو آهي، پر ڪجهه جا نانءُ هتي سهيڙيندس، ان ۾ عبدالجبار جوش، گل بهار باغائي، سعيد سومرو، علي آڪاش، علي زاهد، آڪاش عامر، حفيظ باغي، اسد مڱڻهار، روبينه ابڙو، عامر سيال، مختيار سهتو، اياز امر شيخ ۽ اشرف پلي تائين تمام ڪارائتي تخيل جو مواد موجود آهي، جيڪي اڳتي هلي بلند پائي جا شاعر ڳڻائي سگهبا. ڪافي نئين ٽهي ۾ ته موضوع جي کوجنا، مشاهدي جي پختگي، تخليقي قوت مقصديت وارو نظريو شگفته اظهار، اظهار ۾ آدرش ۽ (Realism) حقيقت جي ويجهو آهي. سندن تخليقن جو مطالعو ڪري(Judgment)فيصلو انهن جي فيور ۾ اچي ٿو، ڇو ته نئين ٽهي ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، جن کي نکارڻ جي اشد ضرورت آهي. منهنجي نظرياتي هم آهنگي جو عڪس اليٽ جي لفظن ۾ پسي سگهجي ٿو.اليٽ چوي ٿو ته ”ڪنهن شاعر جي تعريف سندس شاعري جي انهن عنصرن جي ڪري ڪئي وڃي جيڪي ان ۾ بنهه منفرد ٻين شاعرن کان مختلف هجن ۽ ان کي شاعر جي انفراديت چئون“. اليٽ جي تشريح جو عڪس اسان کي نوجوان شاعرن ۾ ڪيترو نه چٽو نظر اچي ٿو. جن جي تخيل کي منفرد مقام حاصل آهي، تن جي تخيل کي دلچسپ نموني سان ساراهي سگهجي ٿو. منهنجي آڏو علي زاهد جو ”ناچڻي“ شاعري جو ڪتاب فني سونهن سوڀيا ۽ خيالن جي رنگارنگي روپ سان مهڪي رهيو آهي. تاريخي موضوع جي ڪلاسيڪيت جي شگفتگي جو عڪس. نچين تون، نچي ٿي هوا ڏکڻي،او موهن جي دڙي جي امر ناچڻي. جتي تون نچين آن، نچڻ ٿو گهران،جتي تون گهمي آن، گهمڻ ٿو گهران،آ پيرن جي تنهنجي مٽي جا پڻي. علي زاهد جا غزل يا وايون، گيت يا نظم گهڻي قدر منزل جي طرف جي جاکوڙ ۾ آهن. ڪجهه نظمن کي ڇڏي ڪري هن نوجوان شاعر جو فن نرالو ۽ نون ڪلاسيڪي اصولن مطابق آهي. هن جي تخلياتي اُڏام زندگي جي عڪاسي ڪندڙ آهي. مون ته هن جي ڪوتائن جو محتاط اڀياس ڪيو آهي پر جي اڃا به ان جي ادب جي خوبين ۾ گهرائي سان وڃبو ته هي نوجوان نمايان شاعر نظر ايندو. ”جوڀن پهريان ڏينهن“ جو سرجڻهار ٿر جي سنڌ جو نمائندو شاعر اشرف پلي آهي، جنهن جي شاعري ۾ انڊلٺي رنگ آهن. فني ڪيمياگري جا جلوا به روح کي تازگي ڏيندڙ چانڊوڪي به نرم و ملائم پيار جو احساس به سندس پهرئين ڪوشش منزل طرف رسڻ لاءِ ڪافي راهه هموار ڪري وئي آهي. سندس پهرئين ئي ڪتاب جي هاڪ جهنگ جي باهه جئين پکڙجي وئي آهي، ڇو ته سندس لفظن جو جادو جو ڏانءُ هٿ چڙهي ويو اٿس. جنهن موڊ ۾ رهي ٿو ان جو ساڻس ته دردن جو پراڻو سڱ سياڪو، لاڳاپو ۽ دوستي پراڻي آهي. سور ته نصيب ٿيس پر انهن آڏو هانءُ نه هاريائين ڇو ته سندس ذهن ۽ ضمير جينس هيس. اميج ۽ عڪس ۾ پنهنجي روح جو تصور هن طرح پيش ڪري ٿو: ڪجهه نه منهنجي قلم لکيو آهي،پنهنجي محبوب نام کان اڳتي. تنهنجي خوشبو ڌار نه ٿئي ٿي،ڏيهه سمورا ڏوريا آهن.آوي جيئن بڻياسين ”مرشد“حال نه ڪنهن سان اوريا آهن.هي جو تجلو ٿيو چئو ته کنوڻيون کجيونيا ته چوڙا چُريا منهنجي حسناڪ جاتو پڄاڻان ڏٺم ڳوٺ ويران هو،ڇا ته پهرين هيارنگ هن ڪاڪ جا.تو نه آئين مگر عمر ڀر اوپريندر کليا ئي رهيا دل جي اوطاق جا. (Musical) ترتيب کي به چڱي طرح اشرف پلي سميٽيو آهي. جتي هن داخلي درد، آدرش سهيڙيا آهن، اتي هن شاعر خارجي مسئلن کي ڇهيو آهي. قلم کڻي پنهنجي شعوري ذميواري جو ثبوت ڏنو آهي ۽ سماجي کوکلائپ تان پردو به کنيو آهي.”پوڙهي جي نوجوان کي صلاح“، ”ٿري ڇوڪري ڏانهن،“ ”وڃي چئو بيوفا ناهيون، ڪا ڀائتي“، ”ڪجري“، ”سنڌ“، ”شهيد بينظير ڀٽو“، ”ائڊريس“، ”روپاماڙي“، ”تحرير“، ”حويلي“ ۽ ”آدو ملاح“ سميت سڀ اشرف جا نرالا نظم سماجي، سياسي، ثقافتي، آدرشي، ترقي پسندي، پنهنجي چوگرد ٻرندڙ مچ جي عڪاسي ۽ نمائندگي ڪندڙ پڙهڻ سان احساسن کي ساڃاهه ۽ تسڪين پئي ملي ٿي ڄڻ. جيڪي محض تصور ۾ نه لکيا ويا آهن پر تجرباتي ۽ مشاهداتي وابستگي سان سرجيل، معيار جي پرک تي به پورا آهن.اشرف پلي جي هن ڪتاب ۾ ڪابه ادبي، سياسي، سماجي شعوري ڪابه گهٽتائي نظر نه پئي اچي، پر ان اسان گڏ موضوع جي کوٽ جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي، ان شعوري ذميواري کان هن نوجوان شاعر کي آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي. ڇو ته شاعر داخلي، خارجي فطرت جي رنگن روپن جو ترجمان ٿئي، گهڻگهرا جيترا قلمڪار وٽ موضوع هوندا ان جي تخليق ۾ اوتري گهري مقصديت هوندي.اشرف پلي پنهنجي وت وس آهر کان به ادبي معيار جي مطابق شاعري ڪري منفرد بنجي ويو آهي، دعا آهي ته اهو منفردي جو سلسلو وڌندو ئي رهيس. ادبي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪارائتي شاعري جي ڪتاب جو اضافو ٿيو. ڪتاب جو نالو ”مان توڏي شاعري اُماڻيندس“ جنهن جو سرجڻهار اسد مڱڻهار آهي. هن نوجوان جي شاعري ۾ رنگ کليل آهن سندس فڪري سوچ کي ڪوبه برقعو پاتل نه آهي. سندس لفظ ور ور ڪري روح ۾ گهڙي ٿا وڃن. غزل مان بند پيش ڪريان ٿو: ”ڪچهري سمنڊ سان هن کي ڪندي ڪلهه مون ڏٺو هو پر،الائي ڪيئن اڄ بيٺو آ، سو اَهي شخص ٽانڊن تي،ٿڌي واري تي هليا اسين آهيون صفا ٿورو،اسان جا پير هي ليڪن رهيا هن سرس ٽانڊن تي. امنگون گلابن جون پوکي اندر ۾لڻون درد جا هي سلاڪيستائين.اسان کي اوهان جي ملي چيچ ناهي،سکي سانڍيون هي ڇلا ڪيستائين اسد جا شعر خوبصورت ۽ مترنم آهن. ٻولي ۾ به سونهن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. سندس جذبا، خيال جيڪي لڳن ته مجازي ٿا پر انهن ۾ اصليت رومانوي، حقيقي جذبن جي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿيا. وقت، حالتن، نبض، حقيقت شناس هن شاعر وٽ سماجي ڪارج دوين ۽ سوچن جا عڪس، زياديتن، ڏاڍين سازشن خلاف هن جي ڪوتائن ۾ ”وڏا احتجاجي مظاهرا“ آهن.غزل جا بند: سچ آ چاڙهيو ويو سوري هتي،۽ وري آهي ڪڏهن گهاڻي پيو.هو ٽٽل سپنا سڀئي ميڙي پيو.۽ ڇڳل سڀ خواهشون واڻي پيو. شام لڙي وئي ڪئين پڳا گهر،اڃا تائين ڪنگ سفر ۾،چنري ويڙهي نڪتي هو آ،ڄڻ نڪتا هن رنگ سفر ۾. بيوسي پر ڪٿي ڇڏيا آهن،روح پو ڀي اُڏار چاهي ٿوحادثو ٿي ٻار سان آهي ويو،سمنڊ هن جو گهر اڏيل ڊاهي ويو.برف جهڙو اجرو شفاف روح رکندڙ اسد مڱڻهار پنهنجي ۽ معاشرتي ۽ فطري عڪاسي صحيح ڪئي آهي، سندس جذبات جي گونج ٿڌي پر تحريڪ پيدا ڪندڙ آهي. گهڻا ته مون جهڙا شاعر فراق ۾ وهلور ويندا آهن، پر هي برداشت، سهپ وارو شاعر اکين ۾ ڦاٿل ڳوڙها آهستي آهستي ڪري پني تي لاهي چانڊوڪي جهڙا غزل لکي احساسن کي ڇهي ٿو وجهي. رات جي سانت کي ٽوڙيندڙ هن جو قلم پرڀات جو ساکي آهي. اسد مڱڻهار بنيادي طرح غزل جو ئي منفرد شاعر آهي. جيڪو هي تخليق جا پرجوش ڪرتب ڏيکاري ٿو. ٻولي سادي عام فهم واري پر موضوعن سان سرشار آهي. معاشرو به اهڙي روشن شاعري جي ساڃاهه چاهي ٿو. اهڙن تخليقڪار جي تخليق جي پسمنظر تي مون کي لطيف جو بيت ئي چوڻ مناسب لڳندو آ: سرها ڏٺم سي، جنين ساڃاهه سرهاڻ سين،تيغ تينن جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه)