دل جو آڻي، درد چپن تي.... عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    دل جو آڻي، درد چپن تي....
    (عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر)
    معشوق ڌاريجو
    شاعري وقت جي اتهاس جو آئينو آهي ۽ اها شاعري ئي آهي جيڪا هر دؤر ۾ پنهنجو سماجي ڪارج برقرار رکي ٿي. عبدالحڪيم ارشد به سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ صدين تائين سلامت رهڻ واري سگهه جيئن جو تيئن موجود آهي. ارشد جا شعر ماڻهن کي پنهنجي لڇندڙ ۽ ڦٿڪندڙ جذبن جي ترجماني محسوس ٿين ٿا. ارشد جي پنهنجي شعرن ۾ زندگيءَ جي مسئلن کي جنهن ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي اهو سندس علمي ۽ عقلي ڏاهپ جو ڪمال آهي جنهن لاءِ هو کيرون لهڻي.

    شاعري موضوع منهنجو، ناهه هرگز دوستو!
    مون حقيقت جي سدائين، ترجماني آ ڪئي.

    عبدالحڪيم ارشد حقيقتن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي جنهن جي سموري شاعري بامقصد ۽ بامعنيٰ آهي. ارشد جي شاعريءَ ۾ محفل کي تڙپائڻ ۽ پٿر جهڙي دل کي ميڻ ڪرڻ واري شڪتي، سگهه ۽ طاقت جيئن جو تيئن موجود آهي، جيئن:

    دل جو آڻي درد چپن تي، گيت سريلو ڳائيندو،
    ارشد کي ٿا ڇيڙيو ارشد، محفل کي تڙپائيندو.
    پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي پئي، پٿر جهڙي کهري دل،
    غم جو شاعر اهڙو نغمو، ڳائي ويٺو آ.

    سنڌ ڌرتيءَ جي محبتن جا سُريلا گيت ۽ نغما ڳائيندڙ شاعر عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو سگهارو رومانوي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر آهي. ارشد جي شاعريءَ ۾ شعر جي پختگي، سلاست، نواڻ ۽ موضوعاتي ويرائٽي نه رڳو پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ٿي پر زندگيءَ جي اُداس ۽ اڻانگن پيچرن تي پنڌ ڪرڻ لاءِ به سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿي.

    ٻرندي ويندي، لاٽ او ساٿي!
    ٻرندي ويندي لاٽ.
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏرندا،
    ٺهندي ويندي واٽ،
    ٻرندي ويندي لاٽ.

    ارشد جا شعر حقيقت جا ترجمان آهن، وٽس قومي رنگ ۽ جذبو وڌيڪ آهي. هن جا شعر چنڊ جي کير جهڙي اجري روشنيءَ جيان پڙهندڙ کي راهه جي گهر کڏي کوٻي ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻو کائڻ کان بچائي وٺن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عجيب قسم جي حسناڪي ۽ موسيقيت سمايل آهي، جيئن:

    ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه اچي!
    جنهن وقت اسان جي محفل ۾، ڪو پيارو ماڻهو ايندو آ.

    چوري چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان، نيڻ ملائي ويٺو آ،
    هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.

    ارشد جي شاعري ٺريل رت کي گرمائيندڙ ۽ جذبن ۾ جوش ۽ جنبش پيدا ڪندڙ شاعري آهي. ارشد پنهنجي نظم ”پر“ ۾ لکي ٿو ته:

    اڄ جي سنڌي شاعري،
    سچ جو آواز آهي.

    اها حقيقت آهي ته اڄ جي سنڌي شاعري وانگر ارشد جي شاعري به سچ جو آواز آهي.

    هن ڌرتيءَ، دک جي ڌرتيءَ تي،
    تون نينهن نڀائڻ آيو آن،
    ۽ پٿر جي هن شهر اندر،
    موتين کي ورهائڻ آيو آن.
    او واٽ، مسافر وڻجارا،
    تون پهتين، ڪهڙي وستيءَ ۾،
    هِتِ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه آ،
    هر ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾.

    عبدالحڪيم ارشد جي شاعري قومي غيرت جي شعور سان گڏ اجڙيل روحن ۽ واٽ مسافر وڻجارن جي رهنمائي به ڪري ٿي. ارشد وٽ زندگيءَ جوسڀ کان وڏو مقصد امن ۽ پيار آهي. ارشد جي شاعري امن، پيار ۽ آشتيءَ جي شاعري آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”ڏيئا ڏات جا“ ۽ ”آجپي جي گيت جهڙي شاعري“ سنڌي شاعري جا معتبر ۽ معياري ڪتاب آهن، جن جي هر ورق تي امن ۽ پيار جا گيت غزل ۽ نظم محفوظ آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    معشوق ڌاريجو سريلو شاعر ۽ ادب دوست ماڻهو آهي۔ سندس لکيل عبدالحڪيم ارشد جي شاعريء تي ڪيل تجزيو به تمام سٺو آهي۔ عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو بهترين شاعر آهي۔ سندس ڪجهه شعر ته هر ماڻهوء جي زبان تي هوندا آهن، جيئن سندس هيٺيون غزل مونکي سدائين ياد هوندا آهن۔​

    چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ
    هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.
    اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس،
    مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ.
    پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل،
    غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ.
    ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،
    طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ.
    واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو،
    شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ.
    شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي،
    پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ.
    واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال،
    هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ.
    بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،
    ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ’ارشد‘ عبدالحڪيم:

    سنڌيءَ ٻوليءَ جو نامور شاعر عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير، 13 جون 1939ع تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ اديب سنڌي ۽ اديب مولوي جا امتحان ڏئي، 1964ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 28 ڊسمبر 1998ع تي رٽائر ٿيو. عبدالحڪيم ارشد 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. ان کان سواءِ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ به ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد، پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر آهي. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جي هڪ گيت ’چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘ وحيد علي جي آواز ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاهه 1995ع شايع ڪيو. جڏهن ته سندس قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’آجپي جي گيت جهڙي شاعري‘ ڊسمبر 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس شاعريءَ تي محمد ابراهيم جويي، مير محمد پيرزادي، پروفيسر عبدالله مگسي، تاج جويي، عبدالرحمان منگي، راشد مورائيءَ تفصيلي طرح لکيو آهي کيس جديد دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو