• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علم جي ڳولا ۾ نڪتل ملالا يوسفزئي تي قاتلاڻو حملو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

هن جو ڏوهه اهو آهي ته هو چوي ٿي ته اسان جا اسڪول تباهه نه ڪيو، هو چوي ٿي ته اسان کي پڙهڻ ڏيو ۽ ان ڏوهه ۾ هن ذهين شاگردياڻي کي گولين جي برسات کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ تعليم ۽ امن جي خواهش رکندڙ ۽ علم جي ڳولا ۾ نڪتل چوڏهن سالا ملالا يوسفزئي ڪالهه سوات ۾ اسڪول ويندي دهشتردن جي فائرنگ ۾ شديد زخمي ٿي پئي آهي۔ ياد رهي ته ملالا يوسفزئي پاڪستان جو امن ايوارڊ ملڻ سان گڏ عالمي امن جي ايوارڊ لاء به نامزد ٿيل آهي۔

ڪالهه سوات ۾ هوء ڪجهه ٻين شاگردياڻين سان گڏ اسڪول وڃي رهي هئي ته رستي تي کيس گوليون هنيون ويون آهن جنهن ۾ هن سان گڏ ٻيون ٻه شاگردياڻيون پڻ زخمي ٿيون آهن۔ ملالا سميت زخمي شاگردياڻين کي مقامي اسپتال نيو ويو پر ملالا جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ڊاڪٽرن کين ڳڻتي جوڳي حالت قرار ڏيڻ بعد ملالا کي پشاور جي سي ايم ايڇ اسپتال نيو ويو، هوڏانهن واقعي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاران قبول ڪندي چيو آهي ته اسان جو اصل هدف ملالا هئي، ڇاڪاڻ ته ان قبائلي روايت ۽ اصولن خلاف قدم کنيا، جڏهن ته ملالا جي زخمي دوست شاگردياڻي ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو آهي ته حملي ڪرڻ کان اڳ ملالا لاءِ پڇيو ويو، جواب نه ڏيڻ تي اسان سڀني مٿان فائرنگ ڪئي وئي۔

تازه ترين اطلاع آهن ته ملالا جي مٿي ۾ لڳل گولي ريڙهه جي هڏي تائين پهچڻ ڪري سندس آپريشن ڪيو ويو آهي پر سندس دماغ ۾ سوڄ وڌي وئي آهي۔ ڊاڪٽر ڪوششن ۾ آهن ته سندس حياتي بچائي وڃي۔

روزانه ڪاوش پاران ملالا جي زندگيء بابت هڪ خاڪو ڏنو ويو آهي، جيڪو پيش ڪجي ٿو۔


731 اٽيچمينٽ ڏسو


تعليم سان محبت ڪندڙ ۽ حق جو آواز بلند ڪندڙ معصوم ملالا جي ڪامياب زندگي تي هڪ نظر !


پشاور: پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان خلاف ۽ تعليمي ادارن جي بقا ۾ ڊائري لکڻ تان پوري دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ ملالا يوسفزئي کي ڏکڻ آفريقا جي شخصيت ديمند ٽوٽو پاران عالمي امن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته ملالا اهڙو عالمي اعزاز ماڻيندڙ پهرين پاڪستاني نياڻي آهي، 14 سالن جي ملالا کي گذريل سال حڪومت پاڪستان طرفان قومي امن ايوارڊ جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو، ملالا يوسفزئي جو تعلق سوات جي علائقي مينگوره سان آهي، سوات ۾ 2009ع ۾ جڏهن طالبان خلاف فوجي آپريشن جاري هو ته اتان جون حالتون ايتريون خراب هيون جو پوري ضلعي ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي لڳائي وئي ۽ اسڪول ڪيترو ئي وقت بند پيل هئا ته انهي وقت گل مڪئي جي نالي سان ملالا پرڏيهي ميڊيا کي لکندي رهي ۽ ٿيندڙ هر ظلم جي ڪهاڻي پڻ عالمي دنيا تائين پهچائي، جنهن تي نه صرف پاڪستان ۾ پذيرائي ملي پر پوري دنيا ملالا جي بهادر قدمن جي ساراهه ڪئي، سوات ۾ آپريشن دوران جهڙي وقت ميڊيا سميت ڪو حڪومتي ادارو سوات جون اصل حقيقتون بيان نه ڪري سگهيو ته انهي وقت پاڪستان جي نياڻي ملالا يوسفزئي سوات ۾ ٿيندڙ ظلم جون اصل ڪٿا پوري دنيا تائين پهچايون، ملالا يوسفزئي تي عالمي ادارن پاران 2 دستاويزي فلمون پڻ ٺاهيون، جنهن ۾ تعليمي ادارن جي بقا اولين ترجيح رکي وئي ۽ قبائلي علائقن ۾ ٿيندڙ ظلمن جون اصل حقيقتون پڻ منظر عام تي آنديون، ملالا يوسفزئي عالمي شهريت ماڻڻ بعد ميڊيا جي زينت بڻي، ڪيترن ئي ميڊيا چئنلن پاران ملالا کي ڪوريج ڏني وئي، ڪيترن ئي ميڊيا پروگرامن ۾ 14 سالن جي ملالا يوسفزئي تعليم متعلق آواز بلند ڪيو، پروگرام ۾ هن جو چوڻ هو ته آخر قبائلي علائقن ۾ ڪڏهن بند پيل تعليمي ادارا کوليا ويندا ۽ اتي ڇوڪرين لاءِ تعليم عام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو، هن جو چوڻ هو ته مان وڪيل ٿيڻ جي خواهشمند هيس پر ملڪي خوشحالي لاءِ سياستدان ٿيڻ چاهيان ٿي، ملالا پروگرام ۾ مسلسل مطالبو ڪندي رهي ته سوات سميت خيبرپختونخوا ۾ نوان تعليمي ادارا کوليا وڃن، جتي ڇوڪرين جي تعليم عام ڪئي وڃي ۽ هن جي محنت ۽ بهادري ڏسندي صوبائي حڪومت پاران بند پيل خوشحال پبلڪ اسڪول کي ملالا پبلڪ اسڪول فائونڊيشن جو نالو ڏئي اداري کي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ عام ڪيو ويو.
 
طالبان اسلام جا ٺيڪيدار آهين 75 فيصد پاڪستان طالبان آهي اسلام ۾ ته اهو آهي ئي ڪو نه ته (پينگهي کان وٺي قبر تائين علم پرايو ))سچ ۾ ملاله گنهگار آهي جو هن اسلام جي تعليمات۽ اسسسسسسلام جي ٺيڪيدارن (طالبان ) جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ان کي گولي نه بم هڻڻ گهرجي ها ۔۔۔ هاي مسلمان۔۔۔۔۔۔
 
ڪجهـ اهڙا به مسلمان ٿيا هُيا ، جي صرف پنهنجي پَٽڪي کي بچائڻ لاءِ مسلماني جو ڍونگ رچايو هو ، حقيقت ۾ اهي بُت پرست ئي هيا ۽ رهيا ۔ انهن جو نسل اڄ ڏينهن تائين سرڪار دوجهان محسنِ انسانيت جي اُمت کان بدلو وٺندا پيا اچن ، ۽ وٺندائي رهندا ۔
پر هتڙي عجيب تماشو آهي ، هڪ ڌر دُهل تي ڏونڪو هڻي چوي ٿي ته ملاله يوسف زئي جي مٿان اسان حملو ڪيو آهي ۽ جي ملاله يوسف زئي بچي وئي ته مٿس ٻيهر به حملو ڪيو ويندو۔ ڪو به ان جو نوٽيس يا ازخود نوٽيس نه ٿو وٺي ڇو؟؟؟؟؟
نه ئي ان تنظيم جي قيادت کان وري ڪو ترديدي بيان ئي اچي ٿو ۔ خيبر پختونخواه جي حڪومت جي چالاڪي بي حيائي سان اعلان ٿا ڪن ته جيڪو اسانکي قاتلن جي باري ۾ ٻڌائيندو ته ان کي هڪ ڪروڙ روپيه انعام ڏنو ويندو ۔
آهي ڪو هنن بي حياءَ حڪومت کان پڇي ته جن به بانگ دهل اعلان ڪيو آهي ته اسان حملو ڪيو آهي ڇو نه ٿا پڪڙيو انهن کي ؟؟؟؟
 
مون کي اڳا ڳاله سمجه ۾ نٿي اچي ته جيڪو پاڪستان انڊيا کي روز ڌمڪيون ڏيندو آهي ۽ انڊيا سا ن ڪيئي دفعا جنگ جوٽي چڪو آهي اهو هڪ ٽولي سان جنگ ڪرڻ کان ڇو ٿو ڪيٻائي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ڪٿي حقيقت ائين ته نه آهي جو طالبان ۽ پاڪستان ٻه الڳ شون نه پر پاڪستان ئي طالبان آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
اسان دل جي گهرائين سان ملالا يوسف زائي تي قاتلڻا حملي جي مذمت ٿاڪيون۔
الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته هن قوم جي بهادر،علم جي پياسي ،امن جي سفيرنياڻي جي جلد صحتيابي فرمائين۔الله پاڪ هنن کي وري ساڳئي زندگي عطا فرمائين جيڪا هو گذاري رهي هئي۔ هن تي حملو ڪندڙ چاهي ڪيترا به طاقت وار هجن کي ايئن تباه ؤ برباد ڪن جيئن۔نمرود،فروعون ۽ ٻين ظالمن کي ڪيو اٿن۔ ملالا يوسف زائي جهڙِون دلير نياڻيون اسان جو قومي اثاثو آهن ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو قومي فريضو آهي۔ اسلام ۾ نياڻين تي هڙا ظلمڻا حملن جي ڪا گنجاش نه آهي ۽ سختي سان ممعنات ڪئي ويئي آهي۔ انهڪري جنهن به اهو حملو ڪيوآهي ڄاڻو ته هن الله پاڪ جي حڪمن جي انحرافي ڪئي آهي ۽ هن جي لاء جلد سخت سزا اچڻ واري آهي۔نياڻي ملالا يوسف زائي الله پاڪ هميشه تنهنجو حامي ؤ ناصر رهندو، ۽ انشاالله تمام جلدي صحتياب ٿئي ڪري پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندين۔ آمين۔
 
Back
Top