هن جو ڏوهه اهو آهي ته هو چوي ٿي ته اسان جا اسڪول تباهه نه ڪيو، هو چوي ٿي ته اسان کي پڙهڻ ڏيو ۽ ان ڏوهه ۾ هن ذهين شاگردياڻي کي گولين جي برسات کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ تعليم ۽ امن جي خواهش رکندڙ ۽ علم جي ڳولا ۾ نڪتل چوڏهن سالا ملالا يوسفزئي ڪالهه سوات ۾ اسڪول ويندي دهشتردن جي فائرنگ ۾ شديد زخمي ٿي پئي آهي۔ ياد رهي ته ملالا يوسفزئي پاڪستان جو امن ايوارڊ ملڻ سان گڏ عالمي امن جي ايوارڊ لاء به نامزد ٿيل آهي۔
ڪالهه سوات ۾ هوء ڪجهه ٻين شاگردياڻين سان گڏ اسڪول وڃي رهي هئي ته رستي تي کيس گوليون هنيون ويون آهن جنهن ۾ هن سان گڏ ٻيون ٻه شاگردياڻيون پڻ زخمي ٿيون آهن۔ ملالا سميت زخمي شاگردياڻين کي مقامي اسپتال نيو ويو پر ملالا جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ڊاڪٽرن کين ڳڻتي جوڳي حالت قرار ڏيڻ بعد ملالا کي پشاور جي سي ايم ايڇ اسپتال نيو ويو، هوڏانهن واقعي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاران قبول ڪندي چيو آهي ته اسان جو اصل هدف ملالا هئي، ڇاڪاڻ ته ان قبائلي روايت ۽ اصولن خلاف قدم کنيا، جڏهن ته ملالا جي زخمي دوست شاگردياڻي ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو آهي ته حملي ڪرڻ کان اڳ ملالا لاءِ پڇيو ويو، جواب نه ڏيڻ تي اسان سڀني مٿان فائرنگ ڪئي وئي۔
تازه ترين اطلاع آهن ته ملالا جي مٿي ۾ لڳل گولي ريڙهه جي هڏي تائين پهچڻ ڪري سندس آپريشن ڪيو ويو آهي پر سندس دماغ ۾ سوڄ وڌي وئي آهي۔ ڊاڪٽر ڪوششن ۾ آهن ته سندس حياتي بچائي وڃي۔
روزانه ڪاوش پاران ملالا جي زندگيء بابت هڪ خاڪو ڏنو ويو آهي، جيڪو پيش ڪجي ٿو۔
731 اٽيچمينٽ ڏسو
تعليم سان محبت ڪندڙ ۽ حق جو آواز بلند ڪندڙ معصوم ملالا جي ڪامياب زندگي تي هڪ نظر !
پشاور: پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان خلاف ۽ تعليمي ادارن جي بقا ۾ ڊائري لکڻ تان پوري دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ ملالا يوسفزئي کي ڏکڻ آفريقا جي شخصيت ديمند ٽوٽو پاران عالمي امن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته ملالا اهڙو عالمي اعزاز ماڻيندڙ پهرين پاڪستاني نياڻي آهي، 14 سالن جي ملالا کي گذريل سال حڪومت پاڪستان طرفان قومي امن ايوارڊ جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو، ملالا يوسفزئي جو تعلق سوات جي علائقي مينگوره سان آهي، سوات ۾ 2009ع ۾ جڏهن طالبان خلاف فوجي آپريشن جاري هو ته اتان جون حالتون ايتريون خراب هيون جو پوري ضلعي ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي لڳائي وئي ۽ اسڪول ڪيترو ئي وقت بند پيل هئا ته انهي وقت گل مڪئي جي نالي سان ملالا پرڏيهي ميڊيا کي لکندي رهي ۽ ٿيندڙ هر ظلم جي ڪهاڻي پڻ عالمي دنيا تائين پهچائي، جنهن تي نه صرف پاڪستان ۾ پذيرائي ملي پر پوري دنيا ملالا جي بهادر قدمن جي ساراهه ڪئي، سوات ۾ آپريشن دوران جهڙي وقت ميڊيا سميت ڪو حڪومتي ادارو سوات جون اصل حقيقتون بيان نه ڪري سگهيو ته انهي وقت پاڪستان جي نياڻي ملالا يوسفزئي سوات ۾ ٿيندڙ ظلم جون اصل ڪٿا پوري دنيا تائين پهچايون، ملالا يوسفزئي تي عالمي ادارن پاران 2 دستاويزي فلمون پڻ ٺاهيون، جنهن ۾ تعليمي ادارن جي بقا اولين ترجيح رکي وئي ۽ قبائلي علائقن ۾ ٿيندڙ ظلمن جون اصل حقيقتون پڻ منظر عام تي آنديون، ملالا يوسفزئي عالمي شهريت ماڻڻ بعد ميڊيا جي زينت بڻي، ڪيترن ئي ميڊيا چئنلن پاران ملالا کي ڪوريج ڏني وئي، ڪيترن ئي ميڊيا پروگرامن ۾ 14 سالن جي ملالا يوسفزئي تعليم متعلق آواز بلند ڪيو، پروگرام ۾ هن جو چوڻ هو ته آخر قبائلي علائقن ۾ ڪڏهن بند پيل تعليمي ادارا کوليا ويندا ۽ اتي ڇوڪرين لاءِ تعليم عام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو، هن جو چوڻ هو ته مان وڪيل ٿيڻ جي خواهشمند هيس پر ملڪي خوشحالي لاءِ سياستدان ٿيڻ چاهيان ٿي، ملالا پروگرام ۾ مسلسل مطالبو ڪندي رهي ته سوات سميت خيبرپختونخوا ۾ نوان تعليمي ادارا کوليا وڃن، جتي ڇوڪرين جي تعليم عام ڪئي وڃي ۽ هن جي محنت ۽ بهادري ڏسندي صوبائي حڪومت پاران بند پيل خوشحال پبلڪ اسڪول کي ملالا پبلڪ اسڪول فائونڊيشن جو نالو ڏئي اداري کي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ عام ڪيو ويو.