732 اٽيچمينٽ ڏسو Depression: A Global Crisisمايوسي ۽ اداسيءَ جي دنيا جو سائنسي اڀياس ڊاڪٽر جميل احمد جوڻيجو ذهني صحت جي ڄاڻ کي عام ڪرڻ لاءِ 1992ع کان وٺي مسلسل جاکوڙيندڙ ادارو ورلڊ فيڊريشن فار مينٽل هيلٿ (WFMH) هن سال کي ڊپريشن جي بيماريءَ کي سمجهڻ جو سال ڪري ملهائي رهيو آهي. ان سڄي مشق جو مقصد فقط اِهو آهي ته دنيا جي مڙني سماجن ۾ موجود انهن ماڻهن تائين هن ڄاڻ کي آسان ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ پهچايو وڃي ته جيئن انهن سماجن ۾ موجود انيڪ انسانن جو علاج ممڪن ٿي سگهي، جيڪي ڊپريشن يا مايوسي يا اُداسي جي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل آهن. ان کان اڳ جو پاڻ ڊپريشن کي سمجهون، ان ڳالهه کي ورجائڻ ضروري آهي ته آخر اسان جو سماج ۽ ان ۾ موجود فرد جسماني بيمارين کي ته سمجهن ٿا ۽ ان جي حل لاءِ سائنسي رستو اختيار ڪن ٿا ۽ گهربل علاج تائين رسائي حاصل ڪن ٿا پر جڏهن اسان مان ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪو ذهني يا نفسياتي مسئلو يا علامت شروع ٿئي ٿي ته اسان ان کي هرو ڀرو پُر اِسرار بڻائي ٿا ڇڏيون. ذهني بيماريءَ جي ڪيفيت کي جادو، اثر، ٽوڻو ڦيڻو، جن، ڀوت سان تشبيهه ڏئي ڪري، انهن انسانن کي ذهني صحت جي ادارن تائين پهچڻ کان پهرين ئي مفلوج بڻائي ٿا ڇڏيون. ائين ڇو آهي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر ڏِسڻو اِهو آهي ته اسان پنهنجي سماج ۾ انهن روين ۾ تبديلي ڪيئن آڻي سگهون ٿا؟ صحت جو عالمي ادارو (W.H.O) هڪ انتهائي اهم پروگرام يا مهم شروع ڪئي آهي. ان پروگرام جو نالو آهيMantel health, global action program هن پروگرام کي شروع ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هو ته دنيا جي غريب ملڪن ۽ سماجن ۾ موجود لکن ۽ ڪروڙن انسانن جي لاءِ، جيڪي ذهني بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، انهن تائين رسائي حاصل ڪجي ۽ تمام سستو ۽ معياري علاج، جيڪو ممڪن آهي اُهو مهيا ڪري ڏجي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان دنيا جي انهن مُلڪن ۾ شامل آهي، جتي صحت جهڙي اهم ڳالهه لاءِ به تمام ٿوري بجيٽ رکي وڃي ٿي ۽ ذهني صحت ته قومي صحت پروگرام ۾ شامل ئي نه آهي! صحت جو عالمي ادارو (W.H.O) مينٽل هيلٿ گيپ پروگرام وسيلي هن وقت تائين، آفريڪا، انڊيا، سريلنڪا، چائنا ۽ ٻين مُلڪن ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪري چڪو آهي. ڊپريشن ڇا آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن لُغت ۾ موجود ڊپريشن جي لفظ کي اُداسي لاءِ ڪُتب آندو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن وڏي بيماري ۾ مبتلا مريضن جي ڪيفيت کي هڪ علامت ڊپريشن ۾ سمجهيو ويندو آهي. پر ڊپريشن هڪ ئي وقت ۾ هڪ شديد ذهني بيماري (Syndrome) پڻ هجي ٿي. ڊپريشن جو علامتون مايوس رهڻ، هر وقت ۽ هر روز، پنهنجي آس پاس جي ماحول کان پري ٿي وڃڻ. زندگي جي مڙني ڪمن ڪارن ۽ ڳالهين مان دلچسپي جو گهٽجي وڃڻ، بُک نه لڳڻ يا گهٽ لڳڻ، وزن جو وڌي وڃڻ يا گهٽ ٿيڻ، ننڊ نه اچڻ يا گهڻي ننڊ اچڻ، بي چيني ۽ بيقراري ۽ منجهيل رهڻ، ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ جو احساس رهڻ، پاڻ کي ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ محسوس ڪرڻ، شرم ۽ ندامت محسوس ڪرڻ، روز مره جي ڪمن ڪارن ۾ فيصلو نه ڪري سگهڻ، موت جي باري ۾ تصور ڪرڻ يا خودڪشي جا خيال اچڻ. ڊپريشن جي سڃاڻپ يا تشخيص ڪڏهن ڪڏهن اسان سڀ مايوسي جو شڪار ٿي پوندا آهيون ۽ هر وقت بيزار رهڻ لڳندا آهيون، ٿوري گهڻي ڳالهه تي چڙ ۽ ڪاوڙ ايندي رهندي آهي. عام طرح اهڙيون علامتون هفتي ٻن ۾ ٺيڪ ٿي وينديون آهن. اهي علامتون ان وقت بيماري جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن، جڏهن ”اُداسي ۽ مايوسي“ جو احساس ڪافي ڏينهن رهي ۽ ختم نه ٿئي، شدت ايتري هجي جو روز مره جي زندگي ۽ ڪم ڪار متاثر ٿيڻ لڳي. اهڙي ڪيفيت ۾ ڪنهن ويجهي ماهر ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، جيڪو تفصيلي معائني کان پوءِ بيماري جي هجڻ يا نه هجڻ جي تصديق ڪري سگهندو. ڊپريشن جا ڪجهه ڪارڻ دماغ ۾ موجود ڪجهه رطوبتن جهڙوڪ سروٽونِن (Serotonin) جي کوٽ، جسم ۾ موجود هارمونس (Thyroid) جي کوٽ، موروثيت ۾ ڪنهن خاندان جي فرد کي اڳ مايوسي ۽ اُداسي جي بيماري جو هجڻ. ڪنهن ويجهي مٽ مائٽ يا عزيز جي انتقال، طلاق کانپوءِ، نوڪري ختم ٿيڻ جي ڪري ڪاروبار ۾ نقصان جي ڪري، ڪجهه جسماني بيمارين جهڙوڪ؛ ڪاري سائي، دم جي بيماري، هڏن جي بيماري، دل جي بيماري ۽ ڪينسر جي بيماري جي ڪري پڻ مايوسي يا اُداسي جي بيماري (Co morbidity) طور ٿي پوي ٿي. ڊپريشن جي بيماري ڪيتري عام آهي؟ ڊپريشن هن وقت سڄي دنيا ۾ گلوبل برڊن آف ڊزيزز مطابق ٽئين نمبر تي آهي ۽ سن 2030ع ۾ اداسي ۽ مايوسي جي بيماري پهرئين نمبر تي هوندي ۽ وڌ کان وڌ ماڻهو خودڪشي جو شڪار ٿي ويندا. ڊپريشن جي بيماري عورتن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ عمر جي ڪنهن به حصي ۾ شروع ٿي سگهي ٿي. پر گهڻو ڪري نوجواني جي دوران هن بيماري جي شروعات ٿئي ٿي، ان وقت جڏهن انسان معاشي طور تي پنهنجي ڪٽنب لاءِ ڪمائڻ شروع ڪري ٿو. ڊپريشن جا نظر نه ايندڙ نقصان جڏهن ڪنهن به فرد کي هيءَ بيماري شروع ٿئي ٿي ته هو باقي معاشري کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ گهڻو وقت اڪيلائي ۽ تنهائي جو شڪار رهي ٿو. مثبت (Positive) سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ مثبت روين کان هٽي ڪري منفي (Negative) روين ۾ پئجي وڃي ٿو. جهڙوڪ نشو واپرائڻ! اسان پنهنجي آس پاس نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي ته معاشري جو چڱو خاصو حصو، عام نشي واريون شيون جهڙوڪ مين پڙي، ناس، نسوار، گٽڪو، پان، ڀنگ، شراب ۽ چرس ۽ ننڊ آڻڻ واريون گوريون وغيره استعمال ڪري رهيو هوندو آهي. سائنسي ڄاڻ مطابق نشي جو استعمال شروع شروع ۾ مايوسي ۽ اُداسي جي ڪيفيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪبو آهي ۽ آهستي آهستي ماڻهو نشي جو عادي (Dependent) ٿي ويندو آهي. ان ڪري سڀني نشي واپرائڻ وارن کي ماهر ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، ڇو ته نشو واپرائڻ جي پويان (Depression) جي بيماري ئي هجي ٿي، جنهن جو مناسب علاج ٿيڻ جي صورت ۾ انسان ٺيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي نشي مان به جان هميشه جي لاءِ آزاد ٿي وڃي ٿي. صحت جي عالمي اداري جي تحقيق جي مطابق Disability adjusted life years (DALYS) جي پيماني تي وڌ کان وڌ اُداسي ۽ مايوسي جي بيماري جي ڪري فرد، ڪٽنب ۽ سماج ۾ غربت رهي ٿي. هاڻي ٿورو غور ۽ ويچار ڪريو جنهن سماج ۾ 20 کان 30 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جي بيماري ۾ مبتلا هجن، اتي جي سماج ۾ ترقي ممڪن ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هن اهم موضوع تي اسان جي سول سوسائٽي کي ضرور بحث ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي حل لاءِ قابل عمل تجويزون پڻ گڏ ڪرڻ گهرجن. ذهني صحت وقت جي ضرورت آهي، نفسياتي بيمارين جي انگن اکرن کي ڏسي ڪري حقيقت کان منهن نه ٿا موڙي سگهون. جڏهن هر 4 ماڻهن مان هڪ ماڻهوءَ کي ڪونه ڪو ذهني صحت جو مسئلو هجي. اسان جي سماج کي اهڙن مريضن جي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻي پوندي ۽ هنن بيمارين کي به ائين سمجهو ويندو، جيئن جسماني بيمارين کي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي علاج لاءِ به سائنسي طريقو اختيار ڪيو ويندو. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
بهترين ادا پياري انداز ۾ نفسياتي بيمارين لا ڄاڻ مهيا ڪئي وئي آهي ، اسانوٽ خبر ناهي ڪڏهن جن ، پري يا ديو جو پاڇو وغيره واري رسم ختم ٿيندي!
ادا وساڻ صاحب تمام بهترين مضمون توهان ونڊ ڪيو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ڪافي معلومات حاصل ٿئي ٿي، دعا آهي ته اسان جي سنڌ جي سادڙن مارو۔ڙن کي اهيا ڳالهه سمجهه اچي، باقي ته اسان جي سنڌ سادن ماڻهن کي فرن جا به وڏا ٽولا سرگرم آهن جيڪي مذهب جي نالي تي پيا ٿا انهن کي فرين ۽ لٽين، ادا آهي ته پوري ملڪ جو اهيو حال پر اسان جي سنڌ ۾ مڙئي ڪجهه وڏيڪ آهي، سنڌ جي پير پرستي تي محترمه صنوبر انڙ جو هڪ مضموسنڌ-۾-ايڏي-پير-پرستي-ڇو-…؟ پڻ لکيل آهي جنهن کي پڻ هت ونڊ ڪجي ٿو، جيڪو پڙهڻ وٽان آهي، ادا وري به توهان جي مهرباني جو توهان جديد دور جي حساب سان معلومات مهيا ڪئي۔