سائيڪل ...ٻاراڻو نظم ... شمشير الحيدري

نثارابڙو

نائب منتظم
538788_10151133900778948_1152296892_n.jpg
سائيڪل​
ٻاراڻو نظم​
شمشير الحيدري​
بابا ڏياري سائيڪل،​
بابا ڏياري سائيڪل،​
ڪير هلي هاڻ پيدل،​
ڪير هلي هاڻ پيدل!!!​
سائيڪل منهنجي نئين نياري،​
گهنٽي هن جي ٽڻ ٽڻ واري،​
واه ڦري ٿو ڪيئن هينڊل ...!!!​
مور نه ٿئي ٿي پنڪچر،​
ائين ڊوڙي جيئن لاري موٽر،​
هٿن مان ترڪي پيو هينڊل...!!!​
سڀ کان سستي سولي سواري،​
سارو ڏينهن گهمان چوڌاري،​
ڪون ٿئي پئٽرول جو بل ...!!!​
ڌيان سان روڊ تي هلندو آهيان،​
آسي پاسي ڏسندو آهيان،​
تڪڙ ڪڏهن نه ڪريان ڀل ...!!!​
ڳاڙهي بتيءَ تي بيهندو آهيان،​
سائيءَ بتي تي هلندو آهيان​
ٽوڙيان ڪڏهن ڪون سگنل ..!!​
 
Back
Top