سنڌ جي سرزمين جيڪي چوٽي جا عالم پيدا ڪيا، تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ نهايت ئي ناميارو عالم هو. سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. مخدوم صاحب جي سوانح تي پهريون ڀيرو سندس ڪتاب ”بَذلَ القوه في حوادث سِني الُنُبوّه“ جي مقدمي طور مرحوم مخدوم امير احمد صاحب چڱو تفصيلي بيان قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان گهڻو اڳ شايع ٿيو. البت مخدوم محمد هاشم رحه جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن، جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن- تفسير، حديث، فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کان سواءِ سندس سنڌي تصنيفن جو معيار علميت توڙي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي، جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي. فقهي مسئلن ۾ تحقيق کي مخدوم صاحب هڪ اعليٰ سائنسي منزل تي پهچايو. ان جو مثال سنڌ ۾ ’سج جي لڙڻ‘ جو مهيني سر مهيني صحيح وقت متعين ڪرڻ آهي، جنهن بابت ٻن سالن جي تجربي بعد مخدوم صاحب پنهنجي تصنيف ”رشف الظلال في فيء الزوال“ ۾ هڪ ڪُلي قاعدو مرتب ڪيو. هن تحقيق جي سائنسي ۽ رياضي رخ تي راقم پنهنجي هڪ انگريزي مقالي ۾ روشني وڌي آهي، جيڪو بين الاقوامي اسلامي سائنسي ڪانفرنس (1980ع) ۾ پيش ڪيو ويو.[1] ان مقالي لکڻ دوران محسوس ٿيو ته مخدوم محمد هاشم جي علم ۽ ادبي ڪارنامن ۽ ديني خدمتن تي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ وسيع ميدان موجود آهي. مخدوم صاحب بابت تحقيق جو بهترين ۽ نسبتاً آسان طريقو اهو آهي جو سندن هڪ هڪ ڪتاب ڪري کڻجي ۽ ان جي مطالعي مان جيڪي بنيادي نتيجا نڪرن تن کي قلمبند ڪجي. مخدوم صاحب جملي ڪيترا ڪتاب لکيا، سو يقيني طور معلوم ناهي. پاڻ پنهنجن ڪتابن ۾ پنهنجين مختلف تصنيفن جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ شايد هڪ جدا رسالو به لکيائين، جنهن ۾ پنهنجن لکيل ڪتابن جي سڄي فهرست ڏنائين.[2] مخدوم صاحب بابت تحقيق جي هن طريقي تي عمل ڪرڻ خاطر مثال طور هيٺ اسان سندس هڪ ڪتاب ’اتحاف الاڪابر‘ جي روشني ۾ سندس سوانح بابت ڪي اشارا قلمبند ڪريون ٿا. هن ڪتاب جو سڄو نالو ”ڪتاب اتحاف الاڪابر بمبرويات الشيخ عبدالقادر“ آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا موجود آهن. راقم جيڪو نسخو ڏٺو سو ڪاتب عثمان بن يار محمد آچر جي ڏينهن، يارهين تاريخ محرم مهيني جي، سن 1206هه ۾ لکي پورو ڪيو. · هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي ولادت جي تاريخ ”خميس رات ڏهين تاريخ ربيع الاول سن 1104هه“ لکي آهي. سندس سوانح جي سلسلي ۾ اهو هڪ پڪو پختو اهڃاڻ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائي صاحب کان ٻه سال کن ننڍو هو. · اهو عام مشهور آهي ته مخدوم صاحب حج تي ويو هو. نبي صلعم جي روضي جي زيارت ڪيائين ۽ قرب حاصل ڪيائين. هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو اتي ڳچ وقت رهيو، پڙهيو ۽ پڻ ڪتاب لکيائين. مخدوم صاحب مڪه مڪرمه ۾ شيخ عبدالقادر بن مرحوم شيخ ابوبڪر عبدالقادر صديقي حنفي کان حديث جو علم حاصل ڪيو. ان پڙهائيءَ واري دؤر ۾ شيخ عبدالقادر استاد جي حيثيت ۾ پنهنجين روايتن جا جيڪي سلسلا بيان ڪيا تن مان چوند روايتون سَنَدن طور مخدوم محمد هاشم پنهنجي هن ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ قلمبند ڪيون. سندس لکڻ موجب شيخ عبدالقادو سَنَدن جا سلسلا ايترو ته تحقيق ۽ تفصيل سان پئي بيان ڪيا جو سڀ لکجن ها ته جيڪر هن ڪتاب جا ٽي جلد کن ٿي وڃن ها. هي جلد جيڪو مخدوم صاحب مرتب ڪيو، سو به سَنَدن جي سلسلي ۾ هڪ موسوعات (انسائيڪلوپيڊيا) آهي. اهڙو ٻيو ڪتاب هن پوئين ويجهي دؤر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو مرتب ڪيل ”التمهيد لتعريف ائمتـﮧ التجديد“ آهي، جيڪو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي تصحيح ۽ حواشي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. · مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي استاد شيخ عبدالقادر جو نالو وڏي احترام سان وٺي ٿو، ۽ کيس ”شيخنا“ (اسان جو استاد) ڪري لکي ٿو. · مخدوم صاحب هن ڪتاب جو مسودو مڪي شريف ۾ ”اڱاري جي ڏينهن ڇويهين تاريخ شوال سن 1136هه“ لکي پورو ڪيو. ان وقت سندس عمر ساڍا اٺاويهه سال کن هئي. ڪتاب جي متن جي آخر ۾ ساڳئي موضوع بابت وڌيڪ معلومات ٻن مختصر رسالن ۾ ڏنل آهن، جن کي مخدوم صاحب ”ذيل اتحاف الاڪابر“ ۽ ”تڪمله ذيل اتحاف الاڪابر“ نالا ڏنا آهن. انهن مان پهريون شهر ٺٽي ۾ مهيني جمادي الاول جي ستين تاريخ سومر ڏينهن سن 1137هه ۾ لکي پورو ڪيائين ۽ ٻيو ان بعد لکيو هوندائين، پر ان جي لکيت جي تاريخ (زير نظر نسخي ۾) ڄاڻايل ڪانهي. · مٿين تاريخن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا: تاريخ 26- شوال سن 1136هه تائين مخدوم صاحب يقيني طور مڪي شريف ۾ هو، ۽ تاريخ ستين جمادي الاول سن 1137هه ۾ ٺٽي ۾ هو. ضرور حج ڪري موٽيو هوندو. يعني ته ذوالحج سن 1136هه کان جمادي الاول سن 1137هه وارن پنجن مهينن کن واري عرصي ۾ سنڌ واپس آيو هوندو. · ڪتاب ۾ سندس سوانح حيات بابت ٻيا به ڪي اشارا موجود آهن، پر خاص ڳالهه اها جو آخر ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ”منهنجون تصنيفون عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ آهن ۽ اهي هن وقت تائين هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ آهن. ان بعد ڪم از ڪم هڪ سؤ پنجن ڪتابن جا نالا ۽ مختصر طور انهن جا موضوع ڄاڻايا اٿس، جن ۾ ڏهه ڪتاب سنڌي ۾ منظوم آهن. اهي سڀ ڪتاب مخدوم محمد هاشم رحه ساڍن اٺاويهن سالن جي عمر ۾ سن 1136هه (1724ع) جي جمادي الاول مهيني تائين تصنيف ڪيا. ٻيا وڌيڪ ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي باقي چاليهن سالن واري وڏي عرصي ۾ تصنيف ڪيائين. مخدوم صاحب سترِ سالن جي عمر ۾ سن 1174هه (1760ع) ۾ وفات ڪئي- رحمته الله. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
بيشڪ عظيم المرتبت شخصيت جو مالڪ مخدوم صاحب جنهنکي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ مان سلام جو اعزاز عطا ڪيو ويو۔ رحمت الله عليه
ادا هي لفظ اصل ۾ بمرويات آهي نه ڪي بمبرويات، شايد لکڻ ۾ غلطي ٿي وئي آهي، باقي مرحوم بلوچ صاحب جن جو تمام عاليشان تجزيو آهي مخدوم ٺٽوي صاحب ۽ انهن جي تمام عظيم ۽ وڏي ڪتاب تي جيڪو واقعي به هڪ انسائيڪليوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿو، اهو ٻڌائيندو هلان ته مخدوم صاحب جن جو هي ڪتاب ان شا الله تمام جلد سائين مفتي ڊاڪٽر محمد ارديس سومرو ڪنڊياروي صاحب جن جي نگراني ۾ ڇپجڻ وارو آهي، ان تي ڪم تقريبا مڪمل ٿي چڪو آهي۔
هن عاجز به مخدوم صاحب جي هڪ تصنيف ”التحفة المرغوبة في افضلية الدعاء بعد المکتوبة“ جو اردو زبان ۾ ترجمو تخريج ۽ تحقيق ڪئي آهي جيڪو ڪراچي جي ماهنامي ”البقيع“ مان شايع ٿيو هو۔ ۽ مخدوم صاحب عليه الرحمة جي هڪ قلمي ڪتاب ”السيف الجلي على ساب النبي“ تي عربي ۾ تحقيق ۽ تخريج ۽ تعليق جو ڪم مڪمل ڪري شايع ٿيڻ جي لاءِ مصر موڪليو آهي، دعا ڪجو ته شايع ٿي اچي۔ مخدوم صاحب عليه الرحمة جي عربي ۽ فارسي شاعري کي ترتيب ڏئي ان جي اردو ترجمي جو ڪم ”قصائد هاشمي“ جي عنوان سان زيرِ قلم آهي۔ دعا ڪجو ته پايهءِ تڪميل تائين پهچي۔