مان فرعون کي برو ناهيان چوندو پر اها دعا ڪندو آهيان ته شڪر آهي جو مان فرعون ناهيان ٿيو پر اها تسلي به ڪانه اٿم ته ڪو مان سو فيصد فرعون ٿيڻ کان بچي ويو آهيان ٿي سگهي ٿو مستقبل جو فرعون مان ئي بڻجان ڇو ته فرعونيت هر انسان جي اندر موجود آهي صرف ان جي اڳيان جهڪڻ وارا گهٽ آهين جڏنهن ان انسان کي جنهن جي اندر فرعونيت موجود اهي ان جي سامهون ڪي جهڪڻ وارا ملي ويا ته انسان جي اندر جي فرعونيت ٻاهر ايندي ۽ انا رب العالمين جي دعوا ڪندي دير ناهي ڪندو .ان ڪري انسان کي پهريان فرعون ۽ شداد تي لعنت ڪرڻ کان پهريان اها دعا ڪرڻ گهرجي ته خدايا اسان کي اهڙو رتبو ئي نه ڏجان جو ماڻهون اسان کي خدا چوڻ شروع ڪن ۽ مان ڪالر کي ڇنڊين انهن جي ها ۾ ها ملائيدي خود کي فرعون سمجهي ڪري انا رب العالمين جي دعوا ڪري ويهان
علي ظفر تاريخ 10.10.2012