• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز وستا وانگر ونڊوز 7 مايوس نه ڪندي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
مائڪروسافٽ سرڪاري طور تي ونڊوز 7 جو افتتاح 22 آڪٽوبر 2009 يعني اربع ۽ خميس واري ر رات تي ڪري ڇڏيو آهي... ياد رهي ته ونڊوز وستا جي جاري ٿيڻ تي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن شڪايت ڪئي هئي ته ونڊوز وستا ڪيترن ئي سافٽويئرن سان هم آهنگ نه آهي .... اهو ئي سبب هيو جو ونڊوز وستا مارڪيٽ ۾ نالو وڌائي نه سگهي .... پر ونڊوز 7 لاءِ مائڪرو سافٽ ڪمپني وارن جو چوڻ آهي ته هن نئين آپريٽنگ سسٽم کي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي هي بڻايو ويو آهي....
مائڪرو سافٽ وارن ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته انهن ماضي مان ڪافي سبق سکيو آهي ... ۽ هاڻي ماضي وانگر تڪڙو ڪم ڪرڻ بجاءِ تسلي سان ڪم ڪندي سافٽويئر بڻايا ويندا جيئن مائڪرو سافٽ سان مقابلو ڪندڙ ڪمپنيون سندن جي پروڊڪٽ مان ڪيڙا ڪڍي نه سگهن...
هنن جو چوڻ آهي ته جن ڪمپيوٽرن تي پهريان ونڊوز وستا هلائي سگهبي هئي انهن ڪمپيوٽرس تي ونڊوز 7 پڻ هلائي سگهجي ٿي....
ان موقعي تي هڪ تقريب جو پڻ اتنظام ڪيو ويو جنهن ۾ ونڊوز 7 ٺاهيندڙ مڪمل ٽيم شرڪت ڪئي ... تقريب جي معمولي جهلڪ حاضر آهي......

http://www.youtube.com/watch?v=7oET4E8Ki6M
 
Back
Top