هر ملڪ جي تاريخ دراصل ان ملڪ جي رهواسين جي ذهني ترقيءَ جي تاريخ هوندي آهي. اها ذهني ترقي منظم ماحول ۾ به ٿيندي آهي، جنهن کي عام طرح اسڪول يا مدرسو چئبو آهي، ۽ غير منظم ماحول ۾ به ٿيندي آهي، جنهن کي اسڪول يا مدرسي کان ٻاهرين فضا چئجي ته درست ٿيندو. تهذيب دراصل اها ذهني ترقي آهي جا هڪ ٻار انهيءَ غير منظم ماحول ۾ حاصل ڪندو آهي، جنهن جون روايتون وڏن کان ننڍن کي ورثي ۾ ملنديون آهن. اهي روايات سيکاريون ڪين وينديون آهن، بلڪ ازخود سکبيون آهن. آءٌ سنڌي تهذيب جو فقط اهو پهلو پيش ٿو ڪريان، جنهن تي سنڌ کان ٻاهرينءَ دنيا جو ڪو به اثر نه پيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حقيقت جي لاءِ آءٌ شهري باشندن کي، جن تي ٻاهرينءَ دنيا ۽ غير ملڪي حاڪمن جو اثر پوي ٿو، لازمي طور الڳ ٿو ڪريان؛ڇاڪاڻ ته انهن جي نقل ٿيل ذهنيت جو سنڌي تهذيب سان ڪو به تعلق نه آهي- باوجود يڪه اهي به سنڌي آهن. آءٌ سنڌ جي انهيءَ خالص تهذيب جو ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان، جا سنڌ جي هزارها ڳوٺڙن جي فاقه مست رهاڪن، ڪنهن به ڌارئين رنگ وٺڻ کان سواءِ، پشت بپشت زنده رکي آهي. اِهو ته اظهرمن الشمس آهي ته دنيا جون وڏي ۾ وڏيون خونريز لڙايون ۽ عظيم انقلاب، جن جي دردانگيز ڪهاڻين کي اوهين”تاريخ“ چئو ٿا، سي ملڪيت، مذهبيت ۽ علميت جي چڱي يا بري اثر جو نتيجو آهن: هر ڪنهن ملڪ جا باشندا انهن ٽن طاقتن جا اثر پنهنجيءَ پنهنجيءَ بساط مطابق پاڻ ۾ جذب ڪندا آهن. اوهين ڏسو ته سنڌ جي هنن نيم برهنه، بکايل ۽ جاهل باشندن، مهذب دنيا جي هنن ٽن زبردست قوتن مان ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر قبول ڪيو آهي. پهريائين ملڪيت جو اثر ڏسو. سنڌي مسلمانن ڪڏهن به مفلسيءَ کي عيب ڪري نه قبوليو آهي، انهيءَ ڪري ملڪيت پنهنجو رعب سنڌين جي معصوم دلين تي ويهاري نه سگهي آهي. باوجود مفسليءَ جي، سندن دليون ڪنهن مالدار جي خلاف حسد يا رقابت جي غليظ جذبي کان هميشه پاڪ آهن. دولتمندن جي وڏن دستر خوانن کان پنهنجي پگهر جي پورهئي سان ڪمايل رکي ماڀيءَ جو ڳڀو صدبار بهتر آهن، انهيءَ ڪري نه آهي، ته سندن پيٽ عمدن طعامن کائڻ لاءِ تيار نه آهن؛ اهو ان ڪري جو بزرگن کان ٻڌندا آيا آهن ته ٻنهي جهانن جي سردار جو اسوه حسنه، اهو هو، ۽ پاڻ سڳورن ڪيتريون ئي راتيون بکئي پيٽ گذاريون هيون. هيءَ هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته سنڌي مسلمان بنا محنت جي دولت ڪمائڻ ۽ ملڪيت بڻائڻ وارا سڀ ڌنڌا-جهڙوڪ تجارت ۽ سرڪاري ملازمت وغيره، -هندن ۽ ٻين غير مسلمن لاءِ ڇڏيندا آيا آهن. اوهان ڏٺو هوندو، نه ته هاڻي به ڏسي ٿا سگهو، ته بندر روڊ ۽ ايلفنسٽن اسٽريٽ تي هندن جي ڪيترن ئي خالي ٿيل دڪانن مان ڪو به دڪان ڪنهن سنڌي مسلمان نه ورتو آهي. اِهو انهيءَ لاءِ نه آهي ته ڪو مهاجرن جي محبت خاطر سنڌي مسلمانن اهي ڇڏي ڏنا آهن پر اهو انهيءَ لاءِ جو هنن جو فطري لاڙو تجارت ڏانهن نه هو. جڏهن به ڪنهن سياسي ليڊر کين هدايت ڪئي هوندي ته ڀائرو، هي وڏا وڏا بنگلا، هي موٽرون، هي عمدا ڪپڙا، هي لذيذ طعام سڀ تجارت ڪرڻ سان ملن ٿا، توهين به تجارت ڪريو، تڏهن هنن ائين چئي جند ڇڏائي هوندي ته’ طوبيٰ جو پاڇو ڀل اوهان لاءِ هجي، اسان لاءِ پنهنجي پرين جو پاسو بس آهي. ‘ سرڪاري ملازمن ڏي نظر ڊوڙائيندا ته اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ ۾ اڪثريت وارا سنڌي مسلمان، 1921ع تائين، سرڪاري سروس ۾ صرف ڏهه سيڪڙو به نه آيا. مدعي چوندا ته سنڌي مسلمانن ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪرڻ جي لياقت نه هئي. حقيقت هيئن آهي ته ڪنهن به انسان ۾ ڪنهن به قسم جي لياقت هوندي نه آهي، بلڪ پيدا ڪئي ويندي آهي، ۽ لياقت پيدا ٿيندي آهي رغبت سان. جيڪڏهن شروعات کان وٺي رغبت هوندي ئي ڪا نه، ته پوءِ لياقت پيدا ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال اُٿي ئي ڪو نه ٿو. جيڪو به ماڻهو ڪنهن اصول جي قبول ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ اصول تي مري به سگهي ٿو ۽ ماري به سگهي ٿو، سو ڪارلائل جي قول مطابق، ’هر ڪنهن ڪم لاءِ ڪارآمد آهي. ‘ اهڙيءَ طرح، دنيوي ملڪيت ڏانهن راغب نه ٿيڻ ڪري، سنڌي مسلمانن کي هڪ طرف اهي نعمتون مليون جي اخلاقيات ۾ تمام مٿانهيون- جهڙوڪ سخاوت، قناعت، وغيره؛ ۽ ٻئي طرف هو انسانيت جي شان کان ڪريل ڪمن کان بچي ويا-جهڙوڪ حرص، دغا، فريب، بخل، وغيره فروعيات کي ڇڏي، وري ٻئي پهلوءَ ۾ سنڌي مسلمانن جي مذهبيت تي نظر ڊوڙائبي ته هنن جي رڳ رڳ ۾ مذهبيت ايتريقدر ڀريل آهي، جو دنيا جي ڪنهن به ٻئي بت جي محبت لاءِ هنن وٽ گنجائش آهي ئي ڪا نه. ڪاش، اسان جا سياسي رهنما سنڌي مسلمانن جي دلين تي ويهاريل هيبت مان مفيد حد تائين کين نجات ڏياري سگهن! اوهان ضرور”حر“ تحريڪ لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ٻڌو هوندو. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته سنڌ ۾ مسلمانن جو هڪ گروهه آهي، جن کي ’حر‘ ٿا چون. اهي ’حر‘، جي انداز ۾ گهڻا نه آهن، نڪي وٽن ڪي نوان نوان هٿيار آهن، تڏهن به هو برٽش انڊيا جي لشڪر سان ورهين جا ورهيه وڙهندا رهيا. اها ’حر تحريڪ‘ هڪ مذهبي پيشوا جي وهاريل هيبت جو نتيجو آهي، ۽ سنڌ جو هر هڪ باشندو ڪنهن نه ڪنهن مذهبي پيشوا جو’حر‘ آهي. مذهبيت جا اثر چڱا به ٿيندا آهن، ۽ بڇڙا به. جيڪڏهن انهن اثرن جي نيڪ رهنمائي جو رخ گمرائيءَ ڏي ڪيو ويو ته نه صرف ٻين لاءِ، پر پاڻ لاءِ به خطرناڪ ٿي پوندا-جيئن ته جسماني قوت خدا جي عطا ڪيل هڪ نعمت آهي، ليڪن ڪٿي اها نيڪن جي حمايت ۾ صرف ٿيندي آهي، ته ڪٿي مظلومن تي زيادتي ڪرڻ ۾. بهرحال، سنڌين جي هيءَ امتيازي وصف اسان جي قومي استحڪام ۾ وڏي ڪم جي شي آهي، ۽ ان مان گهڻو فائدو پرائي سگهجي ٿو، بشرطيڪ مؤثر پروپئگنڊا ڪئي وڃي. مذهبيت کي پوريءَ طرح پنهنجو پاڻ تي سوار ڪرڻ ڪري، سنڌي مسلمانن ايتريقدر مذهبيت سان هنن جو ڳانڍاپو ڪيتريقدر چڱو يا برو آهي، سو پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن. آخرين پهلو آهي علميت جو، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ٿي ڪري ته هڪ زبردست طاقت آهي، مگر سنڌي مسلمان اڄ تائين ان جي رعب ۾ نه آيا. سندن ذهن ۾ ويهاريو ويوآهي ته علميت هڪ چڱي شي آهي، مگر صحت ۽ دليريءَ جي عيوض ۾ مهانگي ٿي پوي. هنن جو روز مره جو تجربو آهي ته سندن تعليم يافته ڀائر نڪي تندرست آهن، ۽ نڪي دلير. ان کان سواءِ، هو انهن تعليم جي دلدادن جي پراڻين رسمن رواجن کان بغاوت به چڱي نٿا سمجهن، ۽ ائين ٿا سمجهن ته اهي پڙهيل ماڻهو جي انگريزن جي وضع قطه، رهڻي ڪرڻي ۽ پوشاڪ خوراڪ وغيره اختيار ٿا ڪن، سو سڀ علميت جو اثر آهي:انهيءَ ڪري سنڌي مسلمانن پنهنجي اولاد کي نصيحتون ڪندا آهن ته قرآن شريف پڙهڻ کان پوءِ هو هن ميدان ۾ اڳتي قدم نه وڌائين. بهرحال، جيڪڏهن لکڻ پڙهڻ ۾ هو پٺتي آهن ته جان ڏيڻ ۾ هو هميشه اڳتي قدم رکندا آهن. هتي آءٌ هڪڙو پنهنجو چشم ديد واقعو پيش ٿو ڪريان، جنهن مان سنڌي تهذيب جي هڪڙي ادنا جهلڪ نظر اچي سگهندي. جون جو مهينو اپر سنڌ ۾ برداشت ڪرڻ کان زياده گرم ٿيندو آهي. ڏهين بجي صبح کان لُوه لڳڻ شروع ٿيندي آهي. 1945ع جي جون ۾ آءٌ سنڌ جي هڪ پهاڙي علائقي جو سفر ڪري رهيو هوس. سنڌ جي هن حصي ۾ اُٺن جي سواري معزز سواري ليکبي آهي. اسان جي قافلي ۾ اٽڪل چاليهه-ٻائيتاليه اُٺ هئا. اٽڪل يارهين بجي ڌاري اسان جو قافلو کير ٿر جبل جي هڪ تنگي ٽپي کليل ميدان تي پهتو. منهنجو اُٺ سڀني کان اڳ ۾ هلي رهيو هو. مون پريان ڇا ڏٺو ته هڪ پنجن سالن جو ٻالڪ هڪ ڪونڀٽ جي پاڇي ۾ بيٺو هو. آءٌ حيران ٿيس ته هن بيابان ۾، جتي ڪا جهوپڙي به ڪا نه هئي، هيءُ ٻار ڪٿا آيو؟ اسين جيئن نزديڪ وياسون، انهيءَ جهاڙيءَ جي ٻئي پاسي کان هڪ زال نڪتي. انهيءَ زال پهريائين اسان ڏي غور سان نهاريو ۽ پوءِ اڳتي وڌي چيو ته ”ادا، توهين ڀلي آيؤ!“ مون وراڻيو ته ”امان خدا تنهنجو خير ڪري.“ اتي انهيءَ زال اڳتي اچي منهنجي اُٺ کي روڪي چيو ته ”ڪو به مسافر هڪ مسلمان جي جاءِ تان بکيو ۽ اڃيو وڃي نٿو سگهي. اوهين ڀلي امير هجو، مگر اوهان کي منهنجي غريباڻي ماني کائڻي پوندي. “مون مرڪندي چيو ته ”اسان هيترن ماڻهن کي تون ڇا کارائي سگهندينءَ؟“ چيائين ته ”جيڪي به موجود آهي.“ تڏهن مون پنهنجن دوستن ڏي منهن ڪري انگريزيءَ ۾ چيو ته ’!Don`t they say, Never refuse a good offer (يعني ٻڌو ڪين اٿو ته ’چڱي آڇ نه موٽائجي.‘) ائين چئي، آءٌ اُٺ تان لهي پيس. منهنجا ٻيا دوست به اُٺن تان لٿا. اسان جي ميزبان هڪ گول پٿر کي باهه ۾ وڌو ۽ ڳوٿريءَ مان جوئر جو اٽو ڪڍي ڳوهڻ لڳي، ۽ جهٽ پٽ ڪري ٻه- ٻه انچ ٿلهيون مانيون پچائيندي ان گرم پٿر تي رکندي ويئي. اسين حيرانيءَ سان ڏسي رهيا هئاسون. جيئن مانيون پچي ويون، تيئن هن ٿورو تازو پنير هڪ ڪپڙي مان ڪڍيو، جنهن ۾ ٿورو لوڻ ملائي مانين سان گڏ اسان جي اڳيان رکيائين، ۽ چيائين ته ”اوهين بسم الله ڪريو، آءٌ ٻيون مانيون پچائيندي ٿي وڃان.“ مون گراهه وات ۾ وجهندي پڇيومانس ته ”ادو ڪاڏي ويو آهي؟“ پاڻ وراڻيائين ته ”مال مهرائڻ ويو آهي“، يعني ٻڪرين کي پاڻي پيئارڻ ويو آهي. اسين نهايت مزي سان اهي اڌ-پڪل مانيون کائي رهيا هئاسين ته سندس مڙس، ڪهاڙي ڪلهي تي، اچي سهڙيو. ايندي ئي، اسان کي کيڪاري، زال کي ڌمڪائي، اسان کي چوڻ لڳو ته”جوءِ ۽ جوتو ساڳئي اکر سان شروع ٿا ٿين!ادا، معاف ڪجو، آءٌ هينئر ئي ڇيلو ڪهي ٿو وٺان. “اسان جي ميزبان پنهنجيءَ صفائيءَ ۾ چيو ته ”ڇيلا تو ساڻ هئا، مون وٽ جيڪي هو سو ڀائرن اڳيان رکيم. “ منهنجي زبان مان بي اختيار اکر نڪري ويا: ” Long Live Islam“ )اسلام زنده باد!) سيد حسام الدين راشدي (مهراڻ)
اسان وٽ هاڻي چند اهڙا ماڻهون آهن جيڪي پنهنجي وڏن جي روايتن کي برقرار رکيون ويٺا آهن ، باقي نه ته سچ پڇو ته هاڻي اسان هر قسم جي براين ، چورين ۔ شراب ، ملاوٽون ، ڌوڪيبازيون ، فحاش ، مردم آزاري مطلب ته هر قسم جي براين ۾ مبتلا آهيون ۽ اهوئي سبب آهي اسانجي ذلت ۽ رسوائي جو ، اڳي هڪ ڳوٺ ۾ سڄو ڳوٺ پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جي روايت برقرار رکيون ويٺو هيو محبتون هيون ، وڏڙا هئا سڄي رات اوطاقن تي مچ ڪچهريون هونديون هيون ۔ هڪ ٻئي سان سور سلبا هئا ، هرڪو هڪ ٻئي جي مدد لا هر وقت تيار هوندو هيو لالچ لوڀ ڪانه هئي اڄ ڌار ٿي وياسين برڪتون ويون ، طاقت ختم ٿي وئي ،