تنهنجي ٽهڪن مان ٿي اچي خوشبو

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تنهنجي ٽهڪن مان ٿي اچي خوشبو
    اسير امتياز
    ھاڻوڪي سياسي ماحول ۾ يتيم ٿي ويل شعوري سوچ پنھنجي اصل راھه وڃائي ويٺي آھي جنھن کي سڌي دڳ تي رسائڻ جي لاءِ ادب جو اھم ڪردار رھيو آھي، جيڪو ڏينھون ڏينھن تيزي سان وڌي به رھيو آھي، اھو ئي سبب آھي جو ادب جي نيري آسمان تي شعرن جا جھلمل ڪندڙ ستارا اھو محسوس ڪرائين ٿا ته اھو اُڀ آسودو آھي. ان آسودگي جي ضمانت ڏيندي اسان جي تاريخ گواھه رھي آھي ته اسان جون تخليقون نه رڳو اسان لاءِ ئي ڪارائتيون آھن پر اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ ٻولي جي لاءِ به اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ھاڻوڪي ادب جو تخليقي رنگ ته وڻندڙ رھيو ئي رھيو آھي، شاھه لطيف کان شيخ اياز تائين، تنوير کان وفا، استاد بخاري ۽ ابراھيم منشي تائين، جيڪو ادب جو ڦھلاءُ آھي يا ان ۾ جيڪا تخليقي روحانيت آھي سا به سگھاري آھي. ان ئي ادب ۾ ھاڻ جيڪو نکار اچي رھيو آھي اھو به پنھنجي ثقافتي رنگ ۾ رتل نظر اچي ٿو، اھڙي ئي رنگيني ۽ اھڙو ئي نکار مون کي سنڌ جي سيبتي شاعر اسد مڱڻھار جي شاعري ۾ نظر آيو آھي.
    اسد مڱڻھار جذبن جي اظھار جو عاشق ۽ تخليقي نواڻ جو معشوق شاعر آھي جنھن جي شاعري ۾ تجسس جا سمورا رنگ نمايان جرڪن ٿا. سندس فڪري اُڏام ادب جي آسمان تي جيڪا پرواز ڪئي آھي اھا نھايت ئي خوبصورت ۽ معنيٰ خيز آھي. اسد جي شاعري جو ھڪڙو ڪمال اھو به آھي جو اھا پڙھندي ئي من اندر واسو ڪري ٿي وڃي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، سندس فڪري انفراديت جو رنگ ھن شعر مان به پسي سگھجي ٿو:
    تنھنجي ٽھڪن ما ن ٿي اچي خوشبو
    روڪ تن کي ته ڪجھه بچي خوشبو
    اھا به حقيقت آھي ته سنڌ جو ادبي حلقو ڪن مونجھارن جي ڪري گم راھه رھيو آھي تنھن ھوندي به نئين ٽھي جا نرالا شاعر پنھنجو رستو پاڻ تلاش ڪري اڳتي وڌي رھيا آھن. انھي ئي قافلي سان گڏ ھلندڙ اسد جنھن جون فني گھرجون به اعتبار جي لحاظ کان نھايت ئي مضبوط رھيون آھن. ھن شاعر جي لاءِ آ‌ئون اھو به چوندس ته ھي شاعر سُٺو سوچي به ٿو ۽ سُٺو لکي به ٿو. اھڙي سُٺي لکائي ۽ بھتر سوچ جي کوٽ جو خال ڀريندي اسد چوي ٿو:
    ڪيتري اڄ اُٻاڻڪائي آ،
    ياد تنھنجي پرين جو آئي آ.
    منھنجو ننڍپڻ اچي ويس ھيٺان،
    رات بارش جا ڀت ڪرائي آ.
    ھي ماڻھوءَ جو من موھي وجھندڙ اسد جي شاعري جو رنگ اتي نٿو ترسي پر اڃا به اڳتي مصوري ڪندو ھلي ٿو، جنھن کي باذوق دليون گُھوري رھيون آھن.
    ننڊ ناھي ته رات ڇا جي آ؟
    ھي ھڪڙي ترائيل جي ھڪ سٽ آھي جيڪا ساھهُ مُٺ ۾ ٿي ڪري ڇڏي ۽ زندگي سان سلھاڙيل اوجاڳي جي ڪيفيت کي ظاھر ڪندڙ ھي ھڪ درد جي نانءُ جو نمونو آھي:
    ھيتري ھيءُ سانت ڇا جي آ؟
    ڄڻ ته جيئري ئي آھيون قبرن ۾،
    چوڏسا چُپ چُپات ڇا جي آ،
    ھيتري ھيءُ سانت ڇا جي آ،
    ننڊ ناھي ته رات ڇا جي آ؟
    جسم ٿا ڄڻ ته لاھيون قبرن ۾،
    ھيتري ھيءُ سانت ڇا جي آ؟
    ڄڻ ته جيئري ئي آھيون قبرن ۾.
    رات جو ھجڻ ۽ ننڊ جي غير موجودگي جي ڪيفيت کي بيان طور آندل ھن ترائيل جو سمورو عالم ندورو آھي جنھن جو احساس اوجاڳي جي منزل طرف وڃي رھيو آھي.
    اھڙي طرح اسد جي شاعري جو سمورو جوڀن ڪنھن وينگس جي جواني جھڙو محسوس ٿيندڙ آھي:
    وڪامي ويو ڪالھه شاعر ھو جو،
    انھي جي ڪتابن ڪئي خودڪشي.
    قبر جي مٿان گُل ھاريل ڏسي،
    لڳو ڄڻ گُلابن ڪئي خودڪشي.
    ھي شاعراڻو احساس جيڪو خودڪشي جي سامھون ٿي بيٺو آھي انھي مان لڳي ٿو ته شاعر جو من اڃا به چوٽ کائڻ چاھي ٿو ۽ گلن جي محرومي سان گڏ ڪتابن جي عشق کي جاڳيل ئي رھڻ ڏئي ٿو.
    گل ڦوٽو نه خط ھن تنھنجا،
    ڊائري تي آ ڇاپ دردن جي.
    متان رات سپني ۾ مون سان ملين،
    انھي آس مون کي سمھاري ڇڏيو.
    ساڀيائون ڀل انڌيرا ئي ھجن،
    پر نه سپني جو کپي ٿو سوجھرو.
    شاعر جي اُميدن جي روشني ۾ تخليقي حُسن رکندڙ اھي سٽون اسد جي سٺي شاعر ھجڻ جو زندھ مثال آھن ۽ اھي ڪنھن پريمڪا جي پھرين پيار جھڙيون وڻندڙ پڻ آھن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو