سـنــڌ ۾ ڳوٺاڻي مفلسيايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌ جي ڳوٺن ۾ مفلسيءَ جي حالت هٿراڌو نموني، ڄاڻي ٻجهي پيدا ڪئي وئي آهي. ان جي ذميواري وفاقي حڪومت جي ’پرائيس ڪنٽرول بورڊ‘ (اگھن تي قابو رکندڙ اداري) مٿان اچي ٿي. آزادي مهل 1947ع ۾ ڇانيل پيداواري شعبو زراعت (پوکراهپ) هو، جنهن جملي-ڏيهي-اُپت (ج.ڏ.ا = گرانڊ ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ) جو 53 سيڪڙو مهيا پئي ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان 40 ورهه پوءِ 1987ع ۾ ان ئي زرعي (پوکراهي) شعبي ج.ڏ.ا جو رڳو 26 سيڪڙو پئي ڏنو. جڏهن ته ان مهل تائين به سڄي ملڪ جي ڪل مزدور قوت جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ڏيندڙ هي شعبو ئي هو. ملڪ جي ڪل روانگي ڪمائيءَ جو 80 سيڪڙو پوکراهپ ۽ پوکراهي صنعت مان ايندڙ وکرن جي روانگي واپار مان اچي ٿو. ملڪ جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻين ايراضين ۾ رهي ٿي. اچو ڏسون ته انگ اکر ڇا ٿا چون: 1. ج.ڏ.ا جو 75 سيڪڙو جيڪڏهن 50 سيڪڙي کان وڌيڪ آبادي مهيا ڪري ٿي ته ڳوٺاڻي ڪمائيءَ سان شهري ڪمائيءَ جي نسبت هيءَ بيهندي: 26 : 74 50 50 يعني 1 : 2.8 يا اڃا به ائين چئجي ته (ٿلهي ليکي ) 1 : 32. اها نسبت ڏهاڙي ڪمائي يا ماهوار جي شرح جي حوالي سان به ثابت ٿئي ٿي. هڪ کيت مزدور هڪ مهيني ۾ 600-700 رپيا بنا ڪنهنٻئي نفعي جي ڪمائي ٿو. جڏهن ته هڪ شهري مزدور گھٽ ۾ گھٽ 1100 رپيا پگھار سان گڏ طبي سهولت (جيڪا ڊاڪٽر آفتاب قريشي جي چوڻ موجب 400-500 رپيا ماهوار آهي)، تنهن سان گڏ موڪل جو ڀتو، اهڙيءَ طرح سندن ڪل ڪمائي 1800-2000 رپيا ٿئي ٿي. نسبت هيئن بيهندي: 600-700 : 1800-2000يعني 1 : 2.85 يا (ٿلهي ليکي ) 1 : 3قومي زرعي ڪميشن 1988ع هيٺيون حقيقتون مڃڻ تي مجبور ٿي پئي: 1. زراعت جي اهميت توڙي جو هڪ ڊگھي عرصي کان ڄاتي وڃي ٿي، پر ان کي ڪڏهن به هڪ اڳواڻ شعبي جي حيثيت نه ڏني وئي آهي. 2. زرعي شعبي ملڪ کي جديد ٺاهڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. توڙي جو اُن ڏانهن (حڪومت پاران) ڇيهو رسائيندڙ پاليسي (انسٽِيٽيوشنل) دٻاءَ سدائين جاري رهيا آهن. 3. ڪيتريون ئي سرڪاري ۽ اداراتي ڪوششون رڳو ”وڏن“ فصلن (ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه) لاءِ سيڙيل آهن ۽ نام نهاد ”ننڍن“ فصلن جي اڪثريت بي ڌيانيءَ جو شڪار رهي آهي. ”ننڍي“ فصل کي نڀاڳ چئجي جو ”اڻ-اهم“ سان منجهڙايو ويو آهي. ننڍن فصلن کي ميون، ڀاڄين، کوپارن (Nuts، جيئن سوپاري، اکروٽ، مڱيرو وغيره) صنعتي فصلن ۾ درجيبند ڪيو ويو آهي، جيڪي في ايڪڙ ڏاڍي وڏي رقم ڪمائن ٿا. انهن مان ڪي ته ڪڻڪ ۽ چانورن جي ڀيٽ ۾ ساڳي ئي ايڪڙ ٻنيءَ مان، ڏهوڻيءَ کان وڌيڪ ڪمائي ڏين ٿا. 4. 1947-1960ع وارن ابتدائي ورهن ۾ زرعي شعبي سان لوئيندڙ روَيو جاري رکيو ويو ۽ ابتدائي واڌارڪ (ڊيولپمينٽ) ڪوششون، سڄي جون سڄيون صنعت جي واڌاري لاءِ سيڙايون ويون. 5. پهرِين 5 ورهي رٿا (1955-1960) جي پڄاڻي مهل زرعي معيشيت تي به ڌيان ڏنو ويو، توڙي جو اهو ڪافي نه هو. 6. 1970-1977ع زراعت کي ٽيڪ ڏيندڙ ورهه هيا، پر ساليانن واڌارڪ پروگرامن ۽ ڪوششن جو پورو ڌيان اداراتي جوڙجڪ ۽ زرعي اڏاوت (زميني سڌارن، بئنڪ مان زرعي قرضن وغيره) ڏينهن رهيو. 7. 1977-1986ع جاڳرتا جا ورهه هيا. هن ڪميشن اها حقيقت دٻائي لڪائي ڇڏي آهي ته 1977-1986ع وارا ورهه زراعت لاءِ بدترين ورهه هئا. ليکڪ (ايم ايڇ پنهور) ڪڻڪ جي اگھن کي 1950ع کان 1990ع تائين هر سال جي حساب سال ڀيٽيو آهي. 1950ع ۾ 40 ڪلوگرام (مڻ) جي اگهه ۽ ناڻي جي ملهه کي، هر هڪ ورهه جي حساب سان ٺهڪائي ڏسڻ کان پوءِ هيٺيان نتيجا ملن ٿا: 1. 1950ع ۾ 100 سيڪڙي کان گھٽجي 1963-1964ع ۾ اگهه وڃي 41 سيڪڙو بيٺو. جڏهن ايوب حڪومت ڏٺو ته ماڻهن ڪڻڪ اپائڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي نه پئي ورتي، تڏهن ڊپٽي ڪمشنرن کي تحرڪ ۾ آڻڻ ۽ زرعي توسيعي آفيسرن کي پنهجي ڪمان هيٺ آڻڻ بدران ڪڻڪ کي 1950ع واري اگھه جي ڀيٽ ۾ 47 سيڪڙو مان وڌائي 60.2 سيڪڙو ڪري ڇڏيو. 2. 1967-1968ع ۾ اگھه وري 50.2 سيڪڙي تائين ڪري پيا. ايوب راڄوڪي (رجيم،regime ) جي آخري سال دوران ڳوٺاڻي بيچينيءَ کي محسوس ڪندي (شهر اڳ ئي احتجاج/وڳوڙ ڪري رهيا هئا) اهو اگھه وڌائي 1950ع جي ڀيٽ ۾ 72 سيڪڙي تائين وڌايو ويو. 3. 1972-1973ع ۾ اهي وري 1950ع وارن اگھن جي ڀيٽ ۾ 53 سيڪڙي تي اچي پهتا، تڏهن (ذوالفقار علي) ڀُٽي صاحب جي حڪومت 1973-1974ع ۾ انهن کي 1950ع واري اگھه جي ڀيٽ ۾ 65 سيڪڙو تي آندو ۽ ايندڙ سال (1974-1975ع) ۾ 1950ع واري اگھه جي ڀيٽ ۾ 106.5 سيڪڙي تي پهچايو. 4. ڀُٽي حڪومت خلاف شهرن ۾ وڳوڙ هلي پيو ۽ انهن ”مهانگائي“ يا ”گراني“ جو ڀوت جاڳائي ڇڏيو، جنهن حڪومت کي ڊيڄاري رکيو ۽ ان پنهنجيءَ حڪمرانيءَ جي ايندڙ ٻن ورهَن ۾ قيمت وڌائڻ جي جرئت وري نه ڪئي. 5. ڀٽو راڄوڪي جي آخري ڏينهنِ ۾ اهو اگھه 1950ع جي ڀيٽ ۾ 88.7 سيڪڙو هو. 6. ان کان پوءِ اگھه لاڳيتو ڪِرندو رهيو ۽ 1988-1989ع ۾ اهو 1955ع جي ڀيٽ ۾ 42.39 سيڪڙو هو. هي آهي اهو اگھه جنهن کي زرعي ڪميشن نَڪ جي پڪائيءَ سان ”جاڳرتا جو دَور“ سڏي ٿي. 7. ڪڻڪ جو اگھه 85 رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) وڌائي 97 رپيا ڪري بينظير حڪومت ان کي 1950ع جي ڀيٽ ۾ 45.18 سيڪڙو تي آندو. 8. انهن ئي ڏينهن (1989-1990ع) ۾ دنيا ۾ ڪڻڪ جو اگھه 220 رپيا في مڻ هو. بينظير حڪومت اندروني طرح ايتري ته هِيڻي هئي جو اها اگھه وڌائي نه پئي سگھي. 9. 1950-1990ع تائين چانورن جي اگھه جي قسمت به اها ئي هئي، ميون، ڀاڄين ۽ صنعتي فصلن جا اگھه ڪڻڪ جي ان اگھه جي حساب سان ٺهڪايل آهن، ڄڻ ته ميون ۽ ڀاڄين جي مهانگي هجڻ ڪري ماڻهو رڳو ڪڻڪ ۽ چانور سان پنهنجو پيٽ ڀريندا! گوشت، مڇي، ڪڪڙ، کيرَ، مکڻ ۽ ٻين شين جي اگھه تي به حڪومت ڪنٽرول رکي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح اها چڪاس رکي ٿي ته شهري آبادي وکر هڪ جائز گھٽ قيمت تي خريدي ته جيئن ڪو سياسي وڳوڙ نه ٿئي. سنڌ جي رٿابندي شعبي پاران 30 ۽ 31 آگسٽ 1990ع تي سڏايل ورڪـشـاپ ۾، جـنـهـن ۾ هـاريـن، هـاري نـمـائندن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي، مون (ايم ايڇ پنهور) پنهنجا هي ويچار پيش ڪيا: 1. ڪڻڪ جي ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) اگھه جي ڀيٽ ۾، جيڪو لڳ ڀڳ 220 رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) هو، سنڌي هاريءَ کي هر 40 ڪلوگرام ڪڻڪ لاءِ 97 رپيا ڏنا وڃن ٿا. 2. ڏيهان ڏيهي مڏيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڳوٺاڻي ڌراڙ کي ننڍي توڙي وڏي گوشت جو اگھه چوٿين پتِي جيترو ملي ٿو. 3. اهڙيءَ طرح ڏيهان ڏيهي مڏيءَ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا به جيڪي اگھه آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ هاريءَ کي ڇهين پتي جيترو ملهه ڏئي کيس ڦريو وڃي ٿو. 4. شهري مزدور جي ماهوار ڪمائيءَ 1800-2000 جي ڀيٽ ۾ کيت مزدور کي ماهوار 600-650 رپيا ڏنا وڃن ٿا. 5. حڪومت پاران مزدور طبقي لاءِ بونس (نفعي مان خاص حصي)، ويمي، طبي ۽ ٻين سهولتن سان گڏ گھٽ ۾ گھٽ اجورو 1100 رپيا ماهوار آهي. 6. وچٿرا زميندار/کاتيدار (يعني جن وٽ 50-60 ايڪڙ زمين آهي) انهن جي ڀيٽ ۾ گھڻي اپت وٺن ٿا، جن ۾ 50 کان گھٽ يا 200 کان وڌيڪ ايڪڙ زمين آهي. 50 ايڪڙن کان گھٽ ٻنَي وارن وٽ ايترا وسيلا يا دولت ناهي جو زمين جون گھرجون پوريون ڪري سگھن، جڏهن ته اهي زميندار جن وٽ 200 ايڪڙن کان وڌيڪ آهي، اُهي سٺي نموني انتظام سنڀالي نه ٿا سگھن. 7. زرعي اگھن جي جوڙجڪ ۾ گھٽ وڌائي/ناموافقت ڳوٺاڻي مفلسي ۽ امان امان ۾ رخنو وجھندڙ مسئلا وڌائڻ جو ڪارڻ آهي. 8. گذريل ڏهن ورهنِ دوران عمل ۾ آندل پروگرام جي بي اثرائيءَ جو سنڌ جي ايراضيءَ ۾ زمين هيٺ پاڻيءَ کي رنڊائڻ ۽ سِم وڌائي 39 سيڪڙو ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي. جڏهن ته انهن ساڳين پروگرامن وسيلي پنجاب ۾ واپڊا جي آشيرواد سان اتان جي سِم 49 سيڪڙو گھٽائي وئي آهي. پرائيس ڪنٽرول بورڊ جا ڪارناما: زرعي وکرن/انگن جي گھٽ اگھن جا نتيجا هي آهن: 1. پوکي ڪندڙ برادريءَ کي نفعي ملڻ جا گھٽ موقعا. 2. ٻنيءَ کي ترقيءَ ڏيڻ جي گھٽ گنجائش. 3. ڏيج (Inputs) جي گُھرجن جيئن پاڻيءَ جي بندوبست، فرشي پاڻيءَ جي ترقيءَ، پاڻيءَ جي بچت ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ پيڄارڪ هنرن، سونهندو ڀاڻ وجھڻ، سٺا ٻج هٿ ڪرڻ، وڻوٽا بچائيندڙ اپائن جو سونهندڙ واهپو، لاڀائتي پالنا (کيتي، پوکي) ڪرڻ لاءِ گھربل جوڙجڪ تي مجموعي لاڳت، زميني سنوت/سڌائي ۾ عمدگيءَ نون فصلن جي واقفيت ۽ ٻين اهڙن معاملن ۾ دلچسپي جي کوٽ. 4. ڏيجن جي کوٽ، ڏيج جي سلسلي ۾ ڪَري سگھجندڙ خرچ جي لياقت گھٽائي ڇڏي ٿي ۽ فصل-لاڀ جي سطح هيٺاهينءَ تي بيهي ٿي. ميوَن، ڀاڄين ۽ گاهن سميت سمورن زرعي وکرن جا فصل-لاڀ واڌاريل ملڪن جي ڀيٽ ۾س پوڻائيءَ ۾ 3/1 تائين گھٽيل آهي. 5. کيت مزدور جو گھٽ اجورو. 6. پنهنجي پُکي (نصيب) سان گڏ پنهنجي گھراڻي جي قسمت سنوارڻ لاءِ هاريءَ جي گھٽ لياقت. 7. هو پنهنجي ڪهول کي سنڀالي/سهارو ڏئي نه ٿو سگھي ۽ هن کي کاڌي تي گھٽ خرچ، سادن سودن ڪپڙن پائڻ ۽ پيرين اگھاڙو گھمي گذارو ڪرڻو پوي ٿو. 8. کاڌي جا خسيس معيار سندس آڪهه ۾ بيماري پيدا ڪرڻ ۽ موت جي شرح وڌائڻ سان گڏوگڏ سندس ڄمار جو مدو گھٽائڻ جو ڪارڻ ٿين ٿا. 9. کيت تي پلجندڙ ڪُٽنب کاڌي جون گھرجون پوريون ڪندڙ قوت ماڻڻ لائق نه ٿو رهي. ڳوٺاڻي سنڌ ۾ اڄوڪي سراسري عورت لاءِ 1600 ڪِلوڪَئلري ۽ مرد لاءِ 2000 ڪلوڪئلري آهي (ڪئلري کاڌي جي ملندڙ شڪتي/سگھه جو ايڪو/يونٽ آهي)، جڏهن ته ڏهاڙي گھرج ان کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اها شڪتي هُو اڻ پاليل (جھنگلي) وڻوٽائي کاڌي، جيئن ٻير، مٽريءَ ۽ مٽر جي پليءَ، چورايل ڀاڄين ۽ ڪمند ۽ گھر ۾ يا گھر کان ٻاهر ڪو به وڌيڪ پورهيو ڪري ماڻي ٿو. 10. ڳوٺاڻن مزدورن، سرڙين هارين ۽ ننڍن کاتيدارن جي گھڻائيءَ جو کاڌو رُکي اَن يا اُن سان گڏ چانهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٽريءَ ۽ مٽر-ڦري تائين محدود ٿي ويو آهي. 11. گوشت (مان ملندڙ پروٽين) وڌ ۾ وڌ مهيني ۾ هڪ ڀيرو کائيندا هوندا. 12. کير رڳو وڪري لاءِ آهي ۽ مٿي ڄاڻايل طبقن مان شايد ئي ڪو واپرائيندو هوندو. 13. گذريل ويهنِ ورهنِ جي جاچ/تحقيق ڏيکاري ٿي ته جيڪڏهن 14 ورهَن کان گھٽ ڄمار جو ٻار گھٽ ۾ گھٽ 0.5 ڪلولِٽر/اڌ سير کير نه ٿو پيئي ته اهو ذهني طرح پٺتي پئجي وڃي ٿو ۽ موڳو/مورک ٿي پوي ٿو. اڄوڪي سنڌ ۾ اها هڪ عام شَي ٿي پئي آهي، يعني غريب طبقن مان ايندڙ نئون نسل/اولاد ذهانت ۾ پوئتي ۽ ذهني طرح پٺتي پيل/کُٽل آهي. اگھن تي ڪنٽرول ڇو رکبو آهي؟ 1. قيمتن تي ڪنٽرول ان ڪري رکبو آهي ته جيئن صنعت کي سستو پورهيو مهيا ڪري سگھجي. صنعت پنهنجيءَ ٺاهيل شَي کي ڏيهان ڏيهي اگھن موجب يا ان کان مهانگو وڪڻي ٿي ۽ ان تي اهي بونس ڪمائن ٿا. اهڙيءَ طرح صنعت وڏو نفعو ٺاهي ٿي ۽ نفعي مان وڌيڪ صنعتون هڻي ٿي. شهري پورهيتُ اجوري لاءِ وڙهي سگھي ٿو پر کيس سستو اناج، ڀاڄيون، گوشت، کير ۽ ميوو مهيا ڪيو وڃي ٿو. انهن کي طبي مدد پڻ مهيا ڪجي ٿي، جنهن جو بل هر مزدور آڪهه لاءِ هر مهيني 500 رپيا کن ٿئي ٿو. موڪل دوران پگھار، گِرئجوئٽي (نوڪر ٿي رهڻ جو انعام) ۽ موڪل ٿي ويندي ڀاڙو ڀُتو ڄڻ کيس موڪلون گذارڻ لاءِ ڳوٺ وڃڻ ۾ مدد ڪري ٿو يا وري جيڪڏهن هو شهر ۾ ئي رهي ٿو ته سندس ڪٽنب کي سهارو ڏي ٿو. هو آواز نه ٿو اٿاري پر جيڪڏهن ائين ڪري ٿو ته سندس اجورو ڪجهه وڌائجي ٿو، جڏهن ته صنعتڪار کي وڌيڪ نفعو ڪمائڻ جو وجهه ملي وڃي ٿو. 2. ان جي ابتڙ سڀني زميندارن جو ڏيوالو نڪتل هوندو آهي ۽ لڳ ڀڳ سڀ پنهنجو فصل وڌائڻ لاءِ هر سال بئنڪ مان قرض وٺن ٿا. 3. صنعت لاءِ قرض شهري ملڪيت جي بنياد تي ڏنو وڃي ٿو ۽ ملڪيت جي 75 سيڪڙو تائين ڏجي ٿو. ٻنيءَ تي ملندڙ قرض پيداواري ايڪن تي ٺاهيل هوندو آهي. 40 ايڪن واري ٻني في ايڪڙ 40000-50000 رپين ۾ وڪامي ٿي، پر زميندار بئنڪ مان ان جي واڌاري لاءِ رڳو 3000 روپيا قرض وٺي سگھي ٿو، يعني ان جي ملهه جو 10 سيڪڙو يا اڃا به گھٽ. زرعي وڙن تي پرائيس ڪنٽرول (اگھن تي قابو) جو مجموعي طرح اجھو اهو فلسفو آهي. نوٽ: هيءُ ليکُ پنهور صاحب جي انگريزي مقالي ”رُورَل پاوَرٽِي اِن سنڌ“ (Rural Poverty in Sindh) جو ترجمو آهي.
اهم مضمون آهي، جنهن کي پڙهي سوچ ۾ پئجي ويو آهيان ته اڄ به اسان اڳتي وڌڻ بجاء مفلسي جي ڌٻڻ ۾ فاسندا پيا وڃون۔ پنهنجي ذريعن هوندي مجبور آهيون۔