WinX DVD Author هڪ انتهائي طاقتور سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي ڊي وي ڊي موويز ٺاهي سگهجن ٿيون۔۔۔ هي سافٽويئر ڪيترن ئي فارميٽس کي سپورٽ ڪري ٿو۔۔۔۔ مثال طور :۔۔۔۔ AVI, ASF, MPEG1, MPEG2, MP4, MOV, RM, RMVB, XIVD, DVIX, H264, OGG, QT, FLV وغيره۔۔ هن سافٽويئر ذريعي آساني ۽ تڪڙي رفتار ۾ سٽائلش ڊي وي ڊي ٺاهي سگهجي ٿي۔۔۔ جنهن ۾ ڊي وي ڊي ۾ موجود موويز جو مينو، انهن جا آئڪان ۽ سب ٽائيٽل آرام سان بڻائي سگهجن ٿا۔۔۔۔ هن سافٽويئر ذريعي توهان مختلف فارميٽس ۾ موجود پنهنجي پسنديده وڊيوز جي ڊي وي ڊي بڻائي سگهو ٿا۔۔۔ WinX DVD Authorهوئن ته 30 ڊالرز جو سافٽويئر آهي پر ڪمپني مشهوري خاطر هن سافٽويئر کي 31 آڪٽوبر تائين مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏني آهي۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل ۽ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
سچي ۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ڊالر وارو فري ۾۔۔۔ فقير صاحب ڪاٿي آ۔۔۔۔ اُن کان اها سڀ کي پهرين خبر مِلڻ گهرجي۔۔ لڳي ٿو ته صاحب ڊائون لوڊ ۾ لڳو پيو آهي۔۔
ادا اسد جيئن ئي مان ان سائيٽ تي پهتس ته سائيٽ تان خبر پئي ته هتي اڳ ۾ ئي وڏو فقير چڪر هڻي چڪو آهي hall charihall charihall charihall chari khil sahi
تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا رشيد پر هي پيج ته کلي ئي نه پيو ان کي مهرباني ڪري چيڪ ڪندا مهرباني ادا اهڙي خوبصورت شيئرنگ ڪرڻ تي ادا مڙئي پارت هجئي اهڙي فري واري شيئرنگ هجي ته يار بس پارت اٿئي هاڻي سنڌ سلامت تي فقير جوڳي گهڻا ٿئي ويا اٿئي
ادا بس توهان کي ڪنهن چيو هو ته ٻين کي شاگردي ڏيو، ٻيلي توهان جا شاگرد توهان لاءِ هاڻ ڏچو ڪندا۔۔۔ شاگردي سوچي سمجهي ڏبي آهي۔۔ sadayeen gud
اڙي ادا رشيد توهان جا آندل ڪافي سافٽويئر ڏٺاسين پر هن سافٽويئر ته اصل دل خوش ڪري ڇڏيو۔ دوستو سڀ کان اهم فيچر جيڪو مون هن سافٽويئر ۾ ڏٺو اهو آهي ته هن جي سب ٽائيٽل ۾ جيڪڏهن توهان ايم بي سنڌي پروگرام استعمال ڪري توهان سنڌي لکو ته اهي فونٽ سميت لاجواب طريقي سان ڊسپلي ٿين ٿا۔ ڀلي آزمائي ڏسو
واه سائين واه اوهان جي ڳالهه تي اسان کي سو فيصد يقين آهي واقعي سافٽويئر ڀلو آهي ليڪن رجسٽرڊ ڪيئن ٿيندو انلاء ڪا اٽڪل ڏسيندا