• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالهه!!!!!.........

ڄام احمد سمون

سينيئر رڪن
وزيرن جا بوٽ چٽيان ٿو،
گهر واري جا تانا سهان ٿو،
رشوت کاوان سارو سال،
منهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالهه!
بنگلا گاڏيون روز وٺان ٿو،
قبضا چوريون روز ڪريان ٿو،
غريبن لاءِ آهيان جيئڻ جنجال،
منهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالهه!
پنهنجي جاگيري ڇڏڻي ناهي،
عوام راضي رکڻي ناهي،
ٿيڻو ناهي بيحال،
منهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالهه!
جڏهن وقت آيو ووٽن جو،
کنيم ٽوڪرو نوٽن جو،
ڏنم اڌ اڌ ڪلو دال،
منهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالهه!.
شاعر: ڄام احمد آزاد سمون
33fc6yb.jpg
 
کائي هو به سُمهي ٿو بُکيو آئون به ناهيان سُمهندو۔ ۔ بس فرق او آهي ته آئون ضرورت اهر کائي آڱرين کي چٽي صاف ڪري سُمهان ٿو هو اڌ کائي ٻي اوبر ڪري ڇڏي ٿو سُمهي۔ ۔ ۔ ۔
 
کائي هو به سُمهي ٿو بُکيو آئون به ناهيان سُمهندو۔ ۔ بس فرق او آهي ته آئون ضرورت اهر کائي آڱرين کي چٽي صاف ڪري سُمهان ٿو هو اڌ کائي ٻي اوبر ڪري ڇڏي ٿو سُمهي۔ ۔ ۔ ۔
ادا حفيظ، اسانجي دوست ڄام آزاد جن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي آهن حرام کائو پر ماشاء الله اوهان بيشڪ کائو ٿا پر پنهنجي حلال جو رزق کائو ٿا ۔۔۔ رب العالمين اسان سڀني کي حرام کائڻ کان پناهه ۾ رکي ۔۔۔

دوست ڄام آزاد حرام کائو دلالن کي سٺو وائکو ڪيو آهي ۔۔۔

سدا سلامت هجو سچ جي ٻيڙي کي تاريندا رهو ۔۔۔
 
Back
Top