ملالا بهانو آهي يا اصل نشانو!؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جاويد حسين طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2012۔

  1. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اجائي ڪو ڪنهن ٻار يا ٻارڙيءَ تي ڪيئن حملو ڪري سگهي ٿو. پڪ سان ڪونه ڪو سبب ضرور هوندو ۽ سبب به جهڙو تهڙو نه پر پڪو پختو.
    مينگورا ۾ منهنجا جيترا ڏيٺ ويٺ وارا آهن، ڪالهه کان هن وقت تائين هڪ هڪ کان فون ڪري پڇي رهيو آهيان ته پاڪستان ۾ گذريل 8 سالن کان جيڪي 3 سئو ويهه امريڪي ڊرون حملا ٿيا انهن مان ڪيترا سوات وادي تي ٿيا؟ ڪوبه نه ٿو ٻڌائي. سڀ چون ٿا ته هڪ به نه ٿيو آهي. سڀ مون کان ڪجهه لڪائي رهيا آهن. سڀ منهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. يقينن سوات تي ڊرون حملا ٿيا آهن ۽ ملالا انهن ئي حملن جي متاثرن جي رد عمل جو نشانو بڻي آهي.
    ڀلا ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اجائي ڪو ڪنهن ٻارڙي کي ڪيئن نشانو بڻائي سگهي ٿو ته پوءِ پڪ سان ملالا امريڪين جي جاسوس آهي يا رهي هوندي. مومن ڪڏهن به بنا ثبوت جي ڳالهه نه ٿو ڪري. ڇا اوهان طالبان ترجمان جو اهو بيان نه پڙهيو آهي ته ملالا هڪ ڀيرو چيو هو ته هوءِ اوباما کي پسند ڪري ٿي. ان کان وڏو به ڪو ثبوت گهرجي ملالا جي امريڪي ايجنٽ هئڻ جو.
    ها ها ها! ڪير ٿو چوي ته 14 سالن جي ڇوڪري معصوم هوندي آهي؟ جيڪڏهن 14 سالن جو ڇوڪرو ماءُ پيءُ جي خوشي ۽ پنهنجي مرضي سان دين کي پورو پورو سمجهي باطل کي ميسارڻ لاءِ بنا ڏاڍ جي آپگهاتي جئڪيٽ پائڻ جو آزاداڻو فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ملالا ڪيئن اڃا تائين ٻارڙي آهي جيڪڏهن ايتري ئي ٻارڙي آهي ته ته مٿو لوڏي وات کولي گهر کان ٻاهر وڃڻ بدران اڱڻ ۾ رانديڪن سان ڇو نه کيڏندي رهي؟ ڪم ڪار ۾ ماءُ پيءُ جو هٿ ڇو نه ونڊائيندي رهي؟
    ڇا ٻارڙيون ايئن وات ڦاٽوڙيون هونديون آهن. ٻارڙي آهي ته ڪپڙن ۽ رانديڪن جو ضد ڇو نه ٿي ڪري. بس زهريلن نصابي ڪتابن، ڪاپي، پينسل جي ڳالهه ڇو ٿي ڪري. ڇا ملالا جي ساٿ واري ڪا ٻي هم عمر ٻارڙي به ڏاڍ ۽ بنيادي آزادين جهڙن پيچيدن موضوعن تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿي ۽ وڏي واڪي ڪڏهن سيمينارن ۾ ته ڪڏهن فلاڻي تقريب ۾ ته ڪڏهن مومنن تي گند اڇلائي غيرن کان داد ۽ تمغا وصول ڪندي وتي ٿي.
    ۽ بند ڪريو هي بڪواس ته پختون معاشري ۾ عورتن ۽ ٻارن کي امان آهي. ڪا امان ٻمان ناهي. پختون ولي جو اسلام سان ڪهڙو ڏيڻ وٺڻ؟ جيڪو به دين جي غلبي جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿيندو واري ۽ ڌوڙ وانگر اڏي ويندو. جيڪي اسان جي سچي رستي کي اختيار ڪرڻ بدران پنهنجي ڏيڍ سر جي مسجد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن سي گهر جا پاليل نانگ آهن ۽ ايتري سائنس ته اسان ڄاڻون ٿا ته نانگ پيدا ٿيندي ئي ته زهريلو نه ٿو بڻجي وڃي ته اوهان، چئبو ته اسان کي هي چئي رهيا آهيو ته اسان انهن نانگ جي ٻچن کي ڇڏي ڏيون ڇو ته اهي ٻچا هوندا آهن!؟
    ڇو رڙيون ڪري رهيا آهيو اوهان ايتريون ميڊيا تي، فيس بڪ تي ٽوئٽر تي؟ ڇا اوهان جي ڪنهن ڌيءَ کي نشانو بنايو ويو؟ ڇا ملالا اوهان جي ڪا سڳي مائٽياڻي آهي؟ ملالا جا هم عمر آپگهاتي بمبار به ته اتان جا آهن جتان جي هوءَ آهي. 14 سالن جي شاهين ڪفر جي قلعي تي حملو ڪري ته غلط ۽ گمراهه ۽ 14 سالن جي ملالا خيالن ۽ لکت جي بارود سان مومنن تي راتاهو هڻي ته هيرو، واهه واهه! ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اجائي ڪو ڪنهن ٻي ٻارڙيءَ کي ڪيئن نشانو بڻائي سگهي ٿو.
    اسان اهو ئي ته چاهيو پئي ته ملالا جي بهاني اوهان پنهنجي منافقت جو لباس لاهي سامهون اچي وڃو ۽ اسان ڏسي سگهون ته ڪير اسان جو آهي ۽ ڪير غير. پر ڳڻتي نه ڪريو اسان ملالا وانگر اوهان جي ڪنهن ٻارڙي کي نشانو نه بڻائينداسين. اسان رڍن ٻڪرين جي ڌڻ کي نه ڇيڙيندا آهيون. اسان جي جنگ ته انهن ڌنارن ۽ سندن ٻچن سان آهي جيڪي اوهان کي طالبان حق جي مشعل هٿ ۾ کڻڻ کان روڪي رهيا آهن ۽ ڪفر جي اونداهين ۾ ڌڪي رهيا آهن. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اجائي ڪو ڪنهن ٻارڙيءَ کي ڪيئن نشانو بڻائي سگهي ٿو.

    وسعت الله خان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ملڪ ۾ ڇا پيو هلي۔۔۔ عام انسان ته اصل منجهيو پوي۔۔
    هڪ ڏينهن صدر زرداري جي هڪ چاهيندڙ چيو ته هي واحد ماڻهون آهي جيڪو ايم ڪيو ايم کي بيوقوف پيو ڪري۔۔۔۔ مون مسڪرائي ڏنو۔۔۔
    ڪٿان آواز آيو ته عمران کان پگهر نڪري ويا ته سندس ايتري خرچ ڪرڻ کان پوءِ به مارڪيٽ ويليو ڪري آهي ان ڪري ڇو نه وڌائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ جتي ڊرون نه ڪرن اتي مارچ ڪجي۔۔۔ مسڪرائيندي منهنجا ڏند نڪري آيا۔۔۔
    مرزا کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي خبرن جو ٻڌي ايم ڪيو ايم سوين مرتبا عوام جي مفاد ۾ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو الٽيميٽم ڏنو۔۔۔ مون کان ٽهڪ نڪري ويو۔۔
    ملالا يوسف زئي جو واقعو تڏهن آيو آهي جڏهن توهين آميز خاڪن ۽ فلمن ڪري پوري قوم ٻڌي ۾ اچي آمريڪا جي خلاف بيٺي آهي۔۔ حڪومت يوٽيوب تي پابندي هڻي ڇڏي ۽ ملڪ گير احتجاج ڏسي آمريڪي غلام آزاد ميڊيا جي زبان ئي گنگ ٿي وئي ۔۔۔ ملڪ جي وڏن وڏن مظاهرن ميڊيا کي خاموش ڪري ڇڏيو۔۔۔ الطاف جيڪو هيئنر هر ڪلاڪ کان پوءِ ملالا جي غم جو اظهار پنهنجي نون نون اندازن ڪري رهيو آهي۔۔ پڻ غائب ٿي ويو۔۔۔ ٽي وي اينڪرس کي پنهنجي ٽاڪ شوز لاءِ ڪو موضوع نه پيو سجهي ۔۔۔۔۔۔۔ پر
    پر جيئن ئي ملالا کي ٽارگٽ ڪيو ويو۔۔۔ ناموسِ رسالت ۽ آمريڪا سان نفرت جو معاملو ته ڇا۔۔۔۔ هڪ طرف سڀ طالبان جي خلاف مشيني انداز سان مصروف ٿي ويا ۽ هر ڪنهن مشيني انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو۔۔ بلڪل ائين جهڙوڪ اهو سڀ ڪجهه اڳ ئي پلان ٿيل هو۔۔۔ هن دفعي مون نه پر آمريڪين ٽهڪ ڏنا هوندا۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا ذيشان رشيد توهان بلڪل درست پيا چئو، پري پلان ٿيل هن منصوبي ۾ توهينِ رسالن جي احتجاج تان توجهه هٽائڻ لاءِ ملالا جهڙي معصوم علم دوست شخصيت کي نشانو بڻايو ويو.. نه ته ان کان پهرين وزيرستان، سوات، گلگت بلتستان، ڪراچي ۾ ڪيتري ٽارگيٽ ڪلنگ ٿيندي رهي آهي ان جو ڪو به عوامي ردِ عمل ظاهر نه ٿيو هو..
    بهرحال منهنجو شروع کان اهو ئي چوڻ رهيو آهي ته طالبان يعني ظالمان جي پسِ پرده هٿ آمريڪا جو ئي آهي، جيڪو هن خطي ۾ بي پناهه حيثيت جي حامل ملڪ پاڪستان کي مذهب، لسانيت ۽ شخصيتن جي بنياد تي ورهائڻ جي لاِءِ مختلف طريقن سان سازشون سٽيندو پيو اچي...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو