ڇا مان جرم ڪيو آهي؟

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ڇا مان جرم ڪيو آهي؟
    ( هڪ سچو واقعو )
    محترم ميمبرس رواي جو نالو نه ظاهر ڪرڻ جي وعدو تي هن جي آپ بيتي آوهان جي رهنمائي ؤ هوشيار ڪرڻ لاء هت ونڍ ڪري رهيا آهيون۔ هن ليک جو هڪ هڪ الفاظ سچ تي مبني آهي،ڪيئن نه ماڻهون پنهنجي مجرمانا حرڪتن جي تڪميل لاء معصوم ماڻهون کي استعمال ڪن ٿا۔ اچو ته هاڻي جرم جو داستان ان جي هڪ معصوم ڪردار جي الفاظن ۾ پڙهون:_
    ” مان هڪ ميمڻ سيٺ وٽ دوراجي ڪراچي ۾ ڊرائيوار جي نوڪري ڪندو آهيان۔موڪل واري ڏينهن مان رڪشو هلائيندو آهيان جيڪو مون قسطن تي ورتو آهي۔26 آگسٽ 2012 جو شام جي وقت 5 بجي ڌاري مان گهر کان نڪتس، هڪ ميڪنڪ کي رڪشو ڏيکاريو،ٿوري خرابي هئي هن ٺيڪ ڪري ڇڏي،ان کان پوء بنارس چوڪ ويس پنهنجو خراب موبائل ٺيڪ ٿيڻ لاء ڏنل کڻڻ لاء ۔موبائل واري چيو ڪجه ٽائيم لڳندو،مان واپس اچي پنهنجي رڪشي ۾ ويٺس،انهي وقت هڪ سنهڙو،ڊيگهو،ٽوپي پاتل ڇوڪرو،جنهن کي ڏاڙهي به هئي،شڪل مان پٺاڻ پيو لڳي (نوٽ مان به پٺاڻ آهيان)،آيو ۽ پڇئين،رڪشو تنهنجو آهي ،ڇا صدر هلندي؟ مون هاء ۾ جواب ڏنومانس ۽ ڪرايو چارسوء ڳالهيومانس،هن جي زور ڀرڻ تي ساڍا ٽي سوء رپيا صدر وڃڻ ۽ واپس اچڻ جا طئي ڪياسين۔ مون هن کي چيو ته رڪشي ۾ ويهه۔هن معذرت ڪئي ۽ چيائين ته جيئن ته هن جي ماء سخت بيمار آهي ۽ ڀرسان هڪ گهر ۾ آهي،اڪيلو هجڻ جي ڪري هو پنهنجي بيمار والده کي نه ٿو ڇڏي سگهي،انهيڪري انساني همدردي جي بنياد ته مون کي چيائين ته آئون اڪيلو صدر پريس ڪلب واري گهٽي ۾ وڃان اتي هن جو سيٺ مون کي ملندوان کان هن(ان ماڻهون) پنهنجي ماء جي علاج جي لاء پيسن جي مدد گهري آهي،جنهن همدردي ۾ 15000 رپيا ڏيڻ جو وعدو ڪيوآهي،ان کان اهئي پيسئا وٺي اچي هن کي ڏيان۔مون ان ماڻهون کي چيم تون مون تي ڪيئن ٿو اعتبار ڪرين،جيڪڏهن اهئي پيسئا مان کائي وڃان تو پوء۔ان تي انهي ماڻهون مون کي چيو ته جيئن ته هن جي ماء سخت بيمار آهي انهڪري ۽ جيئن ته مان به پٺاڻ آهيان انهڪري هو مون تي اعتبارڪندو۔ هن مون کان منهنجو موبائل فون ،جيڪي دڪاندار ٺاهي مون کي اوڏي مهل ڏني هئي ،جو نمبر ورتو۔ هن جي روئڻ واري لهجي ۽ انساني همدردي واري عمل مون کي مجبور ڪيو ته ان ماڻهون جي ڳاله مڃي هن جي سيٺ کان پيسئا وٺي اچي هن کي ڏيان۔ان ماڻهون مون کي ساڍا ٽي سوء رپيا ڪرايو کيسي مان ڪڍي ڏنو۔مون هن کان هن جي موبائيل جو نمبر گهريو جيڪو هن ڪونه ڏنو ۽ چيائين ته مان پاڻهي ٿوسيٺ سان ڳالهايان۔هن پنهنجي موبائل تان سيٺ کي فون ڪيو ۽ ٻڌايو ته مون کي موڪلي ٿو پيسئا وٺڻ۔هن جي سيٺ چيوء ته هوضرور مون کي پيسئا ڏيندو۔ان کان پوء مان پنهنجي رڪشي تي ٻڌيل جڳه تي ويس۔انهي وقت مٿين همراه جي منهنجي موبائل تي فون آئي ته هن جو سيٺ پيٽرول پمپ۔پي آئي اي جي آفيس ۔نزديڪ پريس ڪلب وٽ بيٺو آهي۔ منهنجي رڪشي جو نمبر به ان ماڻهون پنهنجي سيٺ کي ڏنو هو۔مان جڏهن ٻڌيل جڳه تي پهتس ته تقريبن پندرهن ويهن منٽن کان پوء هڪ جوان العمر ماڻهون هڪ ٻئي شخص سان گڏ آيو ۽ مون کان پڇائين ته ڇا آئون ان رڪشي ۾ آيو اهيان؟ مون هائوڪار ڪئي۔ان تي ساڳئي سيٺ مون کي 15000 هزار ڏنا ۽ پنهنجي موبائيل تي پهرين ماڻهون جنهن مون کي موڪليو سان ڳالهرايائين،ان کي مون ٻڌايو پيسئا ملي ويا آهن۔جڏهن مان رڪشو اسٽارٽ ڪيو ته هڪدم پوليس اتي آچي ويئي ۽ مون کي گرفتار ڪيائون۔مان پريشان ٿئي ويس ته ڇا ڳاله آهي،منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته جنهن همراه مون کي سيٺ کان پيسئا وٺڻ موڪليو هو،اهو سيٺ جو نوڪر نه هوپر هن مختلف ٽائيمن تي سيٺ کي دهمڪي وارا ٽيلفون ڪال ڪري هن کان ڀتو گهريو هو۽ سيٺ جيڪي پيسئا مون کي ڏنا هئا،اها ڪا مالي مدد ماء جي بيمار واري بهاني جي ڪري نه پر ڀتو هو۔ڇاڪاڻ ته پيسئا مون ورتا هئا ۽ گرفتاري جي وقت منهنجي کيسي مان نڪتا هئي انهڪري مون کي ٿاڻي تي وٺي آيا ۽ لاڪپ ڪيو ويو۔مان سيٺ ۽ تفشيشي آفيسر کي سڄي ڳاله پيرائتي ڪري ٻڌائي پرمنهنجي ڪير ڳاله ٻڌڻ لاء تيار ڪونه هو۔مان توهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهان ته ڪيڏي وڏي عذاب ۽ ذلت جي مرحلي مان ان وقت مان گذري رهيو هئس،جنهن جو اوهان اندازو به نه ٿا لڳائي سگهو۔بهرحال ٻئي ڏينهن مون کي انسداد دهشت گردي جي ڪورٽ ۾ جج صاحب جي اڳيان پوليس رمانڊ لاء پيش ڪيو،جج صاحب کي مون روئي روئي مٿيون قصو ٻڌايو،جج صاحب تفشيشي آفسير کي گهرايو ۽ سختي سان چيو ته مين ملزم ( اهو پٺاڻ ماڻهون جنهن مون کي پيسئا وٺڻ موڪليو هو) کي ڪيئن به ڪري گرفتار ڪيو۔ ڇاڪاڻ ته مون وٽ ان وقت تائين پنهجي بيگناهي جو ڪو ثبوت نه هو،انڪري منهنجو پوليس رمانڊ جج صاحب ڏنو۔ هڪ هفتي کان پوء تفشيشي آفيسر هڪ ماڻهون منهنجي سامهون آندو ۽ پڇو ته ڇا هي اهو ساڳيو پٺاڻ آهي جنهن مون کي هن ڏوه ۾ استعمال ڪيوهو، اهو ماڻهون ساڳيو نه هو پر چهري مان ان جي مشهابت وارو هو۔ مون تفشيشي آفيسر کي مٿين ڳاله ٻڌائي۔ ٻن ٽن ڏينهن کانپوء اهو اصلي ملزم گرفتار ٿئي ويو۔ان جي مون کان سڃاڻپ ڪرائي ويئي۔ان وقت پهريون دفعو مون کي خبر پئي ته ان ملزم جو وڏو ڀاء ان سيٺ وٽ ڪنهن زماني ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ هن ملزم ان جو فائدو وٺندي سيٺ جو نمبرحاصل ڪري هن کي دهمڪي آميز ٽيلفون ڪري ڀتي ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو۔اسان ٻنهي کي جج صاحب جي سامهون پيش ڪيو ويو۔جج صاحب ٻئي ملزم کان منهنجي ٻڌيل واقعات جي تصديق ڪئي هن اهو سڀ مڃو۔جج صاحب تفشيشي آفسير کي چيو ته اسان ٻنهي جو اقبالي بيان علائقي جي مائجسٽريٽ وٽ قلمبند ڪرائي۔اسان ٻنهي جا بيان ريڪارڊ ڪرايا ويا۔انهن جي آڌار تي انسداد دهشت گرد ڪورٽ جي جج صاحب مون کي جيل مان ضمانت تي آزاد ڪيو۔
    پوليس ۽ جيل ۾ قيد گهارڻ جي دوران اڪثر مان پنهنجي پاڻ کان اهو سوال ڪندو هئس ته ڇا انساني همدردي ڪرڻ جي ايترو وڏو قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي۔؟ ڇا واقعي مان پنهنجي ناداني ۽ همدردي جي جذبي جي ڪري هڪ وڏي ڏوه ۾ ملوث ٿئي ويس؟ ڇا مون جهڙن سادن ماڻهون کي هن چالاڪ ماڻهون جي دنيا ۾ رهڻ جو ڪو حق نه آهي؟ ڇا انسان ايترو پست ٿئي ويو آهي جوان تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي؟ ڇا انهن حالتن ۾ اسان مسلمان چورائڻ جا حقدار آهيون؟ ڪو جرم نه ڪندي به مان پنهنجي ضمير ۽ دنيا جي ڪورٽن جي اڳيان مٿين حالتن جي ڪري جوابده ٿيو آهيان۔ منهنجي دل هاڻي ڪنهن تي به اعتبارڪرڻ نه ٿي ڏئي۔ هاڻي ته انساني همدردي تحت ڪوبه قدم کڻڻ لاء مان هميشه جي لاء توبه ڪري ڇڏي۔“
    محترم ميمبرس ؤڀاتي هن ڪکائون محبت سان لبريز اڳڻ جا! مٿين واقعي کي هت ونڍ ڪرڻ مان اسان جو اهو مقصد آهي ته اسان جي قوم جيڪا پنهنجي انساني همدردي واري جذبي،مهمان نوازي،ٻين جو هڏ ڏوکي جي وجه سان مشهور آهي،ايئن نه ٿئي ته انهن اسان جي نيڪ جذبن جو فائدو وٺندي ڪو اوپرو مجرمانه ذهن جو مالڪ ماڻهون اسان کان ڪو غير قانوني ڪم ڪرائي وجهي ۽ پوء اسان پنهنجي ساده طبيعتن جي ڪري ڏوهاري نه هوندي به ان قسم جي ڏوه جي سزا ڪاٽيون۔ توهان سڀني کي گذارش آهي ته مٿين واقعي کي پنهنجي ذهنن ۾ جاء ڏيندا ۽ اجنبي ماڻهون جي مدد ڪندي پهريائين اهو پرکڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان مدد سان اوهان ڪو غير قانوني ڪم ته نه ٿا ڪيو۔ ان سان ملندڙ جلندڙ اهڙا ڪيترا واقعا ٿيا آهن جن ۾ ڏوهارين ننڍن ٻارن کي ڀتي جا پيسئا وٺڻ موڪليو آهي،اهو چئي ته انهن جي اوڌهارڦلاڻي ماڻهون وٽ آهي ۔انهي کي هي خط ڏئي پيسئا وٺي اچ ۽ ٻار پنهجي ٻاراڻي سوچ تحت ته ،هو مدد ڪري رهيو آهي،پسئا وٺڻ ويو۔گرفتار ٿئي ڏوهارين جو ساٿي سمجهو ويو ۔ انساني همدردي کان وڌيڪ سٺو ٻيو ڪو ڪم نه آهي ۽ اسان کي اها ضرور ڪرڻ گهرجي پر ان کان اڳ ۾ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ان انساني همدردي جي ڪري اسان کي ته ڪو نقصان نه ٿيندو۔جيئن مٿين رڪشه ڊرائيور کي همدردي جي سخت قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي۔ هي ڪو قصو يا ڪهاڻي نه آهي پرهڪ سچي ڏوه جي روائيداد آهي۔ سٺي ۽ قانون مطابق صلاح ڏيڻ اسان جو ڪم آهي۔وڌيڪ توهان مرضي جا مالڪ آهيو ان تي عمل ڪيو يانه۔
     
    32 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    1. بهترين ونڊ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄڪلهه جي حالات کي ڏسي ڪري اسان کي اهڙن ماڻهن جي ڳالهين تي يقين نه ڪرڻ گهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هڪ همراه چيو ته يار مون ڦلاڻي ماڻهون سان چڱائي ڪئي آهي اسان جو ڪم آهي چڱائي ڪرڻ ٻئي همراه ان کان پڇيو ڀاء موٽ ۾ بُرائي ٿي اٿئي هن وراڻو نه سائين ۔ ته ان همراه چيس ادا وڃي ڏس ڪنهن سان چڱائي به ڪئي اٿئي يا نه چڱائي ڪرڻ جو ثبوت بدلي ۾ مدائي آهي ۔،
    سو سائين هڪ ڳالھ ته ڪنفرم آهي سائين جن چڱائي ڪئي آهي ۔
    ميان ههڙي ميڊيا جي دور ۾ اسان سائين جن کي ڇا چئون
    هتي ته اها ڳالھ آهي جنهن کي ڪتي کاڌو اڙي اڙي به ان کي ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    انتهائي لاجواب ونڊ آهي
    سچ به ته پڙهي ڪري انساني همدردي ڪرڻ کان اڳ سوچيندو
    انهن ڪوڙن ماڻهن جيڪري اصل همدري جا مستحق ماڻهو رهجي وڃن ٿا

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    5 اپريل 2010 تي ڪوئيٽا کا لاڙڪاڻي لاءِ بولان ميل ريل ۾ نڪتس ۔ سفر ۾ مان ۽ منهنجو دوست محمد مسلم جوکيو ٻئي ڄڻا خوشي منجهان سفر کي طئي ڪري رهيا هياسين ۔ ٻنهي وٽ سفر جو سامان (کائڻ پيئڻ) به ڪافي هو۔ ريل جي درين واري سيٽن تي هلڪي هلڪي ٿڌڙي هير جي مزو به پنهنجي جاءِ تي هو۔ ريل گاڏي جڏهن سبي جي اسٽيشن تي پهتي ، ته اٽڪل يارهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو آيو ۽ سنڌي ۾ چوڻ لڳو ماما مونکي پنهنجي چاچي سان هن نمبر تي موبائيل تي ڳالهـ ڪرائيندين ؟ مون وٽ موبائيل ڪونهي ۽ مان سفر ۾ اڪيلو آهيان ۔ مان نمبر هن کي ملائي ڏنو هن پنهنجي چاچي سان 30 سيڪنڊ به مس ڳالهايو ۔ صرف ايترو چيائينس ته هاڻي مونکي بخار ڪونهي ۽ سبي جي اسٽيشن تي پهتا آهيون ۔ مان هن جي بخار ٻڌي ڪري هن کان حال احوال ورتو هنن جو نالو ۽ تعارف ڪجهـ سببن جي ڪري ظاهر نه پيو ڪريان مان هن کي پنهنجي کائڻ پيئڻ جي سامان ڪجهـ ڪڍي ڏنو ۽ هن وٺي منهنجي سامهون کاڌو پڇڻ لڳو ته ڪاڏي ٿا وڃو ؟ لاڙڪاڻي جواب ڏنم ، ڪوئيٽا ڪڏهن ايندؤ ؟ ٽئين ڏينهن تي وراڻي ڏنم ۔ ان کانپوءِ هي خاموش ٿي ويو ۔ ريل هلڻ لاءِ هارن هنيو ته هن ننڍڙي وڏي ادب سان ٿورو مڃيندي پنهنجي سيٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ چئي هليو ويو۔ لاڙڪاڻي جي سفر تائين هي ٻيهر نظر نه آيو۔ مان واپس ڪوئيٽا پهچي ويس ۽ چوٿين ڏينهن ساڍي يارهين وڳي ڌاران ايس ايڇ سرياب ٿاڻي جو فون جو آيو ته رضوان علي جمالي توهان آهيو ؟ مون وراڻيو ها ۔ ڪٿي آهيو ؟ ڪوئيٽا ۾ توهان سرياب ٿاڻي تي اچو ۔ مون پڇيو خير آ ؟
    ها ڪا ايمرجنسي آ ۔ مان هڪدم گاڏي ڪڍي اوڏانهن روانو ٿيس دعائون گهرندو ويس پروردگار سڀني مٽن مائٽن دوستن ڏي خير ڪجانءِ۔ پهچڻ کانپوءِ خبر پئي ته ان ڇوڪري جو چاچو ٿاڻي ۾ دانهين آهي ته اسانجو ڇوڪرو سبي جي اسٽيشن کان گم آهي ۽ هن نمبر کان فون تي ڳالهايو هيائين ۔ گهڻي ڊيگهـ پٽاڻ کانپوءِ ايس ايڇ او پڇيو توهانجو ڪاروبار ڇا آهي ؟ آفيس جو ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريم ته هن پاسو ئي ٻيو ورتو، سائين مان ته ڪجهـ به نه ٿو ڪريان هن ( ڇوڪري جي چاچي) سان پاڻ ڳلهايو ، چئي هي اتان اٿي هليو ويو۔ مون هڪ جمالي ايس ايس پي کي فون ڪئي ۔ جمالي صاحب پهچي ويو ، پهچڻ شرط چيائين هن ڪميني جي سفارش کڻي آيو آهين ڇا؟ سڄي ماجرا ٻڌايم ، جمالي صاحب دير ئي نه ڪئي ٻه ٽي پادر هڻائي ڪڍيائينس بعد ۾ ٻڌايئن ته هنن جو ڪم ئي اهو آهي ۔
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انساني همدردري ۽ چڱائيء ۾ اڄڪلهه اهڙا ڏينهن ۽ تڪليفون به درپيش اچن ٿيون۔ مڪار ماڻهن جي اهڙي ڪمن سبب ئي ماڻهو چڱائي ۽ خير جي ڪمن کان پاسو پيا ڪن ته اجايو ڪٿي ڦاسجي نه وڃون۔هاڻي ضرور ڪو چڱو ڪم ڪندي سئو دفعا سوچينداسين۔

    پر پوء به فطرت جو اصول آهي ته چڱي کان چڱائي ئي پڄندي۔

    بقول لطيف جي ته

    چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن
    جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هو قصو ته اوهان ٻڌو هوندو جنهن ۾ هڪ پوڙو ماڻهو درياءَ جي ڪناري تي وڇون کي هٿ سان پاڻي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ وڇون وري بار بار ان کي ڏنگ هڻي ٿو، هڪ جوان وري ان پوڙهي کي بي عقل چئي ٺٺوليون ڪري ٿو ته تون ڏنگ هڻندڙ جانور کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرين پيو

    پوڙهي چيو ته هن وڇون جي فطرت آهي ڏنگ هڻڻ ۽ منهنجي انسانيت وري فطرت مون کي هن کي بچائڻ لاءِ چئي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي فطرت تان نه ٿو هٽي ته مان وري پنهنجي فطرت تان ڇو هٽان؟؟؟
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    خير کٽندي هٿ ته سڙندا ئي آهن ، پر يار اسان سنڌي سٻاجهڙا ماڻهون انهن اٽڪلن کي سمجهون ئي ڪين ، توهان ڀلائي ڪيو ڀلي اگر مصيبت ۾ گرفتار به ٿي پئو پر پو نه الله پاڪ اوهانکي ڪونه ڇڏيندو ، الله پاڪ هر انسان کي اهڙن دوڪيبازن کان بچائي آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    افففففففففف۔۔۔۔
    اڃان وکريل سوچن کي سنڀاليم ئي پئي ته ته محترم جمالي صاحب جي واقعي اصل ڀنواٽين ۾ آڻي ڇڏيو۔۔۔
    حيرت آهي ته هن دنيا ۾ نيڪي ڪندڙ اڳ ئي گهٽ وري جي اهڙا واقعا ٿيندا رهن ته ان جو مقصد ته ”هاڻي ماڻهون نيڪي به نه ڪري۔۔۔“
    مون کي مٿيئن واقعن کي پڙهندي هڪ واقعو ياد پيو اچي۔۔۔ جيڪو ايترو اهم ته ناهي ۔۔ ان باوجود ياد پيو اچي۔۔۔
    هڪ دفعي مان بلاول چورنگي تي ڪنهن دوست جو انتظار پئي ڪيو۔۔ هڪ سنڌي نوجوان ڇوڪرو مون طرف وڌيو ۽ چيائين ۔۔”مون کي هڪ ڪال ڪرڻي آهي ۔۔۔ منهنجي موبائيل ۾ بيلنس ناهي۔۔۔ جڏهن ته مرتضى چوڪ جو پنڌ پري آهي۔۔۔ بس هڪ منٽ لاءِ پنهنجي موبائيل تان ڪال ڪرڻ ڏيو۔۔۔۔“
    سنڌي نوجوان جي درخواست ۾ ڪو شڪ ئي نه سمجهيم پر ان هوندي به کائنس سندس موبائيل گهريم۔۔۔ صاف نظر آيو ته کيس اها ڳالهه نه وڻي ۔۔۔ پر هن موبائيل کيسي مان ڪڍي ڏني۔۔ مون نيٽورڪ ڏسي بيلينس چيڪ ڪيو ۔۔۔ ته موجود مليو۔۔۔ کيس بغير جهڻڪندي سندس جي ئي موبائيل تان نمبر ملائي ڏنم۔۔۔ نوجوان موبائيل تان ڳالهائيندي اڳتي روانو ٿي ويو۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ حقيقت آهي جنهن تي روشني وڌي وئي آهي ، انسان وڃي ته ڪاڏي وڃي ڪري به ته ڇا ڪري سجو معاشرو بيگاڙجي ويو آهي ، انسان کي هاڻ انسان تان اعتماد پيو ختم ٿئي ،
    ڳالھيون سڀ حقيقت آهن ، پر ڇا ڪجي نيڪي ڪرڻ وارا وري به ڪين مڙندا ۔ جو انهن جي مٽي ۾ چنڱائي ڪرڻ جو خمير ڪجه سوايو وڌل آهي ،
    تمام بهترين ونڊ آهي !
    اسان کي گهرجي ته سوچي سمجهي ۽ اکيون کولي نهايت باريڪ بيني سان مضمون مان سبق پرائي اڳتي قدم وڌايون
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    ان لاءِ ئي ته اوهان ذيشان آهيو ۔ اسان اوهان کان اهڙي زهانت سکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا سين۔
    حال ته بد حال آهن ان ۾ ته ڪو شق ڪونهي ان لاءِ گهرجي ته قدم ڦوڪي ڦوڪي رکڻ گهرجن۔

    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاڳ ڀلا هئس جو جج صاحب ايماندار ۽ عقلمند ۽ پنهنجي ڊسڪريشن پاور کي بهترين نموني استعمال ڪرڻ جو عادي هوندو، ورنه ڇوري جي رن ئي رلي وڃي ها ۔خير هاڻي به وتندو ڏيهن کي ڏس ڏيندو ۔۔
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين غلام مصطفه ميمڻ صاحب خبر ناهه ڇو منهنجي دل توهان کي نه ڏٺي به توهان سان واقفيت ڏيکاريندي آهي، سائين مون کي اهيا به خبر نه ٿي پوي ته ان واقفيت ۽ رشتي کي ڪهڙو نالو ڏيان، سائين چاهيندي به الائي ڇو توهان سان ملاقات ناهي ٿي سگهي، برحال سائين توهان جي لکيل ان ڪهاڻي مان اسان به ڪجهه سکيو، بلڪه گهڻو ڪجهه سکيو، سائين اهيا به حقيقت آهي ته چڱائي ڪرڻ به ڏکي ٿئي وئي آهي، ۽ ان لاء قيمت ادا ڪرڻي ٿي پوي، ڪڏهن ڪڏهن ته اها قيمت ايڏي ته ڳري ٿئي ٿي پوي جو هر ڪو اها قيمت ادا به نه ٿو ڪري سگهي، مگر سائين رب پاڪ وري به ٿو مدد ڪري، جڏهن ته وقتيطور ڏکيائون ۽ تڪليفون ته اچن ٿيون مگر رب ڇڏي ڪو نه ٿو، ۽ رب پاڪ چڱائي ۽ احسان ڪندڙ کي پسند ڪيو آهي، ۽ رب پاڪ بهترين انصاف ڪندڙ آهي، مگر اسان جا اهڙا عمل ڪونهن جو رب کان انصاف گهرون، بس رب پنهنجو ڪو ڦيرو ڪري، باقي اسان رب کان انصاف گهرندي ڇوٽڪاري حاصل ڪري نه ٿا سگهون۔ بس ڪوشش اهيا ڪجي ته اسان ماڻهون هڪٻئي سان انصاف ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تقريبن 20 سال پهرين مون پنهنجي دوست ۽ روحاني استاد مرحوم حافظ خليل احمد صاحب کان هڪ حديث بابت وضاحت معلوم ڪئي هئي۔ ۔۔۔۔۔۔ياد رهي ته حديث هي هئي جنهن جو مفهوم آهي۔( ته ستر سال جي نفلي عبادت کان هڪ انصاف افضل آهي، )۔ ان حديث جي حافظ صاحب تشريح ڪندي اهيو ٻڌايو ته اهو ان ڪري ته اگر ڪو ستر سال عبادت ڪري يا نه ڪري ته ان جو معاشري تي ڪو به اثر نه ٿيندو( نقصان فائدي جي حساب ) پر هڪ نا انصافي معاشري کي تباهه ۽ برباد ڪري ٿي ڇڏي، ادا ميمڻ صاحب حضرت علي رضه جن جو قول مبارڪ آهي ته ڪفر تي ته معاشرو قائم رهي سگهي ٿو مگر نا انصافي تي نه۔ سو ادا مان ته ان منصف صاحب کي سلام پيش ڪندس، ۽ دعاگو رهندس ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ سندس مشڪلاتون آسان ڪري۔ جنهن حق ۽ سچ تائين پهچڻ لاء ڪوشش ڪئي، ۽ کيس مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏياريو۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ممتاز وگهيو صاحب اسلام عليڪم۔بيشڪ اسان جي اوهان سان آمهون سامهون ملاقات ته اڃا تائين نه ٿئي سگهي آهي پرهن ڪکائون اڳڻ تي اوهان جي ڏاهپ واري تحريرن جي ذريعي ۽ ٻين محترمن ميمبرن جي واتان اوهانجي خوبين جي باري ۾ ٻڌي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اوهان سان اسان جون صديون پراڻيون ملاقتون ٿيل آهن۔ اسان جيڪي هن اڳڻ جي محبت واري مالا ۾ ڳنڍيل آهيون،انهي جي خوشبوء جي اڌار تي هڪ ٻئي سان تمام گهڻا مانوس آهيون۔اسان کي به اوهان سان ملڻ جو اشتياق آهي۔انشاالله اهو جلدي پورو ٿيندو۔ ايڏو گهڻو پيار ڏيڻ تي اوهانجون مهربانيون۔ هميشه خوش رهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    اسان جي لاء ھي وڏو سبق آھي
     
  16. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
     
  17. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    بهترين سبق آموز ونڊ ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ادا 7ع7نو اوهان جومصمون نهائت بهترين هپ
     
  19. اويس

    اويس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو