هڪ همراهه ڏٺو ته هڪ جنازو وڃي پيو ان جنازي ۾ ڪتو سڀني کان اڳتي هو ۽ جنازي کان پويان تقريبن 300 کن ماڻهو هئا۔۔ ان همراهه جنازي سان گڏوگڏ هلندڙ هڪ شخص کان پڇيو، ”هي ڇا ٿيو آهي ۽ ڪيئن ٿيو آهي؟“سوڳوار: ”ڀائو۔۔ هي منهنجي گهرواريءَ جو جنازو آهي ۽ هي اڳيان سندس پاليل ڪتو آهي“۔۔همراهه: ”اوهان جي گهر واريءَ جي موت ڪيئن ٿي؟”سوڳوار: ”دراصل انهيءَ ڪتي سان کيڏي رهي هئي ته ڪتي کيس چڪ پاتو ۽ هو مري وئي۔“ همراهه: ”اڇا۔۔۔ ڀلا توهان مهرباني ڪري اهو ڪتو مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڏئي سگهو ٿا؟“ سوڳوار شخص پوئتي نظر ڊوڙائيندي ان همراهه کي چيو: ”هي سڀ همراهه ان ڪتي کي حاصل ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ ئي لائين ۾ لڳا آهن، تون به انهيءَ لائين ۾ لڳي وڃ“۔
زال مڙس کي فون ڪئي: ڇا ڪري رهيا آهيو ڊيئر؟ مڙس: آفيس ۾ آهيان تمام گهڻو مصروف آهيان، تون ڇا ڪري رهي آهين؟ زال: ڪي ايف سي ريسٽورنٽ ۾ تنهنجي پٺيان ويٺي آهيان، ٿورو پوئتي نهار
مار،،،، رڳو مون پنھنجو پاڻ کي زال جو ستايل محسوس ڪندو آھيان . ھتي تہ مون کان وڌيڪ زالن جي ستايلن جي لائين لڳي پيئي آھي.