لائين ۾ لڳي وڃ۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ همراهه ڏٺو ته هڪ جنازو وڃي پيو ان جنازي ۾ ڪتو سڀني کان اڳتي هو ۽ جنازي کان پويان تقريبن 300 کن ماڻهو هئا۔۔
ان همراهه جنازي سان گڏوگڏ هلندڙ هڪ شخص کان پڇيو، ”هي ڇا ٿيو آهي ۽ ڪيئن ٿيو آهي؟“​
سوڳوار: ”ڀائو۔۔ هي منهنجي گهرواريءَ جو جنازو آهي ۽ هي اڳيان سندس پاليل ڪتو آهي“۔۔​
همراهه: ”اوهان جي گهر واريءَ جي موت ڪيئن ٿي؟”​
سوڳوار: ”دراصل انهيءَ ڪتي سان کيڏي رهي هئي ته ڪتي کيس چڪ پاتو ۽ هو مري وئي۔“
همراهه: ”اڇا۔۔۔ ڀلا توهان مهرباني ڪري اهو ڪتو مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڏئي سگهو ٿا؟“
سوڳوار شخص پوئتي نظر ڊوڙائيندي ان همراهه کي چيو: ”هي سڀ همراهه ان ڪتي کي حاصل ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ ئي لائين ۾ لڳا آهن، تون به انهيءَ لائين ۾ لڳي وڃ“۔​
 
Back
Top