نئين ايجاد ..... بغير پرن وارو پکو...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    روزانو استعمال جي شين ۾ تيزي سان تبديليون ٿي رهيون آهن۔۔۔ جنهن جو سبب آهي ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مون کان هڪ دوست پڇيو ته ڇا هو پنهنجو ڪور آئي ٿري ليپٽاپ 5000 نقصان سان کپائي۔۔۔ جڏهن هن ٻه سال استعمال به ڪيو هجي۔۔۔ ؟ مون کيس تڪڙو ئي ها چيو۔۔۔ جو مون کي پڪ هئي ته ٻه سال اڳ وارو ڪور آئي ٿري هاڻي 5000 قيمت ڪرائي چڪو هوندو جو ان کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي جا سسٽم مارڪيٽس ۾ اچي چڪا آهن۔۔۔
    ٽيڪنالاجي جي ان تيز سفر سان پيدا ٿيندڙ نت نيون شيون ڏسڻ ۾ وڻندڙ ۽ استعمال ۾ آسان هجڻ سان گڏ انتهائي فائيديميند پڻ آهن۔۔۔ اهڙين شين ۾ تازو ايجاد ٿيندڙ پکي جو ذڪر ڇو نه ڪجي جنهن کي حيرت انگيز طور پر ئي ڪونهن۔۔۔ ڪجهه دوستن لاءِ اها ڀلي حيران ڪن ڳالهه هجي پر ڪافي دوستن حيران ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي۔۔۔
    ائر ڪيئر بليڊ ليس فين نالي هي پکو ٺاهيندڙ Jiangxi Vita جو چوڻ آهي ته ننڍا ٻار جيڪي هلندڙ پکن ۾ پنهنجيون آڱريون وجهي زخمي ڪري وجهندا هئا۔۔ ۔ اهڙن گهرن ۾ هاڻي پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي جو هنن پکن ۾ ڪو پر ئي ڪونهي۔۔۔ ڇو ته هنن پکن ۾ گولائي جهڙي بناوٽ واري ”ايئرڪنڊيشن“ جهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي۔۔ نه رڳو هي پکو گرم هوا کي ڌڪي ٿڌي هوا موڪليندو آهي پر هوا کي صاف ڪري پڻ موڪليندو آهي۔۔۔
    هي پکو بهترين مٽيريل سان تيار ڪيل آهي جنهن جو موٽر 35000 ڪلاڪن تائين لڳاتار ڪم ڪري سگهي ٿو۔۔۔ هي پکو پنهنجي ديده زيب ڊيزائين ۽ خوبصورت رنگن سان مارڪيٽ ۾ موجود آهي۔۔۔۔ جنهن قيمت رڳو 60 ڊالر آهي۔۔۔
    [​IMG]
    وڌيڪ تفصيل لاءِ هن صفحي جو ڦيرو ڀريو۔۔۔ جتي ڪريڊٽ ڪارڊ رکندڙ دوست هن پکي کي خريد به ڪري سگهن ٿا۔۔۔​
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واقعي هي پکو هتي اسانوٽ به موجود آهي مون پاڻ مارڪيٽ ۾ به ڏٺو آهي خاص ڪري ٻارڙن لا بهترين شي آهي ، مهرباني بهترين شيئرنگ جي
     
  3. اطهر علي پٺاڻ

    اطهر علي پٺاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    ڊيٽا پروسيس اسسٽنٽ، PPHI Sindh Kashmore
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مهرباني ڪري جي اگر توهان کي ان جي باري ۾ معلومات آهي ته ان جو ڪانسيپٽ ضرور سمجهائيندا ته اهو هوا ڪئين ڏيندو ۽ اهو اسان جهڙن غريبن لا آهي يا وري فلحال وڏيرن لا آهي ۽ اهو اسان جهڙي ڪنڌڪوٽ شهر جي مرڪيٽ ۾ اويليبل ٿيندو يا نه
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اها ڳالهه ته ڪمپني ئي ٻڌائي سگهي ٿي ته انهن هن پکي جوڙڻ ۾ ڪهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي آهي۔۔۔ پر انهن ايترو ٻڌايو آهي ته هي ٽيڪنالاجي ايئر ڪنڊيشن اسٽرڪچر کي سامهون رکندي بڻائي آهي جنهن جي هوا بغير پرن جي به پري تائين پهچي ٿي۔۔۔ جي تفصيل سمجهي سگهو ته هي تصوير ڏسو۔۔۔

    [​IMG]
    ۽ ٻنهي پکن جي فرق جو اندازو پڻ هن تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔​

    [​IMG]

    دوست ڪنڌ ڪوٽ جي ته خبر ناهي پر جيئن ڪالهه خورشيد شاهه بيان ڏنو ته اڄ جو دور خط لکڻ جو نه پر ايس ايم ايس موڪلڻ جو آهي سو عرض ته اڄ جو دور دڪانن تان مطلب جي شي ڳولي خريد ڪرڻ جو نه پر ڪمپيوٽر تي ويهي انٽرنيٽ ذريعي خريد ڪرڻ جو آهي۔۔۔ جي هي پکو خريد ڪرڻ جي توهان جي خواهش به سوائي آهي ته هن پيج تي اچي تفصيل موڪليو ۽ گهر ويٺي پکو خريد ڪريو جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 8000 روپيه ان وقت ڏيو جڏهن توهان کي پکو ملي وڃي۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    بھترين ايجاد آھي ادا
     
  6. اطهر علي پٺاڻ

    اطهر علي پٺاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    ڊيٽا پروسيس اسسٽنٽ، PPHI Sindh Kashmore
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    وڏي مهرباني ذيشان رشيد صاحب جو اوهان منهنجي لا ڪجهه ٽائيم ڪدي ايتري ساري معلومات ڏني الله پاڪ اوهان کي هميشه خوش رکي آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا رشيد صاحب پکو هوا به عام پکي وانگر ڏيندو آهي يا ايئر ڪنديشن وانگر ٿڌي هوا جو به مزو ڏيندو آهي۔جيڪڏهن ٿڌي هوا ڏئي ٿو ته مان پنهنجي ڪمري لاء وٺان ڪمرو ته توهان پاڻ به ڏسي ويا آهيو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    ادا پر پاڪستان ۾ اهو پڻ موجود آهي ء ان جي قيمت روپين ۾ تقريبن 7000 روپيا آهي وڌيڪ تفصيل لاء هي لنڪ ڏسندا
    http://www.symbios.pk/10-bladeless-table-fan
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين مون کي تجربو ناهي ان پکي بابت باقي ڪمپني دعوائون ته ڪافي پئي ڪري۔۔۔ هيٺين تصوير ۾ پڻ ان پکي بابت ڪجهه وضاحتون ڏنيون ويون آهن۔۔۔

    [​IMG]
    هوئن به موسم تبديل پئي ٿئي۔۔ هن وقت توهان کي ٿڌي هوا نه پر گرم هوا ڏيندڙ پکي جي ضرورت پوندي۔۔۔ وري جيسين موسم مٽي ته ٿي سگهي ٿو ڪجهه وڌيڪ بهتر ٽيڪنالاجي اچي وڃي جيڪا توهان جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي۔۔۔ :)
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا موسم جي حساب سان مون وٽ گرم هوا وارو آلو موجود آهي مان اڳئين سال لاء پيو چوان
     
  11. زاهد نظاماڻي

    زاهد نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد (M.U.E.T ڄامشورو) ڪمپيوٽر سيسٽم
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد خان نظاماڻي (بدين)
    رشيد صاحب بهترين شيئرنًگ۔
     
  12. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    سائين منهنجا توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن غريب جي وس جي ڳالهه کان پري آهي جيڪو اهو پنکو وٺي سگهي۔ واهه سائين واهه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو