ڇو چوين ٿي ته تو ۾ نه آ دل ڪشي؟

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڇو چوين ٿي ته تو ۾ نه آ دل ڪشي؟
    او مٺي! تون محبت جي آن زندگي!

    تو بنا دير جو چيو وساري ڇڏيو.
    هي ڪٿي ٿي مون کان پر ٿئي خودڪشي!
    هي حياتي ته هونئن رات ڪا ڄڻ اماس،
    ياد تنهنجي ئي آهي فقط روشني!
    ڪجهه چوڻ جي ڪري ٿي وئينءَ چپ تون،
    ڇو جهڪايئي اکين جي کلي آرسي؟
    غم لڪايان به پر پيار ڪيئن ٿو لڪي،
    اڄ سکڻ آءٌ توکان گهران ٿو سکي!
    ويس جنهن رنگ جو تون ٿي پائين اهو،
    رنگ سڀني رنگن کي ڪري ٿو لڄي!
    ڪو به توکي ڏسي جي نه وهه وا ڪري،
    پو ته چئبو مري آ وئي عاشقي!
    عڪس جنهن ۾ نه تنهنجو ڏسي ٿو وشال،
    سا ڀلا مان ڪيئن چوان آهي خوشي!؟!
    وشال
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ويس جنهن رنگ جو تون ٿي پائين اهو،
    رنگ سڀني رنگن کي ڪري ٿو لڄي!
    مطلب ته اسان به پيا لڄي ٿينداسون ۔۔۔۔ واهه واهه ۔۔۔۔۔ شاعر ته ڪمال ڪري ڇڏيو پر عرس جي رنگن به گهٽ ناهي ڪئي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو