دل جون ڳالهيون:_ 1۔۔۔ اندهيري رات ڀلي ته ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجئي،ان جي آخري ڪناري تي هڪ سج ضرورهوندو آهي۔جيڪو قنديل جو ڪم ڪندوآهي،انڪري اندهيري رات کان نه ڊڄو۔ 2۔۔۔ گهر جي زڪوات اها آهي ته ان جو هڪ ڪمرو ضيافت جي لاء رکو۔ 3۔۔۔ جگنو وانگر روشن ٿيو ۔جيڪواندهير ۾ روشني ڦهلائيندو آهي۔ 4۔۔۔ قبرستان انهن ماڻهون سان ڀريو پيو آهي،جن جو خيال هو ته دنيا انهن کانسواء نه هلي سگهندي۔ 5۔۔۔ جيڪي ڪنهن خاص مقصد جي ڪري مرند آهن ،اهئي هميشه دلين ۾ زنده رهندا آهن ۽ مرندا نه آهن، جيڪي بغير ڪنهن مقصد جي جيندا آهن ،اهئي حقيقت ۾ جيئندا نه آهن،پر زندگي انهن کي گذاريندي آهي۔ 6۔۔۔ پنهنجي اولاد کي زمانه جديد جي مطابق تعليم ڏياريو تاڪي هو رزق ڪمائي سگهي ،ان سان گڏ دين جو علم ضرور ڏيوس تاڪي هو برباد نه ٿئي وڃي۔ 7۔۔۔ اڄ ڪله تهذيب ماڻهون کي پکين وانگر هوا ۾ آڏڻ ۽ مڇين وانگر درياه ۾ ترڻ ته سکاريو آهي پر افسوس اڃا تائين انسانن وانگرزمين تي هلڻ نه سکاريو آهي۔ 8۔۔۔ جنهن کي پنهنجو دوست ٺاهيو،ان جي باري ۾ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کان نه پڇو۔ 9۔۔۔ جنهن سان محبت ڪئي ويندي آهي ،ان سان مقابلو نه ڪيو ويندو آهي۔ 10۔۔ خوش نصيبيي اهڙو پکي آهي ،جيڪو تڪبر جي ڇت تي ڪڏهن به ويهندو آهي۔ 11۔۔ هٽ دهرمي ڦڪي مشروب وانگر هوندي آهي،اها نه ته توهان کي ڪنهن قسم جي راحت ڏيندي نه ئي وري ٻين کي۔ 12۔۔ اڪثر محبتون انهي ڪري ضايع ٿئي وينديون آهن جو اسان انهن کي غلط ماڻهون جي حوالي ڪندا آهيون۔ 13۔۔ فاصلا وڌي وڃن ته دل جا ٻڌڻ (رشتا) صرف ڪمزو ئي نه ٿيندا آهن پر ٽٽي به پوندا آهن،انهڪري دوريون ختم ڪري نزدڪيون قائم ڪيو۔