پاڪستان جي مشهور يونيورسٽي (ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي) اچانڪ اعلان ڪيو آهي ته هڪ غير ملڪي اين جي او جي مدد سان هو نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جنسي ڪورس ڪرائڻ شروع ڪري رهي آهي، ۽ هي ڪورس هر ان شاگرد ۽ شاگردياڻي کي ڪرڻ ضروري هوندو جيڪو يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندو!! واضح رهي ته ان پروجيڪٽ لا هڪ غير ملڪي اين جي او وڏو ڀاري فنڊ به مهيا ڪيو آهي، ساڳي اين جي او ان کان پهرين به پاڪستان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيڪس ايجوڪيشن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري چڪي آهي، جنهن تي هنگاما ٿيڻ بعد عمل درآمد روڪيو ويو هو، هن ڪورس ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي طرح مخالف جنس سان جنسي تعلق قائم ڪيا ويندا آهن، ۽ ڪهڙي ريت ان عمل کي محفوظ بڻايو ويندو آهي۔ ڪورس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته مخالف جنس سان تعلقات قائم ڪرڻ نارمل ڳالھ آهي، ان ۾ شرمائڻ نه گهرجي۔ يونيورسٽي جو چوڻ آهي ته هو ڪجھ مهينن کان بعد شروع ٿيندڙ نئي تعليمي سال ۾ ان ڪورس جي شروعات ڪرائيندي!!!
ادا طاهر ان آفيشل ته سڀ ڪجهه ٿئي پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسلامي ملڪ هجڻ جي ناتي اهڙا عمل نه ٿيڻ گهرجن اهڙي اين جي او کي واضع ڪيو وڃي ته جئين ان جو هر جڳلهه تي بائيڪاٽ ڪري سگهجي
هههههههههه ادا اڃان ته نئون تعليمي سال شروع ئي نه ٿيو آهي۔۔۔ پر ايڏي جلدي ۽ ايڏي ايمرجنسي ۾ ٿو فارم جمع ڪرائين هههه۔ هن تصوير جو مطلب اهو آهي ته ان سبجيڪٽ جي متعارف ڪرائڻ سان سان تعليم جو تناسب وڌندو ۽ ڪلاسن جي حاضري به..
نه ادا مهنجو اهڙو نيڪ مقصد نه هو اادا اها مهنجي تصوير آهي مان ادي طاهر جي ان پوسٽ کان پوء داخلا وٺڻ ويو هوس اتي ڏاڍي رش هئي پر مان اها ٽل ڪري فارم جمع ڪرائي آيس باقي جيڪا فارم جمع ڪرائڻ ۾ رش هئي ۽ مون سان حالت ٿي اوهان جي سامهون آهي
انا لله وانا اليه راجعون! اهڙي ڪڌي عمل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ، اڳ ۾ اسان وٽ اخلاقي اقدار جو فقدان آهي مٿان وري بي حيائي جو فروغ لا نوان لاڙا پيا متعارف ٿين ۔ افسوس صد افسوس !!
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو سڀ ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، ان پٺيان ڪهڙا نتيجا حاصل ڪيا ويندا۔۔۔۔۔ علم ۽ بي حيائيء ۾ فرق سمجهڻ گهرجي۔ علم ۽ ڏوهه ۾ فرق سمجهڻ گهرجي۔۔۔۔۔ خراب ڳالهين جو علم به اصل ۾ علم ئي آهي پر اهو انسان کي بگاڙي، انساني تهذيبن ۽ قدرن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏي ٿو۔ اهڙي عمل کي اسان بهتر نه ٿا سمجهون ۽ هي فيصلو عجيب ٿو لڳي۔
ها واقعي! اهي شيون حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهن: ڇو ته پاڪستان حرامي ٻار پيدا ڪرڻ ۾ يورپي ملڪن کان اڃان گهڻو پري آهي۔ ۽ اڃان تائين شناختي ڪارڊ تي پي جو نالو لکيو وڃي ٿو، جڏهن ته ما جو ڪو به حق ناهي جيڪا ويچاري ايڏيون تڪليفون برداشت ڪري ٿي، آسان حل ته اهو آهي ته عورت کي ٻار پيدا ڪرڻ جا اهڙا اهڙا طريقا سيکاريا وڃن جو ٻار پيدا ٿين ۽ پي جو ڪو نالو نشان ئي نه هجي۔ روزاني اهڙيون خبرون پڙهڻ لا ملنديون آهن ته فلاڻي جا تي فلاڻو جوڙو پڪڙيو ويو آهي، هي ٿي ويو، هُو ٿي ويو، ويچارن جي بي عزتي (خراب) ٿي ويندي آهي، اهڙي صورتحال کان بچڻ لا ويچارن کي تعلقات قائم ڪرڻ جا محفوظ طريقا سيکارڻ بي حد ضروري آهن۔ باقي رهيون نماز ، روزن جون ڳالهيون ته شاگردن ۽ شاگردن کي سيکارڻ هاڻي ضروري ناهي رهيو، ڇو ته جسماني صحت برقرار رکڻ لا هاڻ نوان نوان طريقا متعارف ٿي ويا آهن۔ ۽ ڏاڙهي! اهو ته ٻارن کي به خبر پئجي وئي آهي ته (پراڻي زماني وارا) فرعون رکندا هئا، هاڻ رواج تبديل ٿي ويا آهن، ڏسو ڀلا اوباما جي ڏاڙهي آهي؟ ان کان پهريون ته بش جو ٻُوٿ به ڇِلِيَلَ پَٽَاٽي جهڙو هو، ٻيو ته سڀ ڇڏيو 000پر جيڪڏهن اوهان مسلمان حڪمرانن جون حالات زندگي به پڙهيا هجن ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته ڏاڙهي رکڻ وارو رواج تمام گهڻو پراڻو ٿي ويو آهي۔ ۽ پردي حجاب جي باري ۾ تعليم ڏئي ڇا پٿر جي زماني جي ياد تازي ڪريون ڇا؟ هونئن به اهو پردو عورت تي بلا وجه هڪ بوجھ ئي آهي، جڏهن ته اسان ان ڪري ان تان پوتي ۽ رَئو به ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته باقي بچيل ڪپڙن کي لاهرائڻ لا به غور ٿي رهيو آهي، بحرحال مغربي آقائن سان مشورا ٿيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته عورت (صنفِ نازڪ) آهي ۽ سندس نازڪ مزاجي جي هي تقاضا آهي ته مٿس ڪپڙن جو بوجھ بلڪل ئي نه هئڻ گهرجي۔ ته دوستو! ڳالھ صفا سڌي آهي ته عورت کي ڪپڙن وغيره کان نجات ڏيارڻ جي هڪ وجه اها به آهي، تاڪه هُو پنهنجي فطري ڪمزوري جو تدارڪ ان سهولت مان فائدو کڻي حاصل ڪري سگهي، اعتراض ته تڏهن ٿيڻ گهرجي ها جڏهن اسان مَردَن کي به ڪپڙن کان آجو ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيون ها! باقي رهي ڳالھ (شيطان ملڪ جي) سورت اخلاص (قل هو الله احد) پڙهڻ جي، سو اها ته پاڻ ئي پارليامينٽ ۾ وڃي ٺيڪ ٿي ويندي، چلو! هڪ ٻه دفعه غلط پڙهي به وڃي، ته پو وري پڙهڻ ۾ اچي ويندي،
لڳي ٿو ته مان هي وسعت الله خان جي پوسٽ پيو پڙهان يا ادي طاهر جي مطب ته ادو طاهر به سنڌ سلاات جو وسعت الله خان آهي ۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين ڳالهه ڪئي آهي اوهان ادا ۔۔۔۔۔پر ڪو سمجهي ته ۔۔۔۔۔۔۔ پر ملاله جهڙا ذهن رکندڙ ماڻهون شايد اهي ڳالهيون سمجهڻ کان قاصر آهين
سَڌائتي سڀڪا پر بک نه باسي ڪا ميان ادا سليمان جي داخلا توهان ۽ اسانکي ملي ؟ ته گهٽ ڪونه ڪنداسين۔ باقي ڀائو عرس پريو کي ڇو ٿا نشانو بڻايو ؟