جتيون، جن ۾ گهڻي نچڻ ڪري ٽنگ ٿي پوندا هئا!

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪنهن سمي، هڪ بادشاهه هو، جنهن کي ٻارهن ڌيئرون هيون، جن مان هرهڪ ٻيءَ کان وڌيڪ سهڻي هئي. اهي سڀئي هڪ ئي صفحي ۾ سمهنديون هيون، جتي سندن پلنگ هڪٻئي جي ويجهو قطار ۾ رکيل هئا، ۽ هر ڪنهن رات جڏهن هو سمهنديون هيون، ته بادشاهه ان جي ٻاهرئين در کي ڪلف ڏيئي ڇڏيندو هو.
    صبح جو جڏهن بادشاهه ڪلف لاهي، در کوليندو هو ته ڏسندو هو ته شهزادين جون جتيون گهڻي نچڻ ڪري ٽنگ ٽنگ ٿيون پيون هونديون هيون، ۽ هن کي عبرت لڳندي هئي ته آخر ائين ڪيئن ٿي ٿيو.
    نيٺ بادشاهه هڪ اشتهار جاري ڪيو، جنهن ۾ پڌرو ڪيائين ته جيڪو به شخص اهو ڳجهه ظاهر ڪري ڏيندو ته ”ڪهڙي سبب جتيون رات وچ ۾ گهڻي نچڻ ڪري ٽنگ ٽنگ ٿيو پون، ته ان شخص کي پنهنجي ٻارهن ڌيئرن مان هڪڙيءَ جو سڱ ڏيندس، ۽ منهنجي وفات کان پوءِ هو منهنجي تخت جو وارث به ٿيندو، مگر جيڪو به انهيءَ راز جي ظاهر ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندو، ۽ ٽن راتين ۽ ٽن ڏينهن اندر ائين نه ڪري سگهندو، ته ان کي پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻڻو پوندو.“
    ٿورڙا ڏينهن گذريا ته هڪڙو شهزادو اچي حاضر ٿيو- چي، ”آءٌ ٿو اهو راز ظاهر ڪريان!“ شهزادي جي ڏاڍي مان شان سان مرحبا ڪئي ويئي، ۽ شام جو، شهزادين جي سمهڻ واري صفحي جي ڀر واريءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي هن کي ويهاريائون، جتي هن جي سمهڻ لاءِ بسترو به موجود هو. هن جو ڪم هو ته ڏسي ته ڪير ٿي شهزادين جي ڪمري ۾ رات جو لڪي لڪي آيا، جن سان هنن گڏجي ٿي ناچ ڪيو. پر شهزادي جي بدبختي اهڙي جو جلدئي اکين ۾ ڳِهرَ اچي ويس، ۽ هو سمهي رهيو. پوءِ جڏهن صبح جو اٿيو ته ڏٺائين ته هو ٻارهن ئي ڀينرون ڪٿي ناچ ڪرڻ وييون هيون. ڇاڪاڻ ته سندن جتين ۾ گهڻي ناچ ڪرڻ ڪري ٽنگ پئجي ويا هئا. ٻيءَ رات ۽ ٽينءَ رات به شهزادي جو اهوئي حال ٿيو، يعني هر رات هن کي اُها ئي ننڊ کڻيو ويندي هئي. آخر شهزادين جي ناچ جو راز هو لهي ڪين سگهيو، ۽ پوءِ هن جو سر نهايت بي رحميءَ سان ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.
    تنهن کان پوءِ، ڪيترائي شهزادا ۽ سردار انهيءَ راز لهڻ لاءِ آيا، مگر انهن جي به عاقبت اها ئي ٿي، يعني اڳي يا پوءِ سڀيئي پنهنجا سر وڍائي ويا.
    ائين ٿيندي ٿيندي، هڪڙي ڏينهن، هڪڙو غريب سپاهي، جنهن لڙائيءَ ۾ ڏاڍا گهاءُ جهليا هئا، اچي انهيءَ شهر مان لنگهيو. اتي هڪڙي ڪراڙي زال هئي، جنهن سپاهيءَ کي ڏسي ورتو، سو ڊوڙي اچي مليس، ۽ پڇيائينس، ”هتي ڪهڙي ڪم سانگي آيو آهين؟“ سپاهيءَ ائين کلي کڻي چيو:
    ”کڻي ٿو ٻارهن شهزادين جي راز لهڻ لاءِ پاڻ پيش ڪريان- پوءِ کٽن ڀاڳ: جي خبر پئجي ويم ته شهزاديون ڪٿي ٿيون ناچ ڪرڻ وڃن، جو صبح تائين سندن جتيون گسي گسي ٽنگ ٿي ٿيون وڃن، ته پوءِ ان جي عيوض آءٌ به جهٽ ۾ بادشاهه بنجي ويهي رهندس!“
    [​IMG]
    ڪراڙيءَ زال سپاهيءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهيو، ۽ چيائينس ته ”اها ڳالهه اهڙي مشڪل به ته نه آهي، جهڙي تون سمجهين ٿو! توکي فقط هيترو ڪرڻو آهي، جو رات جو توکي جيڪو شراب پيئڻ واسطي ڏين سو نه پيئج، ۽ ننڊ جو اهڙو ڍونگ ڪج، جو ڄڻ گهريءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهين!“
    ائين چئي، پوڙهيءَ هڪ ننڍو چوغو هن کي ڏنو، ۽ وڌيڪ چيائينس ته ”هي جيڪڏهن مٿان پائيندين ته ڪنهن کي به نظر نه ايندين، ۽ ڪوبه توکي ڏسي ڪين سگهندو- پوءِ تون ڀلي شهزادين جي آهستي پٺ وٺي وڃج، ۽ ڏسي وٺج ته هو ڪيڏانهن ٿيون وڃن!“
    سپاهي، اها نصيحت ٻڌي، تکو تکو اڳتي وڌيو، ۽ وڃي بادشاهه جي درٻار ۾ اعلان ڪيائين ته ”منهنجو سر به شهزادين جي راز لهڻ لاءِ حاضر آهي.“
    پوءِ هن جي به کانئس اڳي آيلن وانگر، وڏي شان مان سان کيڪار ڪيائون، ۽ کيس شاهي وڳا پهرڻ واسطي ڏنائون. سمهڻ جي وقت، هن کي انهيءَ ساڳئي ڀر واري ڪمري ۾ وٺي ويا، ۽ جڏهن هن بستري تي ليٽڻ جي تياري ڪئي ته بادشاهه جي سڀني کان وڏيءَ ڌيءُ هن کي هڪ شراب جو ڀريل پيالو آڻي ڏنو. پر هن ان مان هڪ ڦڙو به نه پيتو ۽ سڀ شراب هڪ سڪل ڪڪر جو ٽڪر، جو هن کاڏيءَ هيٺ ٻڌي ڇڏيو هو، تنهن ۾ چوسجي جذب ٿي ويو. پوءِ ته هو ليٽي پيو، ۽ ڪجهه گهڙي نه گذري ته کونگهرا هڻڻ لڳو، ڄڻ ته گهري ننڊ وٺي ويئي هيس.
    ٻارهن ئي شهزادين هن جا کونگهرا ٻڌا ۽ سڀني کان وڏيءَ ٽوڪبازيءَ وچان کلندي چيو، ”هن سجاڳ سپاهيءَ کي آخر ايتريءَ تڪليف وڍڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ شايد بت مان ڪڪ ٿي پيو آهي!“
    پوءِ هنن پنهنجون پيتيون ۽ ڪٻٽ کوليا، ۽ اعليٰ قسمن جي لباسن سان پاڻ کي آرسين ۾ ڏسي سينگاريائون ۽ خوشيءَ ۾ ايتريون ته پئي ٻهڪيون، جو ڄڻ ته ڪنهن وڏي جشن ۾ وڃڻو هونِ.
    سڀني کان ننڍي شهزادي البت ڪجهه غمگين ٿي نظر آئي، ۽ رکي رکي چيائين، ”خبر نه آهي ته ڇو اوهين سڀئي ايتريون خوش آهيو. مگر آءٌ ته پنهنجي دل ۾ محسوس ٿي ڪريان ته اڄ مڙيوئي ڪنهن طرح جي ڪا تڪليف اسان تي اچڻ واري آهي.“
    وڏيءَ شهزاديءَ ان تي چيس، ”تون هڪڙي بيعقل ڳيري آهين! هت آهي ڇا جنهن جو خوف ڪرڻ گهرجي؟ توکي خبر نه آهي ته ڪيترن ئي وڏن وڏن ڏاهن ۽ پهلوان شهزادن اسان جي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر انهن سڀني جون ڪوششون اجايون ٿيون! هن سپاهيءَ کي به ننڊ آڻڻ جو اهو ساڳيو ئي پيالو پياريو اٿم، ۽ يقين سمجهه ته هي ڳوٺاڻو به هاڻي صبح جوئي سجاڳ ٿيندو.“
    پوءِ جڏهن هو سڀئي وڃڻ واسطي تيار ٿيون، تڏهن هنن ان سپاهيءَ ڏي منهن ورائي نهاريو- ڏٺائون ته هن جون اکيون اهي ئي پوريون پييون هيون ۽ بنهه مردي وانگر خاموش پيو هو: تنهنڪري خيال ڪيائون ته ”سڀ خير آهي، خوف جو ڪو سبب ڪونهي!“
    سڀ کان وڏيءَ شهزاديءَ پوءِ پنهنجي پلنگ جي سيرانديءَ کان ٺَڪ- ٺَڪ ڪئي، ته يڪدم فرش چيرجي ٻه اَڌ ٿي پيو، ۽ سندس پلنگ، آهستي آهستي ان ۾ هيٺ پيهي ويو، ۽ پوءِ ان فرشائين در مان هو هڪ هڪ ٿي هيٺ لٿيون. سڀني کان اڳ ۾ وڏي شهزادي، ۽ پوءِ سندس پويان ٻيون سڀيئي.
    سپاهي، جنهن انهن جي اها سموري هلچل پئي ڏٺي، اُٿي کڙو ٿيو، ۽ چوغو کڻي مٿان ڍڪيائين، ۽ سڀني کان ننڍڙيءَ شهزاديءَ جي پُٺِ ڪندي، هنن جي پويان نڪتو. تڪڙو تڪڙو هلندي، ڏاڪڻ جي وچ ۾ هن جو پير ننڍيءَ شهزاديءَ جي پوتيءَ جي پَلَوَ تي اچي ويو، شهزاديءَ کان ڊپ وچان دانهن نڪري ويئي: ”هي ڇا آهي؟ منهنجي پوتيءَ تي ڪنهن جو پير اچي ويو آهي!“
    وڏيءَ ڀيڻ ان تي چيس، ”بي عقل نه ٿي. ڪپڙو ڪنهن اَنگهه ۾، يا ڪنهن ڪليءَ ۾ اٽڪيو هوندءِ.“ پوءِ هو هيٺ هلنديون وييون، تان جو وڃي تر تائين پهتيون. اُتي هڪڙي اعليٰ قسم جي وڻن جي قطار هيٺ وڃي بيٺيون، جن جا پن سڀ روپا ۽ ميوا سڀ سونا هئا، ۽ اهي هوا ۾ پئي لڏيا ۽ جهوميا- ۽ جَرڪيا ۽ چمڪيا پئي.
    اتي سپاهيءَ خيال ڪيو ته، ”بهتر آهي ته آءٌ هڪڙو پن هتان پاڻ سان شاهديءَ خاطر کڻان.“ سو، هٿ وجهي جيئن وڻ مان هڪڙي ننڍڙي ٽاري ڀڳائين، تيئن ان جو ٽڙڪاٽ ٿيو، ۽ اهو آواز ٻڌي، سڀ کان ننڍيءَ شهزاديءَ رڙ ڪري چيو، ”ڪجهه مڙيئي هاڻي ٿيڻ وارو آهي! اوهان هيءُ آواز نه ٻڌو“
    پر وڏيءَ ڀيڻ هن کي ماٺ ڪرائِي ۽ چيائينس ته ”اهو بندوقن ڇٽڻ جو آواز آهي: اسان جا شهزادا اسان جي استقبال واسطي بندوقون پيا ڇوڙين!“
    پوءِ، هو اڳتي هلي، وڻن جي اهڙين ٻن قطارن جي وچ ۾ رستي تي آيا، جن جا پن سڀ هيرن جا ۽ ميوا سڀ جواهرن جا هئا. سپاهيءَ انهن مان به نشانيءَ طور هڪ ننڍي ٽاري ڇني هٿ ۾ ڪئي، پر ٽاريءَ جي ٽٽڻ جو اهڙو ته زور سان ٺڪاءُ ٿيو، جو سڀ شهزاديون دهلجي وييون.
    ننڍيءَ شهزاديءَ ته خوف ۾ ڇرڪي، وٺي کڻي ٽپ ڏنو، پر وري به وڏيءَ ڀيڻ چيس، ”هي ته رڳو اسان جي سلامتيءَ جا ٺڪاءَ آهن!“
    تنهن کان پوءِ هو هڪ ڍنڍ وٽ آيا، جنهن جي ڪناري تي ٻارهن بتيلا لنگر هنيو بيٺا هئا، ۽ هرهڪ ۾ هڪ سهڻو شهزادو- سُکان تي ويٺو هو. اهي انهن ٻارهن شهزادين جي انتظار ۾ اتي ترسيل هئا، ۽ جڏهن اهي آيون ته پوءِ جوڙي جوڙي ٿي وڃي بتيلن ۾ ويٺا. سپاهيءَ ڇا ڪيو، جو سڀني کان ننڍيءَ شهزاديءَ سان گڏ وڃي بتيلي ۾ ويٺو. گهڙيءَ کان پوءِ هن سان گڏ جو شهزادو هو، تنهن چيو، ”ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي ٻيڙي اڄ رات ايتري ڳوري پيئي لڳي: آءٌ ته اڄ ان کي چوري به مَس ٿو سگهان!“
    ننڍيءَ شهزاديءَ جواب ڏنو. ”هوا ڏاڍي گرم آهي، اهوئي سبب آهي جو ٻيڙيءَ هلائڻ ۾ توکي ڏکيائي ٿي ٿئي. آءٌ خود به مَس ٿي ساهه کڻي سگهان!“
    ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هڪ وڏو ۽ مضبوط قلعو هو، جنهن ۾ اندر هڪ عاليشان سهڻي محلات هئي، جيڪا بيشمار بتين جي روشنيءَ ۾ پري کان ائين پئي ٻهڪي، ڄڻ ٽمڪندڙ تارن وارو آسمان هيٺ زمين تي لهي آيو هو. محلات جي اندران هڪڙي نفيس ۽ دل ڌتاريندڙ سرود جو آواز پئي آيو.
    پوءِ سڀئي ٻيڙين مان ڪناري تي لٿا، ۽ گڏجي قلعي اندر گهڙيا، ۽ اتي جوڙي جوڙي ٿي نچڻ لڳا. سپاهي به ساڻن گڏ پئي نچيو، پر ڪوبه هن کي ڏسي ڪونه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته پوڙهيءَ وارو چوغو اڃا تائين هن جي ڪلهن ۾ پيو هو. نچندي نچندي منجهائن ڪو ٿڪبو هو، ۽ پاڻ کي تازي ڪرڻ لاءِ شراب جو پيالو کڻي چپن تي آڻيندو هو، تڏهن سپاهي اڳي ئي اهو پيالو هاري، خالي ڪري ڇڏيندو هو.
    هن ڳالهه خاص طرح ننڍيءَ شهزاديءَ کي ڏڪائي ڇڏيو هو، پر اڳي وانگر وڏيءَ ڀيڻ وري به هن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هو نچندا رهيا، تان جو صبح جي ٽين بجي تائين نچندي نچندي هنن سڀني جون جتيون ٽنگ ٽنگ ٿي پيون، ۽ لاچار وڌيڪ ناچ بند ڪرڻو پين.
    موٽڻ مهل، جڏهن شهزاديون وري ڏاڪڻ وٽ پهتيون، تڏهن سپاهي سڀن کان اڳ ۾ ٿي، وڃي پنهنجي بستري تي اڳواٽ سمهي پيو. پوءِ جڏهن شهزاديون ٿڪ وچان پير گهلينديون ۽ اوٻاسيون ڏينديون پنهنجي ڪمري ۾ آيون، تڏهن ڏٺائون ته سپاهي پهرئين وانگر اهي ئي زور سان کونگهرا پئي هنيا. پوءِ شهزاديون پنهنجا سهڻا قيمتي ڪپڙا لاهي، جتين کي لتن سان پلنگ هيٺ ڌڪي، پنهنجن بسترن تي ڪري پييون، ۽ گهڙيءَ ۾ ننڊ وٺي وين.
    ٻئي ڏينهن صبح جو، سپاهيءَ ڪنهن سان به ڳالهه ڪانه ڪئي. ٻيءَ رات ۽ ٽينءَ رات به ساندهه هن اهو ساڳيو تماشو ڏٺو- جيڪي هن پهرينءَ رات ڏٺو هو. ڏٺائين ته برابر انهيءَ ريت ٻيءَ ۽ ٽينءَ رات به ٿيو، ۽ شهزاديون سڄي رات ائين نچنديون رهيون، جيسين ڀيري ڀيري سندن جتيون گسي گسي ذري گهٽ ٽڪر ٽڪر ٿِي ٿي پييون.
    ٽينءَ رات، نشانيءَ طور وڻن جي ٽارين جي بدران، هن هڪ شراب جو خالي پيالو کنيو، ۽ اهو پاڻ سان کڻي ٻاهر آيو.
    جڏهن اها ساعت آئي، جو هو بادشاهه وٽ وڃي حاضر ٿيو، تڏهن اتي هو اُهي ٻه ٽاريون ۽ پيالو پنهنجي ڪوٽ جي اندران لڪائي کڻي ويو. هي ٻارهن ئي شهزاديون به دروازي جي پٺيان لڪي بيهي رهيون ته ٻڌن ته بادشاهه ۽ سپاهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي هلي!
    جڏهن هو بادشاهه وٽ حاضر ٿيو ته بادشاهه پڇيس، ”رات جو منهنجون ڌيئرون ڪٿي ٿيون وڃيو نچن جو سندن جتيون رات وچ ۾ گسي گسي، ڇڄيو ٽنگ ٽنگ ٿيو ٿيون وڃن؟“
    هن جواب ڏنو، ”ٻارهن شهزادن سان، هڪ زير زمين محلات ۾!“
    ائين چئي، هن شاهديءَ لاءِ اتان آندل نشانيون ڪڍي ظاهر ڪيون.
    انهيءَ تي بادشاهه پنهنجي ڌيئرن کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ۽ کانئن پڇيو: ”هي سپاهي سچ ٿو ڳالهائي؟“ ڇوڪرين ڏٺو ته ڳجهه ظاهر ٿي پيو، ههڙين شاهدين ۽ ثابتيءَ جي شين جي سامهون انڪار ڪرڻ اجايو آهي، تنهنڪري هنن سڄو قصو جيئن هو تيئن قبول ڪيو.
    پوءِ بادشاهه سپاهيءَ کان پڇيو، ”هي سپاهي سچ ٿو ڳالهائي؟“ ڇوڪرين ڏٺو ته ڳجهه ظاهر ٿي پيو، ههڙين شاهدين ۽ ثابتيءَ جي شين جي سامهون انڪار ڪرڻ اجايو آهي، تنهنڪري هنن سڄو قصو جيئن هو تيئن قبول ڪيو.
    پوءِ بادشاهه سپاهيءَ کان پڇيو، ”تون منهنجي ڪهڙيءَ ڌيءُ سان شادي ڪرڻ گهرين ٿو؟“
    سپاهيءَ جواب ڏنو، ”جنهن حالت ۾ آءٌ پاڻ به جوانيءَ کان هٽي چڪو آهيان، تنهنڪري، آءٌ تنهنجي ڌيئرن مان سڀني کان وڏيءَ ڌيءُ سان شادي ڪندس.“
    اهڙيءَ طرح ٻنهي جي شادي ڪرائي ويئي، ۽ هو سپاهي بادشاهيءَ جو وارث بنجي ويهي رهيو.
    [گرمس فيئري ٽيلس منجهان ”شوُزِ ڊانسڊ انِٽو هولسِ“ آکاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، از: خانصاحب مريد علي، رٽائرڊ وائيس پرنسپال، سنڌ مدرسو، ڪراچي.]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هل ياار ڀلا هاڻي ڪو اهڙو بادشاه يا محل سجهئي پريا مُڙس ته اسان به سر ڪٽايون يا محل ماڻيون ٻيلي۔ بهترين ڪهاڻي ۔
    اوهان جي لکڻ کي جس۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڏاڏل سائين جي اهڙو محل هن وقت هجي ته توهان کي ئي نه ٻڌايان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار عرس هاڻ انهن ڪهاڻين جي آسري لڳجان ۽ پنهنجي قسمت آزمائجان باقي رشيد مان ڪو آسرو نه رکجان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين ڪهاڻي۔۔۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    مطلب ته ڪم وري به سپاهي ئي ڪيو پر اهو فوج جو سپاهي هو الاء پوليس جو ڀلا عرس ان فوجي جو قد ڪيترو هو؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا علي علي قد وڏو ڊگهو هئس صفا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو