ڪليون پوڻ يا ڪلي سڄي پوڻ (TONSILLITIS)

'صحت سرير جي' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪَلِيُون وات ۾ اندرئين پاسي سنهڙي پڙدي ۾ ويڙهيل رهن ٿيون. انهن جو انسان جي بدن ۾ ڪو خاص ڪم ڪونهي- پر ڪن جو خيال آهي ته اهي ٻاراڻيءَ اوستا ۾ جيوڙن کي ناس ڪرڻ ۽ اهڙيءَ ريت بيماريءَ کان بچاءُ ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون- پر آهستي آهستي اهي سسي وڃن ٿيون، ۽ جيئن ماڻهو وڏو ٿئي ٿو ته ان ۾ اهڙي قدرتي طاقت پيدا ٿئي ٿي جو پوءِ اهي ڪليون بيڪار آهن.
    ڪن بيماريءَ جي حالتن ۾، ڪليون ظاهر ٿيو پون ۽ سڄيو وڃن،- ٻارن ۾ اهي وڌي پون ته ڏاڍي تڪليف جو سبب بڻجيو پون.
    ڪليون پوڻ جي بيماري ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي:
    هڪ “Acute” يعني ”هڪدم سڄندڙ“، ۽ ٻيو “Chronic”، يعني ”آهستي آهستي سڄندڙ“.
    “Acute” (هڪدم سڄندڙ)- هي مرض ٿڌ لڳڻ يا پاڻيءَ ۾ گهڻي ڀِڄڻ ڪري ٿيو پوي، يا وري خناق سان گڏ سڄيو پوي. هڪ خاص قسم جي تپ(Scarletfever) جي ڪري به هيءَ بيماري ٿيو پوي.
    نشانيون:
    1- سيءَ سان تپ
    2- نڙيءَ ۾ سُر سُر ۽ خشڪي.
    3- بدن ۾ تپ 102 ڊگرين کان 105 ڊگرين تائين.
    4- نبض جو منٽ ۾ 108 کان 120 تائين تڪڙا تڪڙا ڌڪ هڻڻ.
    5- قبضي، گهٽ بک، گهڻي اڃ ۽ گهٽ پيشاب جو اچڻ.
    6- وات پٽڻ ۾ سور ٿيڻ، ۽ ان ڪري کاڌي چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ ۾ تڪليف ٿيڻ.
    7- وات مان گهاٽي رنگ جي پڪ نڪرڻ.
    8- ڳالهائڻ ۾ آواز منجهيل ٿي پوڻ.
    9- ٻوڙاڻ
    10- بي آرامي ۽ ننڊ نه اچڻ.
    هن مرض جي حالت ۾ مريض جو وات کولي، خاص روشنيءَ ۾، ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪليون سُڄِي ڳاڙهي رنگ جون ٿي پييون هونديون، مٿاڇرو بي ڊولو ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ منجهن اندر روڳ ۽ پونءِ ڀريل هوندي.
    وڌيڪ سوڄ جي ڪري ٻنهي پاسن جون ڪليون مليو وڃن- ميلاپ جي جاءِ تي رهڙ اچڻ سان ڦٽ ٿيو پوي. اهڙيءَ طرح نڙي بند ٿيو پوي، ۽ کاڌي چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ ۾ به ڏاڍي تڪليف ٿيڻ لڳي.
    ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ سوڄ گهٽجڻ لڳي ٿي. جي مناسب پرگهور ڪجي ته هفتي اندر بلڪل تندرست ٿي وڃجي.
    ڪلين پوڻ مان ٻيا خطرا:
    1. روڳ ۽ پونءِ جو بدن ۾ پکڙجڻ.
    2. گلي جو سڄي پوڻ.
    3. ڪليءَ جو مرجهائجي سڪي وڃڻ.
    4. رت وهڻ.
    علاج:
    1. بيمار کي آرام ڏيڻ.
    2. تپ جو علاج ڪرڻ.
    3. قبضيءَ کي دور ڪرڻ.
    4. هلڪو کاڌو کائڻ، جيڪو جهٽ هضم ٿي وڃي.
    5. سور کي گهٽائيندڙ دوائون ڏيڻ
    6. خاص دوائن سان گرڙيون ڪرائڻ.
    “Chronic” (آهستي آهستي ٿيندڙ): هن حالت ۾ ڪليون اڳ ۾ ٻه ٽي ڀيرا سڄيل رهيون هونديون، بيمار کي ٻه ٽي سال اڳ ۾ ڪلين جي سُڄڻ جا واقعا ٿيا هوندا.
    نشانيون:
    1. ڪليون ايتريقدر وڌي وڃن ٿيون جو گلي جو سوراخ بند ٿيو وڃي.
    2. آواز ڳورو ٿيو پوي.
    3. ٻڌڻ ۾ گهٽ اچي.
    4. ساهه اندر کڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ ۾ تڪليف ٿئي.
    علاج:
    ڪليون آپريشن ذريعي ڪڍرائڻ ضروري آهن. ائين ڪرڻ سان هميشه لاءِ آزار کان ڇٽي پئبو.
    ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ڪليون پوڻ سان يڪدم علاج ڪرڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ گهڻي تڪليف ڏسڻي پوندي.
    ٽي يا چار ڀيرا ڪليون پون ته يڪدم آپريشن ڪرائي ڪڍرائي ڇڏجن. ان ۾ ڪو الڪو ڪونهي.
    ڪنعيالال ٽي. ڪرپالاڻي
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ، وقتائتو ۽ معلوماتي ليک آهي۔

    مهرباني عرس سائين
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    معلوماتي ليک آهي ادا۔۔ اسان جي فورم تي اوهان جهڙي ميڊيڪل جي ماهر ماڻهوءَ جي ضرورت آهي۔۔
    :rolleyes:
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين ۽ وقتائتي ونڊ ، هويئن به اڄ ڪلھ اها بيماري عام جام لڳي پئي آهي موسم جي تبديلي ڪري ٻيو ٿدي پاڻي پيئڻ ڪري ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو