تدبيرِ اولياءِ شيوهِ پيغبري جي سُنت آهي اسان هڪ ننڍڙي مثال وٺون ٿا ۔ سچ جي معنى اها ئي آهي نه ته بيان بمطابق اصل۔ جا شي اوهان جيئن ڏٺي جي ان کي ائين ئي بيان ڪيو وڃي ته ان کي ئي سچ چوندا آهيون ۔ هاڻي ڏسجو سچ جو مطلب ئي بدلجي ويندو۔ نبي ڪريم وٽ منافقين اچن ٿا ۽ پاڻ صلعم کي رسول چون ٿا ليڪن قرآن ڪريم انهن ئي ماڻهن جي مطلق جن جو بيان ته بمطابق اصل آهي پر انهن کي ڪوڙو ٿو چوي جيئن مثال طور هڪ آيت ئي کڻون ٿا۔ اذاجائڪُم النافقون تا آخر۔۔۔۔۔۔۔۔۔ترجمو (اي رسول هي منافق جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته چون ٿا ته اسان گواهي ٿا ڏيون ته تون خدا جو رسول آهين ۽ الله به اهو ڄاڻي ٿو ته تون الله جو رسول آهين پر هي منافق ڪوڙا آهن۔) منافقون آيت نمبر 1 هاڻي اڳتي هلو حضرت ابراهيم عليهم السلام جليلقدر رسول عبديت وصايت و نبوت و رسالت و خُلت و امامت و اوللعزم پيغبر جي ڊگري تي فائز آهن انهن جا ڪيترائي بيان اهڙا آهن جن جو تعلق بمطابق اصل ناهي ۔ مثال تارن کي رب چوڻ ، چنڊ کي رب چوڻ ، سج کي رب چوڻ وري انهن سڀني جو انڪار ڪرڻ ،بت ڀڃي ڪهاڙو وڏي بُت تي رکي بُتن ڀڃڻ جو انڪار۔ هاڻي قرآن ۾ آهي ته اي رسول ابراهيم جو زڪر هن ڪتاب ۾ ڪر بيشڪ اهو صديق نبي آهي۔ هاڻي منافقين جو اهو بيان جيڪو بمطابق اصل جي آهي پر خدا انهن کي ڪوڙو ٿو چوي ۽ جنهن جو بيان بمطابق اصل ناهي ان کي صديق ٿو چوي ماجرا ڇا آهي ته سڄڻو سالڪن و عارفن جواهو چوڻ آهي ته جيڪو ڪم ڪنهنجي ڀلائي لاءِ يا انسان جي سمجهاڻي لاءِ ڪيو وڃي ان کي تدبير يا مڪر چيو ويندو آهي (اسان جي معاشري ۾ لفظ مڪر سُٺين معائن ۾ استعمال ناهي ٿيندو پر عربي ۾ ان ڱي پوشيده تدبير چيوويندو آهي ۔ ) ته جنهنجو بيان بمطابق اصل هجي پر نيت بد هجي ته اهو ڪوڙ ئي چئبو پر جيڪو بيان بيشڪ بمطابق اصل نه هجي پر نيت اصلاحِ معاشره و اصلاحِ نفس هجي ان کي سچ چئبو آهي۔ هي اولياءِ الله اهي علماءِ آهن جيڪي وارثِ انبياءِ عليهم السلام آهن اهي هن معاشري ۾ دين جي ترويج و انسانن جي فلاح و بهبود جي ڪمن تي معمور هوندا آهن انهن کي جيئن ڏسجي انهن کي ائين ئي سمجهڻ هي محض اسان جي ناداني و ڪم علمي جي ڪارڻ آهي ۔ نبيِءِ ڪريم ص جي حديثِ اطهر آهي ته اسان گروه انبياءِ کي حُڪم ڏنو ويو آهي ته اسان ماڻهن سان انهن جي عقلنجي مطابق گفتگو ڪريون۔ ته وارثِ انبياءِ تي به اهو قانون لاڳو ٿيندو آهي ته ماڻهن جي عقلن جي مطابق ئي انهن سان ڪلام ڪن شايد ان ئي مقام جو احوال شاه صاحب پنهنجي شعر ۾ بيان ڪيو آهي حقيقت هن جي جي ظهر ڪجي زري لڳي ماٺ مِرُن کي ڏونگر پون ڏري وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀري ڪي نه ڪي ( معزرت سان ڪي دوست هن لفظ اوڀڙ کي اوڀر پڙهندا آهن پر هي لفظ اوڀڙ ئي آهي جنهن جي معنى شايد زمين مان سَلو ڦُٽڻ آهي ۔) باقي رهيو سوال ته انهن اولياء الله آخر ڪار اهڙي روپ کي پسند ڇو ڪيو آهي ته ڪو ڪيئن چوي ته ڪو ڪيئن چوي ۔ ان جو هڪ فلسفو ته هتي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا وري ڪنهن ٻي ساعت ان جي هڪ ٻي وجه سالڪن جي حوالي سان لکڻ جي ڪوشش ڪندا سين ۔ اسان جنهن معاشري ۾ يا خطي ۾ رهون ٿا ان خطي ۾ هڪ وڏي بيماري اها آهي ته ڪنهن شخصيت ۾ ڪا جهلڪ ڏٺي ناهي ان جي پيرن تي سجدو ڪيو ناهي چاهياهو جهڪڻ تعظيمي هجي يا ان کي اسان جيڪو به نالو ڏيون ان حالت کان بچڻ لاءِ انهن اوليائن اهڙو روپ ڌاريو ته جيئن ماڻهون هنن کي ديوانو ، ۽ هڪ ديواني جي ڳالھ مان عبرت به حاصل ڪن ان طريقي سان ئي انساني نفس جي اصلاح ممڪن آهي ۔ سالڪن اسان کي ائين سمجهايو آهي ۔ جي دوستن کان ٿي سگهي ته ان حوالي سان اسان جي اصلاح به ڪري سگهن ٿا ۔ وسلام