ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اهڙي سوچ اڀري ڇو؟
منهنجي پيرسني لاءِ تنهنجي
لهجي ۾ لڳي
ڄڻ ڪا
خار آهي
پاڻ کي سجهايم
نه
اهو هن جو پيار آهي
ڇا هن سمجهيو لاچار آهي
نه هُو مون کان بيزار آهي
الائي ڇو ائين لڳو
تنهنجو وجود منهنجي وجود کان ڌار آهي
تو کي مونکي ڇاتيءَ لڳايو
مون گهڻو ئي پاڻ کي سمجهايو
مان ناهيان ڪو پرايو
اهو سوچڻ منهنجو اجايو
پر تون سوچ
اهڙي سوچ اڀري ڇو؟
يا مان پنهنجي وجود مان ٿڪجي پيو آهيان
ائين ته ناهي ڪنهن سهاري
ڪارڻ
مان ڪٿي رهجي ويو آهيان
نوٽ
هي سوچ هڪ پُٽ کي پيءِ جي تيمارداري دوسرن پُٽ جي لهجي مان اڀري
والدين جي خدمت ان لاءِ نه ڪرڻ گهرجي ته ڪي هو اسان جا محسن آهن پر اهو سمجهي ڪري خدمت ڪرڻ گهرجي ته هو خدمت جي لائق آهن ۔
وسلام