• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي جيئن تيئن نڀجي ويندي۔

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڪالھ تا۔ئين تنهنجي چپن چورڻ جو
انتظار رهندو هو
اڄ تنهنجا چپ چُرن ٿا
اندر کي ڪي ڏنڀ ڏين ٿا
ڪئي اُڌما اُٿن ٿا
احساس ٽُٽن ٿا
نيڻ ٽِمن ٿا
سوچيو به نه هو
تنهنجي سوچ ۾ ايڏي تُرشي ايندي
جڏهن منهنجي جواني جي رات ٿيندي
۽
تنهنجي جواني جي جوت ٻَرندي
تون ايڏو بدلجي ويندين
منهنجي هڪ نه ٻُڌندين
ها
اهو تنهنجو ٿاٻڙجي ڪرڻ
هٿن سان اکيون مهٽي بابا بابا چوڻ
گوڏن تي هٿ رکي شُور جو چوڻ
اڄ تنهنجو ٻالڪپن توکان وسري ويو
پيار اسان جو ڪنهن موسم جيان اُڪري ويو
اسان جي جيئن تيئن نڀجي ويندي
پُٽ ڏاڏل خدا ڪري
تو کي ڪوسو واءِ نه لڳي
ڪو
ها واءُ نه لڳي تو کي ڪوسو ڪو
اسان جي جيئن تيئن نڀجي ويندي۔
 
ها واءُ نه لڳي تو کي ڪوسو ڪو
اسان جي جيئن تيئن نڀجي ويندي۔
امڙ ۽ ابي جي پنهنجي ٻچن لاء سدائين اها مٿين سٽن واري دعا هوندي آهي ۔۔۔۔۔ اوهان جي احساسن پويان ڇا آهي مان ان تي پيو سوچيان، ضرور ڪا ڪهاڻي لڪيل آهي هنن سٽن ۾​
 
ها سائين هي هاسپيٽل م بيمار رهڻ دوران اولاد جو رويو هڪ والد سان ڏٺو هيم ان وقت اهي الفاظ قلم تي اُڪري آيا هيا۔
وسلام
 
Back
Top