• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀني محترم ميمبرس کي ادب سان عرض۔

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
سڀني محترم ميمبرس کي ادب سان عرض۔ مهرباني ڪري پنهنجي ڪمينٽس ۾ ليک جي مرڪزي موضوع تي ويچار ونڍ ڪيو ،تاڪي ليکڪ جيڪو ليک ۾ پيغام ڏيڻ پيوء چاهي ،ان اوهان ۽ اسانجي توجه حاصل ڪئي يا نه، معذرت سان هت گهڻي ڀاڳين ان مرڪزي موضوعه تي ته راء گهٽ ٿئي اچي پر بحث ؤ مباحث ٻين ڳالهين تي ،جنهن سان ان ليک جو پري پري تائين ڪو واسطو نه آهي۔ شروع ٿئي ٿو وڃي۔ هت اسان سڀ تشنه لب آهيون ۽ علم ۽ معلومات جي ذخيري مان ان کي سيراب ڪرڻ ٿاچاهيون۔ هن اڳڻ تي مختلف درين کولڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته هر ٽاپڪ تي معلومات ۽ بحث ؤ مباحثو ان جي مخصوص دري ۾ ڪيو وڃي۔ جيڪڏهن اسان ۽ اوهان انهي ڳاله ڏي توجه نه ڏينداسن ته ليک جو بسيڪ ۽ مرڪزي موضوعه پنهنجي اهميت ختم ڪري ويهيندو،جيڪا ان ليک ۽ ان ۾ ٻڌايل پيغام سان زيادتي جي مترادف آهي۔

بلڪل بحث ۽ مباحثو ٿيڻ گهرجي پران ليک جي مرڪزي موضوعه کي ذهن ۾ رکندي۔ اسان جو هن تي اڳڻ تي رڳو ديس نه پر پرديس ۾ به گهري نظر وڌي ٿئي وڃي ۽ اسان جا ڪجه مهربان ٻاهرين ملڪن ۾ موضوعه سان ڪنهن به قسم جي تعلق نه هجڻ وارا اسان جا ڪمينٽس پڙهن ٿا ته هڪ عجيب تاثر،جيڪو هن اڳڻ جي ترقي لاء سٺو نه آهي، هنن جي ذهنن ۾ پيدا ٿوٿئي ۔جن جو هو ڪڏهن ڪڏهن تذڪرو ڪندي شرمائين نه ٿا۔
واڪا ڪرڻ مون وس،وڌيڪ الله پاڪ اوهان کي به عقل سليم سان نوازيو آهي،۽ اوهان سڀني جي ڏاهپ تي اسان کي رتي ڀر به شڪ نه آهي۔ توهان اسان کان لک درجا بهتر آهيو۔هن ناچيز جي ڪا مٿين دل جي احساست مان تڪليف پهتي هجي ته معافي جا طلبگار آهيون
 
سائين سڀ کان پهرين ته اوهان پاران هن اهم مسئلي تي هي ليک ڏيئي هن جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ مهرباني۔
اها صورتِحال اڪثر انهي وقت پئدا ٿيندي آهي جڏنهن ليک لکندڙ ته پنهنجي حساب سان هڪ موضوع تي لکي ٿو۔ پر اهو ڪنهن حوالي سان (مثال طور، سياسي، ثقافتي، قومي، مذهبي وغيره) حساس آهي ته پوءِ اسان (جيڪي اڇان وڌيڪ حساس آهيون) انهي کي پنهنجي پنهنجي نظريئي مطابق هڪ مخصوص رُخ ۾ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔
انهي جو هڪڙو ئي حل آهي ته موضوع جو جواب ڏيني مهل جيترو ٿي سگهي غير جانبدار رهجي۔ ڪا به راءِ ڏيڻ مهل اهو به ذهن ۾ رکجي ته هي موضوع ۽ ان جو جواب مخالف سياسي، مختلف ثقافت رکندڙ، بي قوم جو، ڪنهن ٻي مذهب جو وغيره وغيره به ٿي سگهي ٿو۔ اسان پاران جارحانه انداز جا ڪمينٽس کڻي چار ساڳي خيال جي ماڻهن کي ته وڻن جن کي موضوع سان مطابقت نه رکندڙ جواب به وڻي ٿا وڃن۔ پر اهو به ياد رکجي ته ڪو اهڙو به هوندو جنهن جي متان دل آزاري ٿئي۔ يا موضوع سان مطابقت نه رکندڙ جواب تي فورم جي ئي غلا ٿئي۔
 
غلام مصطفي ميمڻ صاحب توهان بلڪل درست چئي رهياآهيو. ڪمينٽس ڏيڻ وقت ذاتيات جو خيال رکيو وڃي. پر اسان جا ڪجه دوست جذبات ۾ اچي ان ڳاله جوبلڪل خيال نه ٿارکن. ڪمينٽس ليکڪ جي لکڻي مطلق هجڻ کپن. صحيح ماڻهو جي پرک ان جي ڏنل ڪمينٽس مان پوندي آهي ته اهو داناءُ آهي يا بيوقوف.
 
محترم سائين غلام مصطفى جو سلام

گهڻو اڳ اهڙي قسم جي بحثن ۾ غلط تصور ۽ اجائي ڇڪ ڇڪان سبب اسان جا گهڻا سرگرم دوست پاسيرا ٿي ويا، مان پاڻ به اهڙي قسم جي موضوعن تي بحث ڪرڻ کان لنوائيندو آهيان۔ ڇو ته شايد مان ئي سڀني کان گهڻو ڀوڳيو آهي۔

اوهان جي مٿين ڳالهه سان 100 سيڪڙو سهمت آهيان ته موضوع جي روح ۽ متن تي ئي بحث ڪجي ته بهتر رهندو۔ هڪ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ڪو ميمبر ڪنهن اهڙي بحث ۾ شرڪت ڪرڻ نه ٿو چاهي ته ان کي اجايو ان طرف نه ڌڪڻ گهرجي ته هو پنهنجي راء ڏئي، ڇو ته جيڪڏهن مڪمل ڄاڻ نه هوندي ته ماڻهو صحيح سمت ۾ بحث به نه ٿو ڪري سگهي۔
 
هن فورم تي جنهن شئي جو نالو ئي موضوع آهي ان تي ئي جيڪڏهن مقصد کان هٽي ڳالهه ڪجي ته پوءِ ڪهڙو فائدو۔۔ ؟
ان ڪري منهنجي به تمام ميمبرن کي اها ئي صلاح آهي ته هر موضوع ۾ مختصر پر جامع ۽ مقصد جي ڳالهه ڪن ته تمام ڀلو ٿيندو۔۔
 
اسلام عليڪم: سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب ماشاء الله اوهان نهايت اهم ڳالھ ڏانهن ذهن ڇڪرايو آهي ، جنهن کي ڪافي عرصي کان محسوس ڪريان پيو ۽ ڪجه مضمونن ۾ اشاري طور اها ڳالھ ڪري به ويو هئس ، الحمدلله اسان جي هن پياري فورم جا سڀئي ميمبر ميچور آهن ، اميد آهي ته هن ڳالھ ڏانهن توجه ۽ اصلاحي و تحمل جو مظاهرو ڪندا
 
محترم سائين غلام مصطفى جو سلام

اوهان جي مٿين ڳالهه سان 100 سيڪڙو سهمت آهيان ته موضوع جي روح ۽ متن تي ئي بحث ڪجي ته بهتر رهندو۔ هڪ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ڪو ميمبر ڪنهن اهڙي بحث ۾ شرڪت ڪرڻ نه ٿو چاهي ته ان کي اجايو ان طرف نه ڌڪڻ گهرجي ته هو پنهنجي راء ڏئي، ڇو ته جيڪڏهن مڪمل ڄاڻ نه هوندي ته ماڻهو صحيح سمت ۾ بحث به نه ٿو ڪري سگهي۔

ادا اهي سور هتي نه ئي لکو۔ ڪافي اختصار کان ڪم ورتو اٿؤ پر اڃان به ڪوشش ڪيو ته ڀرم رهي۔ ايئن نه تهي ڪٿي هي موضوع ئي انهي وبا جو شڪار ٿي وڃي۔ :)
 
Back
Top