جوڙ يا ٽوڙ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2012۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    دنيا تيزيءَ سان يڪجھتيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي.آمريڪا 50 رياستن۽ ڪجھ علائقن تي مشتمل هڪ وڏو ملڪ آهي.يورپ وارن يورپي يونين ٺاهي آهي،جنهن کي هن سال امن جو نوبل انعام پڻ ڏنو ويو آهي.يورپي يونين ۾ 27 ملڪ آهن.ايتري قدر جو هنن يورو زون ٺاهيو آهي،هي في ا لحال 17 ملڪن تي ٻڌل هڪ اتحاد آهي جن جو ته سڪو به هڪ آهي.ملڪن جي ان اتحاد ۾ وقت سان گڏ اضافي جو امڪان آهي.هاڻي هو مستقبل ۾ يوروزون جي هڪڙي ئي بجيٽ آڻڻ تي غور ڪري رهيا آهن.
    ان جي ابتڙ پاڻ وري تيزيءَ سان ٽوڙ طرف وڌي رهيا آهيون.هندستان ٽٽو،به ملڪ ٺهيا هندستان ۽ پاڪستان.وري پاڪستان ٽٽو ته وري ٻه ملڪ ٺهيا پاڪستان ۽ بنگلاديش.هندستان ۾ به ڪيتريون ئي عليحدگي پسند تحريڪون هلي رهيون آهن ۽ هتي وري بلوچستان جي عليحدگي جون خبرون پيون هلنديون رهنديون آهن.ضلعن کي به ٽوڙيوسين،پوءِ ته گذريل سال ٻوڏ دوران اها ڇڪ ڇڪان ضلعن ۾ به هلندي رهي ته پنهجي ضلعي جو پاڻي اسان جي ضلعي ڏانهن نه موڪليو.هاڻي وري صوبن کي ورهائڻ جي ڳاله به پئي هلي.ان کانسواءِ فرقن،قومن،۽ ذاتن ۾ ته اڳي ئي ورهايل آهيون.قومون ۽ ذاتيون ته صرف سڃاڻپ لاءِ آهن نه ڪي هڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ لاءِ.
    جيڪڏهن پنهجو علائقي يا نظامي طورٽٽڻ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ ترقيافته ملڪ چنڊ يا مريخ کي آبادي جي لائق بنائيندا ته پاڻ کي ڪاري پاڻي جي سزا طور اتي ڇڏي ايندا ۽ اتي وري هڪ نئين تهذيب جي شروعات ڪري ان تي فخر ڪرڻ شروع ڪنداسين.تيستائين هي وري دنيا کي هڪ يونٽ بنائي تمام گھڻي ترقي ڪري چڪا هوندا.
    اسان جي پٺتي رهجي وڃڻ جا ڪارڻ ٻه آهن.هڪ ته ٻاهرئين مداخلت،اسان کي پنهجي هر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ثالثي ڪرڻ لاءِ ٻي ڪنهنجي ضرورت پوي ٿي،پوءِ اهي پهرئين سندن مفادن کي سامهون رکي پوءِ اسان جي مسئلن کي پيا وڌائيندا آهن،ٻيو ته اسان جي وري وڌيڪ ٽٽڻ جو سلسلو ئي ختم نه ٿو ٿئي.هاڻي وري شهري ۽ ٻهراڙي آبادي کي وري مختلف نظامن ذريعي سنڌ کي ٻن مختلف نظامن ۾ ورهايو ويو آهي.ان جي مثبت هجڻ جا ڪيترا ئي دليل ڏنا وڃن پر حقيقت اها آهي ته اهو هڪ ٽوڙ جو عمل آهي نه ڪي جوڙ جو عمل.جيڪڏهن ان ۾ تمام گھڻو فائدو آهي ته ضروري آهي ته ان کي زبردستي لاڳو ڪرڻ جي بدران سڄي سنڌ ۾ ان لاءِ اتفاق جي راه هموار ڪري،ٽوڙ جي بدران جوڙ جي شڪل ڏيئي پوءِ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن اهو مفيد ٿئي نه ڪي يڪجهتي لاءِ هاڃيڪار.جيستائين اهڙي فضا تيار ڪري سگھجي ته بهتر رهندو ته ان نظام جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته بهتر رهندو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اسان اڳي سبق پڙهيو هو ته ٻه ته ٻارنهن ۔ هتي ته ان جو ڪو عملي مظاهرو ڪونهي پر ٻاهريون قوتون ان تي عمل ڪندي نظر اچي رهيون آهن ۔
    اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا ان معاشري جي حقيقي تصوير اها آهي ته گهرن کان وٺي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ڀڃ ڊاھ جو عمل تيزي سان وڌي رهيو آهي ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ مذهبي بنيادن تي هو، يعني ٻه قومي نظريو ۔۔۔۔ جيڪو منهنجي نظر ۾ صحيح ڪونه هيو۔ پاڪستان ٺهڻ کانپوء سڀ وعده وساري صوبن کي خودمختياري ڏيڻ وارن سڀني وعدن جي وعده خلافي ٿي ۽ اهائي اسان جي الڳ ٿيڻ جو سبب بڻي۔ هتي نه ته بنگلاديش جي اڪثريت کي قبول ڪيو ويو ۽ نه ئي ٻين قومن جيئن سنڌي، بلوچ کي پنهنجا حق مليا، پر ان جي برعڪس پاڪستان ۾ ٻٽو نظام رائج ٿيو، ٻه طبقا وجود ۾ آيا ۽ انهن ئي ملڪ جي اڪثر اثاثن تي قبضو ڪيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي۔ هڪ غريب طبقو ۽ ٻيو امير،

    نه صرف اهو پر قومن جي اثاثن کي قومي ملڪيت ڄاڻائي انهن جي حقن جي حق تلفي ڪئي وئي جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جي قدرتي ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪيو ويو۔ پاڻي وڪرو ڪري سنڌو جي پاڻيء تي قبضو ڪيو ويو، بلوچستان جي عام ماڻهن کي سهولتن کان پري رکيو ويو، تعليم جو ٻٽو معيار رکيو ويو۔۔۔۔۔ ڇا ڇا لکجي، لکڻ لاء ڪتاب لکجي ويندو ۔۔۔۔ اهي ئي سبب آهن جو هرڪو الڳ ٿيڻ چاهي ٿو۔

    جڏهن ته باقي دنيا ۾ ايئن ناهي، اتي ٻٽا معيار ناهن، اتي قانون سڀني لاء هڪجهڙو آهي، اتي صوبن کي آزادي آهي، رياستن کي قانونسازي جي آزادي آهي، اتي تعليم سڀني لاء هڪجهڙي آهي، اتي سهولتون سڀني لاء يڪسان آهن، اتي قانون تي عمل ٿئي ٿو۔۔۔ اهو سڀ هتي ڪيو ، پوء ڏسو ته سڀ خوش ٿين ٿا يا نه ؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جي سائين اوهان بلڪل سچ پيا چئو هتي هر ٻئي جي حق تي ڌوڙو هنيو ويٺو آ
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادي جميل ۽ ادي سليمان جو ڳالهيون بلڪل صحيح آهين پر سوال اهو آهي ته هتي ٻه طبقا ڇو ٿيا سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي يا معدنيات تي قبضو ڇو ڪيو ويو اهو به اسان ڪڏنهن سوچيو آهي اسان کي پهنجن ۽ صوبن جي قدرتي توڙي ٻين وسائلن مان فايدو ڇو نه وٺڻ ڏنو ويو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟مهنجي خيال ۾ ته ان جو سبب اسان پاڻ آهيون اسان پهنجو پاڻ کي ان قابل ئي نه بڻآئي سگهيا سين اسان پهنجو پاڻ کي تعليم کان دور رکيو سياست کي مزآق سمجهيو حڪومتن سان سياست کان ڪم ڻ بجاء آڪڙ ڏيکاري اڃ سڀ ان جو نتيجو آهي اوهان سنڌ ۽ پنجاب جي يا پنجاب ۽ بلوچستان جي تعليم جو فيصد چيڪ ڪيو اوهان کي خبر پئجي ويندي ۔ اسان وٽ ميٽرڪ پاس به جي جج ٿيڻ چاهيندو ته ان کي ڪير ڪرسي سي ويهاريندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ جيڪو تعليم پرائيندو محنت ڪندو اهو ئي سڀ ڪجه ٿيندو جي جج انهن جا وڪيل انهن جا فوجي انهن جا سڀ اعلي عهدن تي اهي ته پوء اسان پوئتي نه ٿيندا سي ۽ اسان کي ٽين درجي وارو شهري نه سمجهندا ته ٻيو ڇا ڪندا ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    يورپ ۾ ائين نه آهي اتي تعليم جا حق سڀني جا برابر جا آهين اتي هر ڪو تعليم حاصل ڪري اهو ضروري آهي اتي حڪومتي طور تي ڪوششون آهين تعليم جو سهولتون آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها اسان کي اهي ڳالهيون هن وقت نه اهوي ڳالهيون پاڪستان ٺهڻ مهل ئي سوچڻ گهرجن ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير پهنجو سياست سا ن ڇا پاڻ ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عاشق آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ :D:D
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين مضمون جوڙيون اٿو ، حقيقتن تان ڄڻ پردو کنيو ويو آهي ،
     
  7. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    هي مضمون اڄوڪي ڪاوش ۾ ڇپيو آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو