دنيا تيزيءَ سان يڪجھتيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي.آمريڪا 50 رياستن۽ ڪجھ علائقن تي مشتمل هڪ وڏو ملڪ آهي.يورپ وارن يورپي يونين ٺاهي آهي،جنهن کي هن سال امن جو نوبل انعام پڻ ڏنو ويو آهي.يورپي يونين ۾ 27 ملڪ آهن.ايتري قدر جو هنن يورو زون ٺاهيو آهي،هي في ا لحال 17 ملڪن تي ٻڌل هڪ اتحاد آهي جن جو ته سڪو به هڪ آهي.ملڪن جي ان اتحاد ۾ وقت سان گڏ اضافي جو امڪان آهي.هاڻي هو مستقبل ۾ يوروزون جي هڪڙي ئي بجيٽ آڻڻ تي غور ڪري رهيا آهن.
ان جي ابتڙ پاڻ وري تيزيءَ سان ٽوڙ طرف وڌي رهيا آهيون.هندستان ٽٽو،به ملڪ ٺهيا هندستان ۽ پاڪستان.وري پاڪستان ٽٽو ته وري ٻه ملڪ ٺهيا پاڪستان ۽ بنگلاديش.هندستان ۾ به ڪيتريون ئي عليحدگي پسند تحريڪون هلي رهيون آهن ۽ هتي وري بلوچستان جي عليحدگي جون خبرون پيون هلنديون رهنديون آهن.ضلعن کي به ٽوڙيوسين،پوءِ ته گذريل سال ٻوڏ دوران اها ڇڪ ڇڪان ضلعن ۾ به هلندي رهي ته پنهجي ضلعي جو پاڻي اسان جي ضلعي ڏانهن نه موڪليو.هاڻي وري صوبن کي ورهائڻ جي ڳاله به پئي هلي.ان کانسواءِ فرقن،قومن،۽ ذاتن ۾ ته اڳي ئي ورهايل آهيون.قومون ۽ ذاتيون ته صرف سڃاڻپ لاءِ آهن نه ڪي هڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ لاءِ.
جيڪڏهن پنهجو علائقي يا نظامي طورٽٽڻ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ ترقيافته ملڪ چنڊ يا مريخ کي آبادي جي لائق بنائيندا ته پاڻ کي ڪاري پاڻي جي سزا طور اتي ڇڏي ايندا ۽ اتي وري هڪ نئين تهذيب جي شروعات ڪري ان تي فخر ڪرڻ شروع ڪنداسين.تيستائين هي وري دنيا کي هڪ يونٽ بنائي تمام گھڻي ترقي ڪري چڪا هوندا.
اسان جي پٺتي رهجي وڃڻ جا ڪارڻ ٻه آهن.هڪ ته ٻاهرئين مداخلت،اسان کي پنهجي هر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ثالثي ڪرڻ لاءِ ٻي ڪنهنجي ضرورت پوي ٿي،پوءِ اهي پهرئين سندن مفادن کي سامهون رکي پوءِ اسان جي مسئلن کي پيا وڌائيندا آهن،ٻيو ته اسان جي وري وڌيڪ ٽٽڻ جو سلسلو ئي ختم نه ٿو ٿئي.هاڻي وري شهري ۽ ٻهراڙي آبادي کي وري مختلف نظامن ذريعي سنڌ کي ٻن مختلف نظامن ۾ ورهايو ويو آهي.ان جي مثبت هجڻ جا ڪيترا ئي دليل ڏنا وڃن پر حقيقت اها آهي ته اهو هڪ ٽوڙ جو عمل آهي نه ڪي جوڙ جو عمل.جيڪڏهن ان ۾ تمام گھڻو فائدو آهي ته ضروري آهي ته ان کي زبردستي لاڳو ڪرڻ جي بدران سڄي سنڌ ۾ ان لاءِ اتفاق جي راه هموار ڪري،ٽوڙ جي بدران جوڙ جي شڪل ڏيئي پوءِ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن اهو مفيد ٿئي نه ڪي يڪجهتي لاءِ هاڃيڪار.جيستائين اهڙي فضا تيار ڪري سگھجي ته بهتر رهندو ته ان نظام جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته بهتر رهندو.