ڪارونجھر جي ڪورَ تي پياسي مور جي رڙ

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    [​IMG]
    ڪارونجھر جي ڪورَ تي پياسي مور جي رڙ
    (ناياب کوکر جي ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ جو مهاڳ)
    احسان دانش

    مناسب قد واري اها سنهڙي ڇوڪري جيڪا ڪلاس ۾ مون کان هميشه اهڙا سوال ڪندي هئي جن جي جواب ۾ وري هڪ نئون ليڪچر شروع ٿي ويندو هيو. اها ئي ڇوڪري ڪيترو تخليقي ذهن رکندڙ ڏاتيار آهي، ان جو پتو مون کي تڏهن پيو جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب موڪلي ڏنو. نرگس جي تخليقي صلاحيت جا ترورا ته مون ان ڏينهن محسوس ڪيا هيا، جيڪو ٽرينگ جو آخري ڏينهن هيو. استادن ۾ ٽيچنگ اسڪلس پيدا ڪرڻ لاءِ اهو ٽرينگ پروگرام 2011ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو هيو. اهي سخت گرميءَ جا ڏينهن هيا ۽ مان گرميءَ کان بيزار، پر پوءِ هڪ دوست جي حجت تي ماسٽر ٽرينر طور ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻو پيو. ٽرينگ جي آخري ڏينهنِ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ٽرينگ بابت رفليڪشن وٺڻو هيو، جنهن ۾ نرگس به رفليڪشن ڏنو هيو. هن پهريان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هوءَ 1988 ۾ پيدا ٿي.... ان ڏينهن هوءَ مون کي پنهنجي تخليقي عمر جيتري لڳي هئي.
    اهو آخري ڏينهن جنهن ڏينهن ٽرينيز جي نمائندگي ڪندي نرگس پنهنجي تقرير ۾ لطيف، غالب، فيض ۽ فراز کي ڪوٽ ڪيو هو، مون کي ان ڏينهن اندازو ٿيو هيو ته اها ڇوڪري سٺو لکي سگھي ٿي. اصل ۾ مون کي اهو اندازو ان کان اڳ ئي ٿي وڃي ها، جيڪڏهن مان کانئس عبرت مئگزين جو اهو پرچو وٺان ها، جيڪو هن ڪلاس ۾ مون کي ڏيڻ چاهيو هو. هن جو اهو جملو شايد مون ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو هيو ته ”سَر هن ۾ منهنجي ڪهاڻي آهي، پليز اها پڙهجو“ ۽ مون کيس چيو هو ”ضرور، پر ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ ڏجو.“ مون کان ته اهو پرچو وٺڻ وسري ويو پر هن به ٻيهر نه آڇيو. مون کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ايڏي حساس آهي جو ان انڪار جي اقرار کي به شرمندگيءَ جي پردي ۾ ويڙهي ڇڏيندي. آٽوگراف وٺڻ وقت هن مون کي پنهنجو ادبي نالو ناياب کوکر ٻڌايو هيو.
    اڄ انهي ناياب کوکر پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب موڪلي چيو آهي ته ان جو مهاڳ مون کي لکڻو آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ هاڻي سوچيان ٿو ميرپور ڀٽو ۾ رهندڙ ان ڪهاڻيڪاره جي باري ۾ ڇا لکان، جنهن کي پنهنجي ڪٽنب ته سوچڻ ۽ لکڻ جي آزادي ڏني آهي، پر سندس ڳوٺ ڀائي هن جي ادبي تعارف کان بي خبر آهن، جنهن جي اندر ۾ سماجي ناانصافين بابت تڙپ آهي ۽ اکين ۾ ڪيئي خواب..... ڪڏهن ڪڏهن خواب ئي ماڻهوءَ کي جيئڻ جو حوصلو ڏيندا آهن ۽ نٻل ۽ ڪمزور ماڻهو به جيون جي جنگ ۾ پاڻ تان خوف جي کَل لاهي ميدان تي ڪُڏي پوندو آهي. ناياب جي هن ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ ۾ موجود ڪهاڻين جا ڪردار به اوهان کي ڪجھ اهڙا ئي نظر ايندا.... ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي چرپر ۽ گفتگو سندن منصب جو تعين ڪندي آهي. ڪجھ ڪردارن ۾ ڪهاڻيڪار پاڻ کي لڪائيندي عيان ٿي پوندو/پوندي آهي. ناياب جون ڪهاڻيون پڙهندي به ڪجھ اهڙو ئي احساس ٿئي ٿو.
    هڪ بهترين ڪهاڻي لکڻ لاءِ هونءَ ته ڪيئي ماڻ ماپا موجود آهن. ان جو موضوعي جهان هڪ پاسي آهي ته فني لوازمات ٻئي پاسي، پر مون پنهنجي مطالعي ۽ تخليقي تجربي جي آڌار تي اهو سکيو آهي ته ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪنهن پل، واقعي، احساس ۽ ڪيفيت جي ڪٿا آهي، جنهن جي بيان جو انداز اهڙو هجڻ کپي جو ڪردار، منظر ۽ ٻولي ۾ ڪٿي به اوپرائپ جو احساس نه ٿئي ۽ ڪهاڻي وهندڙ درياهه وانگر محسوس ٿئي. درياهه، جنهن ۾ ڪٿي شور هوندو آهي ته ڪٿي ماٺار. ڪهاڻي جو انت ڊرامائي نه هجي پر زندگيءَ جي سچائين جو اولڙو محسوس ٿيڻ کپي. ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيل لفظن کي موتين ۽ هيرن واري اهميت هوندي آهي، جن کي اجايو پٽ تي هارڻ ڪهاڻي کي ڪنگال بڻائي ڇڏڻ برابر آهي. لفظن جو اهڙو غلط ۽ بي مهل استعمال ڪهاڻي جي حسن کي هيڪاري ڇيهو رسائي ٿو. سقراط ته چيو هو ”لفظن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي.“ تنهنڪري ڪهاڻيڪار کي لفظن جي فضول خرچي کان پاسو ڪرڻ کپي. لفظن جي صحيح استعمال جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار جمال ابڙو آهي، جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ’لفظ‘ کان جملي جو ڪم ورتو آهي.
    هن وقت سڄي دنيا ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي سُڪڙجندي وڏي ٿي رهي آهي يعني طويل ۽ طويل مختصر ڪهاڻي کانmicro fiction تائين ڪهاڻي سفر ڪندي پنهنجي قد بت ۾ ڪمي آڻيندي موضوعن ۽ اندازِ بيان ۾ ڪشادگي آندي آهي. جديد ڪهاڻي، اندر ۾ پوندڙ ان چونڊيءَ وانگر آهي، جنهن جو اثر دير تائين رهي ٿو. دنيا ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي جا جديد فارم ايترا ته گھڻا آهن جو هاڻي ڪهاڻي برنيءَ ۾ بند ٿيل بلورن وانگر لڳي ٿي ۽ هر بلور ۾ پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي ڪائنات آهي. اڄوڪي ڪهاڻيءَ جو موضوعاتي جهان به ڏاڍو ڪشادو آهي. ڪالهه تائين جنهن ڪهاڻيءَ جو رشتو رڳو ڌرتيءَ ۽ سماج سان هيو اڄ ڪهاڻي جا نوان آڪاس ان کي خلائن ۾ به وٺي ويا آهن. جديد ڪهاڻي سمبولڪ ۽ ايلگريءَ کان اڳتي سريلزم، ڊاڊا ازم ۽ اسٽريم آف ڪانشسنيس جون حدون اورانگھيندي پوسٽ پوسٽ ماڊرن ازم جي لاڙي ڏانهن لڙي چڪي آهي. هاڻي ڪهاڻي نون ويسن ۽ ونن ۾ نظر اچي ٿي، پر پوءِ به ان جو مرڪزي نڪتو ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي ڪيفيتن جي عڪاسي ئي آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي به انهيءَ ڌارا ۾ سفر ڪري رهي آهي، پر اهو به سچ آهي ته سنڌي ڪهاڻي جو ڪئنواس اڃا جديد ڪهاڻيءَ جي ڪيترن ئي رنگن ۾ رڱجي نه سگھيو آهي. ان جي باوجود جمال ابڙو، نسيم کرل، امر جليل، نور الهدى شاهه، موهن ڪلپنا، لعل پشپ ۽ اهڙن ئي ڪجھ ٻين ڪهاڻيڪارن ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ جيڪو تخليقي پورهيو ڪيو آهي، ان کي سڀ ڪو قدر جي نگاهه سان ڏسي پيو. انهيءَ قافلي جي ٻين مسافرن به سنڌي ڪهاڻي ۾ موضوعاتي ۽ هيئتي تجربن وسيلي پنهنجي پنهنجي حصي جي لاٽ ٻاري آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي انهي لاٽ تي ٻاٽ جو گمان ڪرڻ وارن جي به ڪڏهن ڪمي نه رهي آهي پر سنڌ جا ڪهاڻيڪار ان لاٽ کي اڄ به شعلو بڻائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ناياب کوکر انهي قافلي جي نون مسافرن ۾ شامل آهي، جيڪا پنهنجي تخليق ۽ فن بابت ڪا به دعوى نه ٿي ڪري بلڪه ”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن“ وانگر وٽس جيڪو تخليقي هنر آهي سو آڇڻ چاهي ٿي.
    دنيا ۾ هزارين ڪهاڻيڪار آهن جن لکين ڪهاڻيون لکيون آهن. هر سماج جا ڪجھ انفرادي معاملا ۽ مسئلا ۽ ثقافتي لاڙا مختلف ضرور ٿين ٿا، پر انساني سماجن جا ڪي قدر سڄي جهان ۾ ساڳيا آهن. جهڙوڪه اهي سڄي دنيا جي گڏيل ميراث آهن. ڏک، خوشي، محبت وغيره اهڙا ئي قدر آهن، جن تي انيڪ ڪهاڻيون سرجيون ويون آهن. پر انهن مان هر ڪهاڻي کي انفراديت ڏئي ٿو اسلوب. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لکڻ جو انداز ۽ ڍنگ ئي ليکڪ کي پنهنجي جدا سڃاڻپ ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڏهه مختلف ڪهاڻيڪارن کي هڪ ئي موضوع ۽ پلاٽ تي لکڻ لاءِ چيو وڃي ته هر هڪ جو انداز پنهنجو پنهنجو هوندو. اهو اسٽائيل ئي ڪهاڻيڪار جي شناخت بڻبو آهي. ڪافڪا، گارشيامارڪيز، ٽالسٽاءِ، گورڪي، هيمنگوي وغيره اهڙن ڪهاڻيڪارن منجھان آهن، جن پنهنجي ڌار اسلوب سبب دنيا جي افسانوي ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. ائين ئي اردو ۾ منٽو، ڪرشن چندر، احمد عباس، عصمت چغتائي ۽ سنڌي ۾ جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، لعل پشپ وغيره جو ڏانءُ نرالو آهي. اصل ۾ اهو نرالو ڏانءُ ئي ڪنهن فنڪار جي فن جو تعين ڪندو آهي. ناياب کوکر پنهنجي لکڻ جو جدا انداز ۽ اسلوب رکي ٿي، پر هُن ڪهاڻي ڪاڪ ڏانهن اڃا ابتدائي قدم سوريا آهن تنهنڪري سندس ڪهاڻين کي فن جي اعلى معيارن تي پرکڻ جي هيءَ ويل نه آهي. هوءَ ڪهاڻيون لکي ٿي، پنهنجي اندر جي اڌمن جي اظهار ۽ اڻ تڻ کي دور ڪرڻ لاءِ. هوءَ خود ئي ڪهاڻيءَ جي فني معاملن تي گرفت جي دعوى نه ٿي ڪري. هن پاڻ ئي لکيو آهي ته ”منهنجو فن الف ب پڙهڻ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي.“ تنهنڪري هن وقت سندس ڪهاڻين کي جديد ڪهاڻي جي ٽيڪنيڪي ضرورتن تي پرکڻ جو موقعو نه آهي. هن جي ڪهاڻين کي سندس هن جملي کي سامهون رکندي پڙهڻ کپي ته ”منهنجون هي ڪهاڻيون اهڙي ڪهاڻيڪاره طور پڙهيون وڃن جيڪا اونداهيءَ ۾ لکڻ تي مجبور آهي.“ جيتوڻيڪ لکڻ ڪو جبر ناهي پر هڪ ليکڪ/ليکڪا لاءِ لکڻ ان وقت مجبوري بڻجي ٿو جڏهن هو پنهنجي روح جي بيچينيءَ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ اظهار جا دڳ ووڙڻ چاهي ٿو/ٿي. جڏهن ڪا ليکڪا اونداهيءَ ۾ به لکڻ لاءِ تيار هجي ته ان اونداهيءَ کي رڳو ٻاٽ سان تعبير نه ڪرڻ کپي، پر ان تاريڪي کي هن سماج جي سموري گُھٽ ۽ ٻوسٽ، ظلم ۽ زيادتي، ڏاڍ ۽ انياءُ جي علامت سمجھڻ کپي. ناياب کوکر جون هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون اهڙين ئي سماجي نا انصافين ۽ عجب ڪيفيتن مان ڳوهيل آهن.
    مان هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين جو فن کان وڌيڪ موضوعاتي اڀياس چاهيان ٿو ۽ موضوعاتي حوالي سان هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر ڪهاڻيون سماجي سور ۽ ناسور، معاشي تنگ دستيءَ مان جنم وٺندڙ معاملن، غليظ روايتن جي ڄار ۾ ڦاٿل معصوم ڪردارن، هٿ ٺوڪين اصولن تي قربان ٿيندڙن جي قصن، جنس ۽ نسل جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ طبقاتي نظام جي چڪيءَ ۾ پيڙجندڙ ماڻهن جي دردن تي مشتمل آهن. ناياب جي ڪهاڻين ۾ پڙهيل لکيل ڇوڪرين جي مسئلن ۽ قبول صورت نينگرين جي محرومين کي به ڏاڍو ويجھڙائي کان محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ دک گڏ گڏ سفر ڪن ٿا. ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ ۾ شامل ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪاره جا داخلي احساس به شامل آهن ته خارجي حالتن جا عڪس ۽ اولڙا پڻ چٽا نظر اچن ٿا. ناياب جي ڪهاڻين جو مرڪزي نڪتو ’عورت جي ڪرب‘ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻين جي ڪيترن ئي ڪردارن جي لهجي ۾ تلخي نظر اچي ٿي. اصل ۾ اهو تلخي جو زهر پنهنجن ۽ پيارن جي روين مان ئي جنم وٺي ٿو. جڏهن آشا جي بدن تي نراشا جا پاڇا وڌي ويندا آهن ته رشتن تان به ويساهه کڄي ويندو آهي. ”سڙيل سپنن جون ساڀيائون“ به ڪجھ اهڙي ئي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سهارن تان اعتبار کڄڻ جو احساس اندر ۾ چڀندي محسوس ٿئي ٿو. حقيقت ۾ هن ڪهاڻي جو سڄو درد سورٺ جي هن هڪڙي ننڍڙي ڊائلاگ ۾ سمايل آهي ته ”بابا مون کي ته ڪجھ نه ٿيندو نه؟!“
    ناياب کوکر نه رڳو شهري ماحول جون ڪهاڻيون لکيون آهن پر هن جي ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻو وايومنڊل به اوپرو نه ٿو لڳي. هن جون ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن جيڪي ڳوٺاڻي ۽ شهري ماحول جو سنگم آهن. ”آرسي“ هڪ اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪاره هڪ ڳوٺاڻي نينگريءَ جي خوابن کي پينٽ ڪيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڪردار ڳوٺاڻي ماحول کان شهري ماحول ڏانهن چر پر ڪندي نظر اچن ٿا. ناياب جي ڪهاڻي ”باغي ڪهاڻيڪاره“ هڪ اهڙي ڪٿاڪار عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا شعور جي پنڌ ۾ دک جي پاهڻن سان مقابلو ڪندي وڏي حوصلي سان زنده رهي ٿي. هوءَ پنهنجي سماج، ريتن ۽ رواجن کان ڪيئن بغاوت ڪري ٿي؟ ۽ ورثي ۾ ڪهڙي شي ڇڏي ٿي؟ انهن سوالن جا جواب ڪهاڻي ۾ موجود آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ اسان جي زوال پزير سماج جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهندي رشتن ۽ ناتن توڙي معاشرتي روين مان ڪرڀ اچي ٿي. هن ڪهاڻي جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته عورت جي جاگرتا ڏانهن وک هن سماج ۾ مها جرم آهي، ۽ ان جرم ۾ هن کي اذيت ناڪ حالتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. ”انڌا آئينا اجرا عڪس“ هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ هڪ مختلف ڪهاڻي آهي، جيڪا مستقبل بيني تي مدار رکي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مستقبل بيني تي بهترين ڪهاڻيون لکيون ويون آهن ۽ ناياب جي هيءَ ڪوشش به ساراهه جوڳي آهي. اصل ۾ هيءَ ڪهاڻي اسان جي موجوده گھٽيل ۽ ٻوساٽيل سماج کان رهائي جو هڪ خواب آهي.
    ناياب کوکر جي رومانوي ڪهاڻين ۾ ”جيون اکڙين منجھ جھڙالو“ هڪ سٺي رومانوي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪردارَ اعتبار ۽ بي اعتباري جي اُس ۽ ڇانوَ ۾ سفر ڪندي اڳتي وڌن ٿا. هن ڪهاڻي ۾ پيار جو انوکو انداز محسوس ڪري سگھجي ٿو. ڪهاڻي ڊائريءَ جي ورقن مان اُسري ٿي ۽ ڊائري لکندڙ آهي چانڊوڪي، هن ڪهاڻي جي سورمي. ڪهاڻي جو بنيادي نڪتو ’حاصلات کان پوءِ آزمائش‘ آهي. ”نينهن جو مينهن نرالو آهي“ به هڪ پيار ڪهاڻي آهي. اصل ۾ مان هن کي انتظار، اميد ۽ ميلاپ جي ڪهاڻي چوندس. ”راند رانديڪو زندگي“ موضوعاتي حوالي سان هڪ پختي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جي منظرنگاري، ڊائلاگ، بدلجندڙ حالتن جي عڪاسي، ڪيفيتن جا نشيب و فراز ۽ ڪهاڻي جو انجام ڏانهن سفر فطري نموني محسوس ٿئي ٿو. ڪهاڻي ”ٽانڊن جو سفر“ هڪ اهڙي سماجي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اسان جي بدبودار سماج جي پت وائکي ڪئي وئي آهي. هن ڪهاڻي جي نائڪا سويره، زندگيءَ جي زهر کي ڪيئن ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئي ٿي ۽ ڪيئن ناڪرده گناهن جي سزا ڀوڳڻ تي مجبور آهي ان جو اندازو ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ئي ٿئي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪاره تجسس کي آخر تائين نهايت خوبصورت نموني برقرار رکيو آهي.
    اهڙي ريت هن ڪتاب ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ ۾ موجود ٻيون ڪهاڻيون پڻ پنهنجي اڻت ۽ موضوعن جي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. ناياب کوکر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪنهن خاص ڪلاس کي ئي فوڪس نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪهاڻين ۾ اپر، مڊل ۽ لوئر ڪلاس جا مسئلا گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته سماج جيئن آهي ان جي لفظن جي صورت ۾ اهڙي ئي تصوير پيش ڪجي ۽ ائين ڪرڻ ۾ هوءَ ڪافي حد تائين ڪامياب وئي آهي.
    ناياب کوکر جون هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون پڙهندي مون کي احساس ٿيو ته هن اردو فڪشن جو ڪافي مطالعو ڪيو آهي، خاص طور اردو جي ڊائجيسٽ ۽ مئگزين ۾ ڇپجندڙ ڪهاڻين جو مٿس گھرو اثر محسوس ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻين جي ٻولي توڙي ڪردارن جي نالن جي حوالي سان مٿس اها ڇاپ گھري نظر اچي ٿي. ناياب جي ڪهاڻين جا ڪردار چانڊوڪي، آرسي، علينه، عمار، رعد، روحان، سويره، زنيشه، تنزيلا وغيره پنهنجن نالن مان سڀ جا سڀ اپر ڪلاس جا ڪردار لڳن ٿا، پر هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اهي سمورا ڪردار ڪنهن اعلى طبقي جا ڪردار نه آهن. ائين به نه آهي ته سندس ڪهاڻين جا سمورا ڪردار اهڙن ئي ماڊرن نالن وارا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪيترن ئي ڪردارن جا نالا نج سنڌي ڪلچر جي خوشبو سان ڀرپور به آهن. ناياب کوکر جون ڪهاڻيون پڙهندي ڪيترائي اهڙا ڊائلاگ به نظر اچن ٿا جيڪي روح ۾ گھر ڪري وڃن ٿا مثال:
    · وقت صرف وٺندو آ، ڏيندو ڪٿي آ. (انڌا آئينا اجرا عڪس)
    · حاصلات کان پوءِ جنون ننڊ پئجي ويندو آهي. (جيون اکڙين منجھ جھڙالو)
    · محبت ته بهارن جو فصل آهي. (جيون اکڙين منجھ جھڙالو)
    · وجود جي مچ مٿان، آتما هٿ سيڪي ٿي. (زندگيءَ جي ويڙهه ۾)
    ناياب کوکر اهو اعتراف ڪري ٿي ته هُن، هِن وقت تائين جيڪي ڪجھ لکيو آهي ان ۾ هن جو پنهنجو شوق ۽ تخليقي تڙپ شامل آهي. هُن ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي پاڻ به ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون آهن، تنهنڪري هن جون هي ڪهاڻيون بغير ڪنهن تخليقي تربيت ۽ سکيا جي لکيل آهن. سچ اهو آهي ته ناياب جي هنن ڪهاڻين کي ڀل جان ڪو نقاد فن جي تارازي ۾ توري ڪاڻيارو به ڪري وجھي پر مون کي اهي ڪهاڻيون ڪارونجھر جي ڪور ڪنهن پياسي مور جي رڙ وانگر محسوس ٿين ٿيون. ان رڙ ۾ هُن جي روح جي تڙپ ۽ هڪ دور جو درد آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احسان دانش جو سهڻو تجزيو ۔۔۔ بهترين لفظن جي چونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو