هڪ عورت هڪ ”بابا جي“ وٽ آئي۔ چوڻ لڳي۔۔ بابا! منهنجو مڙس مون کي ڏاڍي مارڪٽ ڪري ٿو، گهر ۾ داخل ٿيڻ ساڻ ٻي ڪا ڳالهه نه ٿو ڪري بس مون کي مارڪٽ ڪري ٿو“ بابا : ” مائي۔۔۔ تون هي تعويذ وٺ، جنهن مهل تنهنجو مڙس گهر ۾ داخل ٿئي، ان تعويذ کي زبان جي هيٺان ڏئي ڇڏجان ۽ ڪجهه به نه ڳالهائجان“ عورت ايئن ئي ڪيو۔۔ هفتي کان پوءِ۔۔ عورت: ”بابا! اوهان جي تعويذ ته ڪمال ڪري ڇڏيو، هاڻي منهنجو مڙس مون کي ماريندو ته ڇا پر گهٽ وڌ به نه چوندو آهي۔۔“ بابا : ”مائي ! اهو ڪمال منهنجي تعويذ جو ناهي، پر هن جي اچڻ مهل تنهنجي زبان خاموش هجي ٿي ان جو ڪمال آهي“
هههههههههههههههههههههههههههههههه واه بابا تهنجو تعويز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب ته بابو انهن جو پاڙِيسيري هو جو حال جي خبر هيس هههههههههه
ها ابا مان به اهڙن پيرن جا روز ٿو در کڙڪايان ته من ڪو اهڙو تعويز ڏين پر هاڻي علي ڏنو شاه اچي پيو سوچيان پيو ان کان به ڪو تعويز وٺان هههههههههه
ههههههههههه۔۔ ادا۔۔ عاشق وري ڪڏهن کان ڊڄڻ لڳا۔۔ جيڪو ڪم عاشقن کي ڪرڻ کپي اهو پاڻ وارو جهونو پيو ڪري۔۔ يعني عشق وشق۔۔۔۔