ادا آئون پنهنجي ذاتي هڪ ويب سائيٽ ٺاهڻ چاهيان ٿو آهي ڪو دوست گائيڊ ڪرڻ وارو؟
ڀلي ڪري آيا نجم الدين صاحب !۔۔
هتي هر دوست توهان کي وس آهر گائيڊ ڪندو،
سڀ کان پهرين ته توهان کي اهو ڄاڻائڻ گهرجي ته ويب سائٽ ڪهڙي قسم جي هوندي، يا اُن ۾ ڪهڙو مواد رکڻ چاهيو ٿا۔۔۔؟
جنهن موضوع تي توهان ويب سائيٽ ٺاهڻ ٿا چاهيو، اُن تي پهرين ڪيتريون ويب سائيٽس بڻجي چڪيون آهن،
ويب سائيٽ آهي يا صرف ويب پيج...؟ (ويب سائيٽ ۾ ملٽي پيج مواد شامل هوندو آهي ۽ ويب پيج ۾ صرف هڪ يا ٻه پيج ٿين ٿا..)
ويب سائٽ پروفيشنل آهي يا پرسنل۔۔؟
۽ توهان اُن ويب سائٽ تي ڪيترو خرچ ڪندو؟ ڇو ته هر ويب سائٽ لاءِ هڪ ڊومين نيم جيئن ڊاٽ ڪام، ڊاٽ نيٽ، ڊاٽ آرگ۔۔۔ وغيره هجڻ ضروري هوندو آهي۔۔ ۽ اهي ڊومين نيم پيسن تي ملن ٿا۔۔ ۽ اُن کان علاوه هر ويب سائيٽ لاءِ هاسٽنگ سروس به هجڻ لازمي آهي، جنهن تي توهان پنهنجي ويب سائيٽ جو فائلون رکي سگهو۔۔
گهڻي قدر ته جيڪي ويب هاسٽنگ جا پيڪيج اچن پيا اُنهن ۾ ڊومين نيم ۽ هاسٽنگ گڏ ئي ڏيندا آهن، جن جي قيمت مهيني جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سو رپيا ۽ سال جي حساب سان هزارين رپيا وڃي بيهي ٿي۔۔ ته اهو توهان تي منحصر آهي ته ڪيترو پير وڌايو ٿا۔۔
جيڪڏهن توهان مُفت ۾ اهي سروسز حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون اها سروس مُفت ۾ڏين ٿيون، پر اُهي پنهنجي ويب سائيٽ جا اشتهار توهان جي ويب پيج يا سائيٽ تي رکنديون۔ پر ڊومين نيم نه ملندو مفت ۾، سب ڊومين نيم ملندو۔۔ sindhsalamatsaathsal