آهي نه ڪانءُ اڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2012۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ضدي جي اها شرط رکي ته ڪانءُ اڇو آهي ته کٽي ايندو يا هارائي ايندو ۔ ؟
    اهو سوال هڪ محفل ۾ هڪ دوانشور ڏنو ۔ ڪيترن ئي دوستن ان تي رايا ڏنا اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جن چيو ته سائين جي ڪانء آهي ئي ڪارو ته کٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۔ گهڻي بحث کان پوءِ هڪ بُزرگ داناءُ جواب سڀني کان مختلف ڏنو ته سائين ضدي اها شرط کٽي ايندو۔ ان جي وجھ به بُزرگ ٻُڌائي هئي۔اها وجه مونکي پهريان ته سمجھ ۾ نه آئي پر پ پ پ جي ڪالهوڪي جلسي ۾ اها وجھ سمٍجھ اچي وئي ته ضدي اهااشرط کٽي ايندو ۔ واقعي پ پ پ کٽي وئي ۔
    اهو جلسو جنهن کي سرڪاري ماڻهن جي حاضري نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي ۔جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ تهسيڪيورٽي اهلڪارهيا۔ ان جلسي کان ته سکر ۾ ٿيندڙ مولانا فضل الرحمان جو جلسو ڪئي ڀيرا وڏو هو۔ ان جلسي کي خطاب ڪندي هر پ پ پ جي شرابي و ڀنگوري بادشاھ اها ڳالھ ٿي ڪئي ته هي ماڻهن جو سمنڊ آهي ۽ اهو ئي ثبوت آهي ته اسان هن قوم جا خيرخواه آهيون۔ ماڻهن کي ڳالھ ڪندي ڪجھ محسوس ٿيندو آهي پر اقتدار جي نشي ۾ هي انساني ان قدر کان به ايترا ته محروم ٿي ويا آهن جو
    صبا ڪس منه سي ڪعبه چلي هو
    شرم تم ڪو مگر آتي نهين هي
    ان جلسي کان پهريان ٿيندڙ سنڌي سپوتن جي پريس ڪلب تي عظيم الشان ٿيندڙ ميڙاڪي کي هڪ پ پ پ جي ان ليڊر جنهن جي پري جي نظر شايد خراب آهي چيو ته ٻه اڍائي هزار ماڻهون هيا ۔ ان ميڙاڪي جي هڪ طرف جو آءُ پاڻ گواه آهيان ته جنهن سائيڊ تي آءُ رهان ٿو ان علائقي مان جڏهن گاڏيون نڪرڻ لڳيون ته هڪ ڳوٺ مان 32 ته رڳو بسون نڪتيون سوزوڪيون ڪارون موٽرسائيڪلون ته عليحده هيون۔ هي ڪراچي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو۔جنهن ۾ ڪراچي شهر جا لکين سنڌي پنهنجي امڙ جي حق ۾ نڪتا هيا ۔ يقين ڪيو ته مونکي منهنجي والد صاحب ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ مان هڪ ڪامريڊ جيڪو غريب آهي گهر گهر پني بس جو ڪرايو ڪري ماڻهون وٺي ڪئي ڀيرا قومپرستن جي سڏ تي آيو آهي ۔ان ميڙاڪي ۾ ايندڙ ماڻهن کي جيلن ۾ وڃڻ جو خدشو ته پر ڪنهن به وقت اها سوچ ئي نه هئي ته ڪا نوڪري ملندي ڪنهنکان ٽڪي پيسي جي ڪا اميد ۔ اسان قومپرست آهيون ته اسان جا تاج تختِ لاهور کان ٿا اچن ۔جڏهن ته هنن جي جلسن ۾ اهي هيا جن کي جهڙي پيماني تي نوازيو ويو هو ان کان ايترن ماڻهن جي گهرج ڪئي وئي هئي جنهن کي نوڪري ڏني وئي ان کي پوسٽ جي حساب سان پنهنجي موجودگي جو ااظهار ڪرڻو هو ان ڳالھ ڇڏيو اوهين به سمجهو ٿا آءُ به سمجهان ٿو حڪومت جڏهن جلسو ڪندي آهي ته ان جلسي تي حڪومتي مشينري کان ويندي هر ممڪن شي استعمال ڪئي ويندي آهي ته ان جلسي کي ڪيئن ڪامياب ڪجي ۔ آءُ سمجهان ٿو ته اسان جي قوم جي گهڻي ڀاڱي کي قومپرستن مان خدشات آهن پر حقيقت اها به آهي ته ٻيا آڻيون ڪٿان انهن کي ئي سڌو ڪري هلائڻو آهي ۔ اها ڳالھ پڻ يقيني آهي ته جي پ پ پ جهڙي سنڌ جي مقبول ترين پارٽي سنڌ جي وجود تان ڌوپي سگهجي ٿي ته هي قوم قومپرستي جي نالي تي ڪندڙ سياست وارن ،جي قوم سان اڃان به ويساه گاهتيون ڪيون ته هي قوم اهڙن قومپرستن کي هاڻي ڌوئي ڇڏيندي۔
    هن وقت حقيقت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچوحڪوت جي کان زخمي آهي ۽ هي اک جا اهڙا پڪا آهن جو جي جوتا هنن کي هڻو ته ان کي آجياڻون سمجهندا آهن۔ اوهين يقين ڄاڻو تههي سنڌ جي نياڻين جي روايت ناهي پر جي اڄ سنڌ جون نياڻيون ههڙن بيضمير سياستدانن کي جوتا کڻي ڏيکارن ٿيون ته هي ماءُ جيڪا انقلاب جي بنياد رکندڙ هستي آهي اها پنهنجي اولاد جي تربيت تي اهو ڪم ڪري رهي آهي ته سنڌ سان ويساه گهاتي ڪندڙ ڪير آهن ۔ ڇا اوهان ڪالھ نه ڏٺو ته سنڌ جي دلير ڌيئرن پير مظهرالحق کي جوتا کڻي هنيا ۔ اهو بعيد ڪونهي جي اڄ گاڏي تي جوتا اڇليا آهن ته سڀاڻي اهي نياڻيو پنهنجي نسل کان انهن جي قبرن توڙي انهن جي باقيات کي جوتا نه هڻائين ۔ قائم علي شاھ ٿو چوي ته اسان وٽ سنڌ ڪارڊ آهي ؟ هنن کي اهو چوندي شرم نه ٿو اچي ڇا هي قوم هڪ ڪارڊ (تاش) جو پتو آهي جنهن سان سنڌي هئڻ جي ناتي کيڏيو وڃي ۔ نه نه اهو دور گذري چڪو۔ يقين ڄاڻو جنهن قوم ۾ درد جي لهر به اٿندي آهي اها قوم صفهءِ هستي تان ڪڏهن ميٽجي ناهي سگهندي ۔ اڄ سنڌ جو ٻار ٻار هن الميئي تي روئي ٿو ۔ ٺيڪ آهي اوهان ايڏا وڏا مدبر قسم جا پڙهيل لکيل ماڻهون آهيو ليڪن ايترو ته ڪيو جو سڄي سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو نظام ته هلايو۔ اسانجي بقا هڪڙي نظام ۾ متحده جي ڀلائي ٻئي نظام ۾، هو ماني کائيندا آهن ۽ اسان گاه يا اسان ماني کائيندا آهيون ۽ هُوگاه۔
    ان جلسي کان پهريان هي ڊڄڻا ته پوري سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي ياد تازه ڪندا رهيا قومپرستن جي گهرن تي ڇاپا هڻندا رهيا جيل ٿاڻا ڀريندا رهيا پوءِ هاءِ پروفائيل سيڪيورٽي ۾ بلٽ پروف شيشن پٺيان بيهي رڙيون ڪندا رهيا ته اسان بمن کان نه ٿا ڊڄون ۔اسان ڪڏهنگوليون بمن کان ناهيون ڊڳا اسان رت جي دريا ڏٺا آهن ۔ اڙي اوهان ته غداري جو اهو باب لکيو آهي جيڪو ڪنهن پهريان ڪنهن ناهي لکيو اوهان رت جي دريا جو سودو ڪيو آهي اوهان محترمه شهيد راڻي بينظير جي قاتلن سان ان جي رت جو سودو ڪيو آهي ڪالھ تا۔ين جن کي قوم اڳيان قاتل پيش ڪيو ڪُرسي خاطر اڄ انهن سان اتحاد ڪيو آهي۔ توهان قوم جي دشمنن کي قوم مٿان حڪومت بڻائي ڏني آهي ۔ ڪالھ جيڪي شهيدن جا قاتل ها سي اڄ اوهان جا يار آهنبس
    يار ڍٽائي جي به ڪا حد ٿيندي آهي ۔ پوءِ اوهان ئي ٻڌايو۔۔۔۔۔۔
    آهي نه ڪانءُ اڇو؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌي قوم به ويچاري هاڻي ڇا ڪري، جنهن ۾ آسرو رکي ٿي، اهي ئي کيس پٺيءَ ۾ خنجر ٿا هڻن، الله واهي آهي اسان جي سنڌي سٻاجهڙي قوم جو۔۔۔
    دانشور ته واقعي صحيح چيو، جيڪڏهن ڪانءُ کي ڪارو ڪونه مڃبو ته شرط ڪيئن هارائي سگهبي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا هاڻي ڪجھ ٿي رهندو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ڏاڏل ۔۔۔۔۔ پ پ پ وارا ته بيوفا آهن، هنن ۾ ته ڪا وفا ناهي پر اسان ته سڀني کي ڏٺو آهي۔ سڄو ڏينهن پ پ پ کي گاريون ڏيندڙ جڏهن هنن سان گڏ ويهي ڪرپشن ڪن ٿا، هنن سان گڏ ويهي قبضا ڪن ٿا، پ پ پ جي وزيرن کي ڪروڙين روپيا ڀتو پهچائي پاڻ به ڪروڙ پتي بڻجن ٿا انهن تي ڪو ڇو لکڻ لاء تيار ناهي ؟؟؟ ان جا ڪيئي مثال ته اوهان جي چوڌاري آهن جتي اوهان رات دير تائين ويهو ٿا۔

    افسوس جو ڪوبه سنڌ جي مفاد ۾ ناهي، هي سڀ ويڪائو مال آهن، هرڪو پنهنجي اگهه وڪامجي ٿو، سڀني کي خبر آهي، پر افسوس جو اسان شارٽ سائيٽيڊ ميمري رکون ٿا ۽ ماضي کي ٻن ڏينهن ۾ ئي ڀلائي ڇڏيون ٿا۔اڄ سنڌ سان وفاداري جو قسم کنندڙ ڪالهه ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪرڻ ۾ انهن سان گڏ هئا، ڪالهه حيدرآباد کي ٽڪرا ڪندڙن ۾ اهي سڀ گڏ هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪالهه ڪجهه دوستن سچل ڳوٺ ۾ موجود سگا جي اسڪول روشن تارا تي عجيب غريب نعرا لکيا جڏهن ته سامهون ان ئي ڌر جو پنهنجو اسڪول به هيو ان تي ڪجهه نه لکيو ويو۔ ڇا روشن تارا اسڪول پ پ پ هلائي ٿي؟ ڇا اتي سنڌ جا ٻار نه ٿا پڙهن؟

    ڪجهه ڏينهن اڳ قومپرست ڌر جا ڪجهه ماڻهو ڪهاڙيون ۽ بندوقون کڻي سچل پبلڪ اسڪول ۽ روشن تارا اسڪول ۾ گهڙي زوري اسڪول بند ڪرايو ۽ نياڻين سان بدتميزي ڪئي۔۔۔۔۔۔ ڇا اهي اسان جا سڄڻ آهن؟؟؟؟ ڇا توهان کي خبر ناهي ته قومپرست قيادت جي ماڻهن ڪهڙو علمي، سماجي ۽ سياسي ڪم ڪيو آهي؟ اوهان پنهنجي ڀرپاسي ۾ ڏسجو ۽ ان تي ضرور سوچجو۔۔۔۔۔ خدارا سمجهو، سوچيو ۽ سڀني لاء لکو ۽ سچ لکو۔۔۔۔۔۔۔ ٻي صورت ۾ اسان تباهه ۽ برباد ٿي وينداسين۔ مونکي پ پ پ مان ته اڳ ئي اميد ڪانه هئي پر هاڻوڪي ڪيل قومپرستن جي فيصلن ۽ پ پ پ قيادت جي فيصلن ۾ مونکي تصادم نظر اچي رهيو آهي۔ ياد رکو اهو تصادم اسان سنڌين جي تباهي جو سبب بڻجو ۽ ٽين قوت اسان کي ويڙهائي پاڻ مزا پئي وٺندي جيئن هوء مزا وٺندي رهي آهي۔ تنقيد، سياسي ويڙهه ۽ ڪردار ڪشي ۽ گار گند ۾ فرق جيڪو سمجهندو پوء اهڙا ئي جلسا ٿيندا جيڪي اوهان ڪالهه ڏٺا۔ اها پ پ پ جي دانشمندي ناهي هنن کي هن معاملي کي ماڻهن جي آواز کي سمجهڻ گهرجي ها پر شياد ڪردارڪشي سبب هن اهو سڀ ڪيو، جيڪو نه ٿيڻ گهربو هو۔ فيصلا ذهن سان ڪبا آهن، جذبات سان نه ۔۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا سليمان مان اوهان سان متفق آهيان پر هن دفعو اوهان جي واتان اها ڳالهه بڌي به خوشي ٿي ته اوهان چيو ته پي پي مان پهريان ئي اميد ڪانه هئي۔۔۔۔ مطلب ته هاڻي اوهان به اها ڳالهه سمجهڻ لڳا آهيو ته انقلاب شخصتن جي سوچن سان ايندو آهي انهن جي اقدام سان ايندو آهي پارٽي جي نالي سان نه ۔ مطلب ته ضروري نه آهي ته پي پي جي نالي تي اچڻ وارو شخص سنڌ جي مفاد لاء ڪم ڪندو يا سنڌ سان سچو هوندو ۔ محترمه کان بعد مون کي پي پي ۾ ڪو به اهڙو شخص نظر نه آيو جو پاڪستاني عوام لاء يا سنڌ لاء ڪجه ڪري سگهندو هجي ۔۔۔۔ پ پ کي سنڌ ان ڪري چاهيندي آهي جو هو سنڌين جي هڪ اميد آهي پر افسوس جو ۔۔۔۔۔۔۔۔ان اميد سنڌين کي نا اميد ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادي ڏاڏل جو مقصد مهنجي خيال ۾ اهو آهي ته اقتدار تي ويٺل ماڻهون ئي سنڌ لاء ڪجه ڪري سگهن ٿا سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کان بچائي سگهن پيا سنڌ کي مضبوط ڪري سگهن پيا پر انهن ڇا ڪيو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ انهن پاڻ ئي ۔۔۔۔۔۔۔سنڌ کي ٽڪرا ڪيو وري پهنجي ڪم کي صحيح ڏيکارڻ لاء ڪڌا ڪم ڪري رهيا آهين جلسا الڳ ته ميڊيا الڳ ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير ڪرپشن مان ڪو به بچيل نه آهي چاهي اهو پي پي وارو هجي يا مخالف ڌر ليڪن هن وقت ته پي پي تي ئي آڳريون اٿنديون ڇو ته اقتدار ان جي هٿ آهي سڀ ڪجه اها ئي ڪري سگهي ٿي ۔۔۔باقي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان دعوا سان چوان ٿو ته ايندڙ اليڪشن ڪو ٻيو نه پر اهي ئي روايتي سياستدان کٽندا جيڪي سنڌ جو سودو ڪندا رهيا آهن، هو ڇو کٽندا ان جا سبب به سڀ ڄاڻن ٿا۔ ايندڙ اليڪشن ۾ به صرف چهرا تبديل ٿيندا پر ڪردار ساڳيو رهندو ۔۔۔۔۔ اهو مان شرطيه چوان ٿو۔ ها باقي ڪردار ڪشي ڪندڙ ڪنهن ڀل ۾ آهن ته ان سان ڪو ماڻهن جون دليون کٽي سگهندا ۔۔۔۔۔ اهو بلڪل ايئن آهي جيئن گدڙ ڊاک نه پڄي ٿُو کٽا۔۔۔۔۔

    ماڻهن جون دليون کٽڻ لاء ضروري آهي ته عملي طور پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي ايڏو بلند ڪيو جو ماڻهو اکيون بند ڪري اوهان تي اعتماد ڪن، هتي ته عجيب معاملا آهن ۔۔۔۔ماڻهن کي هيسائي ڌمڪائي پنهنجي ڳالهه زوري مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان ۾ سڀ ڌريون هڪ جهڙيون آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اسان سائين بلڪل ان ڳالھ سان متفق آهيون اسان ان جو ذڪر به ڪيو آهي ته اڃ تائين قومپرستن اسان کي ڪجھ به ناهي ڏنو ان ۾ به ڪو شق ناهي ۔ پر ان سان اها ڳالھ به ڪئي آهي ته جي هاڻي به انهن جو رويو ساڳيو رهندو ته قوم انهن تان به گذري ويندي ۔ رهي سياست ته ان تي ڪير ايندو جيئن اوهان دعويدار آهيو ته اڳيان به اهڙا ئي چهرا ايندا ۔ آءُ ان سا مخالفت ان صورت ۾ ته نه ڪندس چهرا سو فيصد تبديل ٿيندا ليڪن ايترو به چوندس ته رزلٽ سو فيصد ساڳيو به نه رهندي۔ جي هڪ فيصد تبديلي آئي تڏهن به ان کي تبديلي ضرور چئبو ۽ اها اسان پنهنجي پسگردائي ۾ ڏسي رهيا آهيو ۔
    جتي آءُ رهان ٿو يا اوهين رهو ٿا ان جي پسسگردائي ۾ ڇا وهي ٿو واپري ان کان نه اوهان بي خبر آهيو نه ئي آءُ بي خبر آهيان۔ اسان ان حوالي سان شايد بکا ننگا آهيون ۔
    ڏک اهو ناهي ته سنڌ کي ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان ورهايو ويو غيرن کان ته ڪڏهن جي اميد هئي ۽ اهي ان طاق ۾ هيا پر غيرن اهو ڪم اسان جي پنهنجي هٿان ڪرايو آهي اڄ جي ايِڊمنسٽريٽو طور تي سنڌ جي ورهاند ٿي آهي ته سڀاڻي يقينن اها سنڌ جاگرافي طور تي به ورها۔جي ويندي۔
    باقي هٿ ادب جا ٻڌي عرض اهو ٿا ڪريون ته اسان جي پنهنجي اندر جا اُڌما هيا جن اوٻر کاڌو لکڻ جي غلطي ڪري ويٺا آهيون جي ڪنهنجي دل آزاري ٿي آهي انتظاميه هن مضمون کي ختم ڪري سگهي ٿي اسان کي ڪو به شڪوه نه هوندو۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏاڏل سائين سلام

    مان بلڪل به ناراض ناهيان يا اوهان جي ڳالهين کي غلط ٿو چوان، پر مون ڪجهه خدشن جي ڳالهه ڪئي آهي۔

    لکڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جي آزادي ۾ مونکي خوشي ٿيندي آهي پر اوستائين جڏهن تنقيد ۽ ڪردار ڪشي يا گار ۾ فرق موجود رکجي۔ اوهان سميت مان به هن نظام جو مخالف آهيان ۽ مان سمجهان ٿو هي فيصلو پ پ پ جو سياسي موت ثابت ٿيندو پر ان لاء ضروري آهي ته اهڙا قدم کڻجن جنهن سان ماڻهن جون دليون کٽي هڪ اهڙي تبديلي آڻجي جيڪا عملي ثابت ٿئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    سائين وساڻ صاحب ڳالھ اها آهي ته اسان نه ڪنهن قومپرست کي سڃاڻُون ٿا نه ڪنهن پ پ پ جي ننڍيري وڏيري کي سڃاڻون ٿا اسان هر ان ماڻهون سان سامهون ٿي بيهندا سين جيڪو هن ڌرتي جي ڪنهن ورڇ چاهي اها ورڇ ايڊمنسٽريٽو هجي يا جاگرافي هجي جو حامي آهي ۔ هر اهو شخص اسان جو دشمن آهي جنهن اسان جي جيجل کي پنهنجي مجبوري يا خوشي جو نالو ڏئي اهنج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔ يقينن جنهن به ڪنهن اسان جي اسڪولن تي حملاڪيا اهي قوميت جي حوالي سان ڪير به هجن يا اسان جي نياڻين سان بدتميزي ڪئي آهي اسان انهن کي نه فقط بُرو چئون ٿا بلڪه هر فورم تي اسان اوهان سان انشاءِ الله گڏ هوندا سين اسان جي ڪي به وسائل آهن هن ڌرتي جي مٿان قربان۔
    وسلام
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو