ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
سائين ضدي جي اها شرط رکي ته ڪانءُ اڇو آهي ته کٽي ايندو يا هارائي ايندو ۔ ؟
اهو سوال هڪ محفل ۾ هڪ دوانشور ڏنو ۔ ڪيترن ئي دوستن ان تي رايا ڏنا اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جن چيو ته سائين جي ڪانء آهي ئي ڪارو ته کٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۔ گهڻي بحث کان پوءِ هڪ بُزرگ داناءُ جواب سڀني کان مختلف ڏنو ته سائين ضدي اها شرط کٽي ايندو۔ ان جي وجھ به بُزرگ ٻُڌائي هئي۔اها وجه مونکي پهريان ته سمجھ ۾ نه آئي پر پ پ پ جي ڪالهوڪي جلسي ۾ اها وجھ سمٍجھ اچي وئي ته ضدي اهااشرط کٽي ايندو ۔ واقعي پ پ پ کٽي وئي ۔
اهو جلسو جنهن کي سرڪاري ماڻهن جي حاضري نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي ۔جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ تهسيڪيورٽي اهلڪارهيا۔ ان جلسي کان ته سکر ۾ ٿيندڙ مولانا فضل الرحمان جو جلسو ڪئي ڀيرا وڏو هو۔ ان جلسي کي خطاب ڪندي هر پ پ پ جي شرابي و ڀنگوري بادشاھ اها ڳالھ ٿي ڪئي ته هي ماڻهن جو سمنڊ آهي ۽ اهو ئي ثبوت آهي ته اسان هن قوم جا خيرخواه آهيون۔ ماڻهن کي ڳالھ ڪندي ڪجھ محسوس ٿيندو آهي پر اقتدار جي نشي ۾ هي انساني ان قدر کان به ايترا ته محروم ٿي ويا آهن جو
هن وقت حقيقت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچوحڪوت جي کان زخمي آهي ۽ هي اک جا اهڙا پڪا آهن جو جي جوتا هنن کي هڻو ته ان کي آجياڻون سمجهندا آهن۔ اوهين يقين ڄاڻو تههي سنڌ جي نياڻين جي روايت ناهي پر جي اڄ سنڌ جون نياڻيون ههڙن بيضمير سياستدانن کي جوتا کڻي ڏيکارن ٿيون ته هي ماءُ جيڪا انقلاب جي بنياد رکندڙ هستي آهي اها پنهنجي اولاد جي تربيت تي اهو ڪم ڪري رهي آهي ته سنڌ سان ويساه گهاتي ڪندڙ ڪير آهن ۔ ڇا اوهان ڪالھ نه ڏٺو ته سنڌ جي دلير ڌيئرن پير مظهرالحق کي جوتا کڻي هنيا ۔ اهو بعيد ڪونهي جي اڄ گاڏي تي جوتا اڇليا آهن ته سڀاڻي اهي نياڻيو پنهنجي نسل کان انهن جي قبرن توڙي انهن جي باقيات کي جوتا نه هڻائين ۔ قائم علي شاھ ٿو چوي ته اسان وٽ سنڌ ڪارڊ آهي ؟ هنن کي اهو چوندي شرم نه ٿو اچي ڇا هي قوم هڪ ڪارڊ (تاش) جو پتو آهي جنهن سان سنڌي هئڻ جي ناتي کيڏيو وڃي ۔ نه نه اهو دور گذري چڪو۔ يقين ڄاڻو جنهن قوم ۾ درد جي لهر به اٿندي آهي اها قوم صفهءِ هستي تان ڪڏهن ميٽجي ناهي سگهندي ۔ اڄ سنڌ جو ٻار ٻار هن الميئي تي روئي ٿو ۔ ٺيڪ آهي اوهان ايڏا وڏا مدبر قسم جا پڙهيل لکيل ماڻهون آهيو ليڪن ايترو ته ڪيو جو سڄي سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو نظام ته هلايو۔ اسانجي بقا هڪڙي نظام ۾ متحده جي ڀلائي ٻئي نظام ۾، هو ماني کائيندا آهن ۽ اسان گاه يا اسان ماني کائيندا آهيون ۽ هُوگاه۔
ان جلسي کان پهريان هي ڊڄڻا ته پوري سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي ياد تازه ڪندا رهيا قومپرستن جي گهرن تي ڇاپا هڻندا رهيا جيل ٿاڻا ڀريندا رهيا پوءِ هاءِ پروفائيل سيڪيورٽي ۾ بلٽ پروف شيشن پٺيان بيهي رڙيون ڪندا رهيا ته اسان بمن کان نه ٿا ڊڄون ۔اسان ڪڏهنگوليون بمن کان ناهيون ڊڳا اسان رت جي دريا ڏٺا آهن ۔ اڙي اوهان ته غداري جو اهو باب لکيو آهي جيڪو ڪنهن پهريان ڪنهن ناهي لکيو اوهان رت جي دريا جو سودو ڪيو آهي اوهان محترمه شهيد راڻي بينظير جي قاتلن سان ان جي رت جو سودو ڪيو آهي ڪالھ تا۔ين جن کي قوم اڳيان قاتل پيش ڪيو ڪُرسي خاطر اڄ انهن سان اتحاد ڪيو آهي۔ توهان قوم جي دشمنن کي قوم مٿان حڪومت بڻائي ڏني آهي ۔ ڪالھ جيڪي شهيدن جا قاتل ها سي اڄ اوهان جا يار آهنبس
يار ڍٽائي جي به ڪا حد ٿيندي آهي ۔ پوءِ اوهان ئي ٻڌايو۔۔۔۔۔۔
اهو سوال هڪ محفل ۾ هڪ دوانشور ڏنو ۔ ڪيترن ئي دوستن ان تي رايا ڏنا اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جن چيو ته سائين جي ڪانء آهي ئي ڪارو ته کٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۔ گهڻي بحث کان پوءِ هڪ بُزرگ داناءُ جواب سڀني کان مختلف ڏنو ته سائين ضدي اها شرط کٽي ايندو۔ ان جي وجھ به بُزرگ ٻُڌائي هئي۔اها وجه مونکي پهريان ته سمجھ ۾ نه آئي پر پ پ پ جي ڪالهوڪي جلسي ۾ اها وجھ سمٍجھ اچي وئي ته ضدي اهااشرط کٽي ايندو ۔ واقعي پ پ پ کٽي وئي ۔
اهو جلسو جنهن کي سرڪاري ماڻهن جي حاضري نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي ۔جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ تهسيڪيورٽي اهلڪارهيا۔ ان جلسي کان ته سکر ۾ ٿيندڙ مولانا فضل الرحمان جو جلسو ڪئي ڀيرا وڏو هو۔ ان جلسي کي خطاب ڪندي هر پ پ پ جي شرابي و ڀنگوري بادشاھ اها ڳالھ ٿي ڪئي ته هي ماڻهن جو سمنڊ آهي ۽ اهو ئي ثبوت آهي ته اسان هن قوم جا خيرخواه آهيون۔ ماڻهن کي ڳالھ ڪندي ڪجھ محسوس ٿيندو آهي پر اقتدار جي نشي ۾ هي انساني ان قدر کان به ايترا ته محروم ٿي ويا آهن جو
صبا ڪس منه سي ڪعبه چلي هو
شرم تم ڪو مگر آتي نهين هي
ان جلسي کان پهريان ٿيندڙ سنڌي سپوتن جي پريس ڪلب تي عظيم الشان ٿيندڙ ميڙاڪي کي هڪ پ پ پ جي ان ليڊر جنهن جي پري جي نظر شايد خراب آهي چيو ته ٻه اڍائي هزار ماڻهون هيا ۔ ان ميڙاڪي جي هڪ طرف جو آءُ پاڻ گواه آهيان ته جنهن سائيڊ تي آءُ رهان ٿو ان علائقي مان جڏهن گاڏيون نڪرڻ لڳيون ته هڪ ڳوٺ مان 32 ته رڳو بسون نڪتيون سوزوڪيون ڪارون موٽرسائيڪلون ته عليحده هيون۔ هي ڪراچي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو۔جنهن ۾ ڪراچي شهر جا لکين سنڌي پنهنجي امڙ جي حق ۾ نڪتا هيا ۔ يقين ڪيو ته مونکي منهنجي والد صاحب ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ مان هڪ ڪامريڊ جيڪو غريب آهي گهر گهر پني بس جو ڪرايو ڪري ماڻهون وٺي ڪئي ڀيرا قومپرستن جي سڏ تي آيو آهي ۔ان ميڙاڪي ۾ ايندڙ ماڻهن کي جيلن ۾ وڃڻ جو خدشو ته پر ڪنهن به وقت اها سوچ ئي نه هئي ته ڪا نوڪري ملندي ڪنهنکان ٽڪي پيسي جي ڪا اميد ۔ اسان قومپرست آهيون ته اسان جا تاج تختِ لاهور کان ٿا اچن ۔جڏهن ته هنن جي جلسن ۾ اهي هيا جن کي جهڙي پيماني تي نوازيو ويو هو ان کان ايترن ماڻهن جي گهرج ڪئي وئي هئي جنهن کي نوڪري ڏني وئي ان کي پوسٽ جي حساب سان پنهنجي موجودگي جو ااظهار ڪرڻو هو ان ڳالھ ڇڏيو اوهين به سمجهو ٿا آءُ به سمجهان ٿو حڪومت جڏهن جلسو ڪندي آهي ته ان جلسي تي حڪومتي مشينري کان ويندي هر ممڪن شي استعمال ڪئي ويندي آهي ته ان جلسي کي ڪيئن ڪامياب ڪجي ۔ آءُ سمجهان ٿو ته اسان جي قوم جي گهڻي ڀاڱي کي قومپرستن مان خدشات آهن پر حقيقت اها به آهي ته ٻيا آڻيون ڪٿان انهن کي ئي سڌو ڪري هلائڻو آهي ۔ اها ڳالھ پڻ يقيني آهي ته جي پ پ پ جهڙي سنڌ جي مقبول ترين پارٽي سنڌ جي وجود تان ڌوپي سگهجي ٿي ته هي قوم قومپرستي جي نالي تي ڪندڙ سياست وارن ،جي قوم سان اڃان به ويساه گاهتيون ڪيون ته هي قوم اهڙن قومپرستن کي هاڻي ڌوئي ڇڏيندي۔هن وقت حقيقت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچوحڪوت جي کان زخمي آهي ۽ هي اک جا اهڙا پڪا آهن جو جي جوتا هنن کي هڻو ته ان کي آجياڻون سمجهندا آهن۔ اوهين يقين ڄاڻو تههي سنڌ جي نياڻين جي روايت ناهي پر جي اڄ سنڌ جون نياڻيون ههڙن بيضمير سياستدانن کي جوتا کڻي ڏيکارن ٿيون ته هي ماءُ جيڪا انقلاب جي بنياد رکندڙ هستي آهي اها پنهنجي اولاد جي تربيت تي اهو ڪم ڪري رهي آهي ته سنڌ سان ويساه گهاتي ڪندڙ ڪير آهن ۔ ڇا اوهان ڪالھ نه ڏٺو ته سنڌ جي دلير ڌيئرن پير مظهرالحق کي جوتا کڻي هنيا ۔ اهو بعيد ڪونهي جي اڄ گاڏي تي جوتا اڇليا آهن ته سڀاڻي اهي نياڻيو پنهنجي نسل کان انهن جي قبرن توڙي انهن جي باقيات کي جوتا نه هڻائين ۔ قائم علي شاھ ٿو چوي ته اسان وٽ سنڌ ڪارڊ آهي ؟ هنن کي اهو چوندي شرم نه ٿو اچي ڇا هي قوم هڪ ڪارڊ (تاش) جو پتو آهي جنهن سان سنڌي هئڻ جي ناتي کيڏيو وڃي ۔ نه نه اهو دور گذري چڪو۔ يقين ڄاڻو جنهن قوم ۾ درد جي لهر به اٿندي آهي اها قوم صفهءِ هستي تان ڪڏهن ميٽجي ناهي سگهندي ۔ اڄ سنڌ جو ٻار ٻار هن الميئي تي روئي ٿو ۔ ٺيڪ آهي اوهان ايڏا وڏا مدبر قسم جا پڙهيل لکيل ماڻهون آهيو ليڪن ايترو ته ڪيو جو سڄي سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو نظام ته هلايو۔ اسانجي بقا هڪڙي نظام ۾ متحده جي ڀلائي ٻئي نظام ۾، هو ماني کائيندا آهن ۽ اسان گاه يا اسان ماني کائيندا آهيون ۽ هُوگاه۔
ان جلسي کان پهريان هي ڊڄڻا ته پوري سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي ياد تازه ڪندا رهيا قومپرستن جي گهرن تي ڇاپا هڻندا رهيا جيل ٿاڻا ڀريندا رهيا پوءِ هاءِ پروفائيل سيڪيورٽي ۾ بلٽ پروف شيشن پٺيان بيهي رڙيون ڪندا رهيا ته اسان بمن کان نه ٿا ڊڄون ۔اسان ڪڏهنگوليون بمن کان ناهيون ڊڳا اسان رت جي دريا ڏٺا آهن ۔ اڙي اوهان ته غداري جو اهو باب لکيو آهي جيڪو ڪنهن پهريان ڪنهن ناهي لکيو اوهان رت جي دريا جو سودو ڪيو آهي اوهان محترمه شهيد راڻي بينظير جي قاتلن سان ان جي رت جو سودو ڪيو آهي ڪالھ تا۔ين جن کي قوم اڳيان قاتل پيش ڪيو ڪُرسي خاطر اڄ انهن سان اتحاد ڪيو آهي۔ توهان قوم جي دشمنن کي قوم مٿان حڪومت بڻائي ڏني آهي ۔ ڪالھ جيڪي شهيدن جا قاتل ها سي اڄ اوهان جا يار آهنبس
يار ڍٽائي جي به ڪا حد ٿيندي آهي ۔ پوءِ اوهان ئي ٻڌايو۔۔۔۔۔۔
آهي نه ڪانءُ اڇو؟